• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اوچتو موت

جميل احمد

سينيئر رڪن
اوچتو موت
آئون گاڏي هلائي رهيو هوس،هو منهنجي ڀر ۾ اڳين سيٽ تي ويٺو هو،ته اوچتو ڪري پيو ۽ سندس نڪ مان رت وهڻ لڳو،گاڏي بيهاري هن کي سڌو ڪري اسرا يونيورسٽي هاسپيٽل پهتاسين ته ڊاڪٽرن ٻڌايو ته 15،20 منٽ پهرئين هن جو انتقال ٿي چڪو آهي .سائين!ڪجھ به ڪونه هوس،بلڪل ٺيڪ هو،رات جو 10 بجي ڌاري ڏسان ته ڇوڪرا گاڏي وٽ بيٺا آهن،پڇيومان ته ٻڌايائون ته ڪجھ به ڪونهي بس نياز حسين چئي ٿو ته سيني وٽ ٿورو سور ۽ ساڙو اٿم.

 
Back
Top