معصوم سانگهڙائي جي ياد ۾

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    معصوم سانگهڙائيءَ جي ياد ۾.....
    هن کي اسان کان وِڇڙئي يارنهن سال ٿيا آهن، پر هو دِلين مان يارنهن سيڪنڊ به دُور نه ٿيو آهي، حياتيءَ ۾ جيڪو هُنَ سان هڪ دفعو مليو، انهيءَ مٿان اهڙا منڊ منڊي ڇڏيائين، جو هُو رڳو هن جو نالو ورجائيندو رهيو، جنهن کي مائٽ ”مٺو“، آفيسر عبدالقادر، ۽ اديب توڙي ڌرتيءَ جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ کيس معصوم سانگهڙائيءَ جي
    نالي سان سڃاڻندا هئا. سندس ڪجهه همعصر اديب دوستن توڻي جو کيس صَلاح ڏني هئي ته هو حيدرآباد جا وَڻَ وسائي، جتي روز ادبي پروگرام به آهن ۽ گهڻا تڻا اديب به اُتي رهن ٿا پرهن انڪار ڪندي چيو ته، هن جي هتي جي دوستن جو ڇا ٿيندو، هو جهول ۽ سانگهڙ جي دوست کي ڇڏي نه ويندو، هن جو ڪُل سرمايو دوست هئا، جنهن هن جي دوست جي عزت نه ڪئي، هو به ان جي عزت نه ڪندو هو، سندس حلقي ۾ ويهندڙ سڀني جا ڏُک، درد ۽ خوشيون هن جون هيون، جهول شهر جا رهواسي کيس ساري اڄ به روئي پوندا آهن ۽ چوندا آهن ته، جيڪڏهن هُو نه هجي ها ته، اڄ هو روزگار لاءِ به پريشان هجن ها، ڇو ته هو اڻپڙهيل هئا، معصوم کين صرف پڙهڻ تي ئي نه اُتساهيو پر ان ۾ مدد به
    ڪئي. جهول جون ادبي تنظيمون به هن سان گڏ زنده هيون، فقيري حال هوندي به هن ڪڏهن به ڪنهن سائل کي خالي هٿين نه موڪليو، هر هڪ جي مدد ڪري خوش ٿيندڙ پاڻ ڀلي تڪيلف ۾ هجي پر ٻيا خوش هجن. هن جي ويئي پڄاڻان جهول هاءِ اسڪول جا ڪجهه اُستاد اسڪائوٽ سان گڏ ملڪ جي اترئين علائقي خيبر پختونخوا جي مارڪيٽ ۾ خريداريءَ لاءِ ويا، هڪ دُڪان تي چڙهي جڏهن اُنهن خريداري ڪئي ۽ دُڪاندار پڇيو ته، ڪٿان آيا آهيو؟ انهن وراڻيو جهول ضلعي سانگهڙ کان، دُڪان جي پٺاڻ مالڪ انهن کي چيو ته، جهول مان هُن جو هڪ دوست معصوم سانگهڙائي اڳ ايندو رهيو هو، هاڻ ڪو نه ٿو اچي ڪٿي آهي؟! اُستادن دڪاندار کي چيو ته، هُو هن فاني دُنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اهڙو جواب ٻڌي پٺاڻ اُڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. استادن موجب هو جيترو وقت دڪان ته هئا ته اهو پٺاڻ روئندو رهيو. هڪ دفعي حيدرآباد جي صدر جي علائقي ۾ هڪ دڪان تان سامان وٺڻ لاءِ معصوم سانگهڙائيءَ سان گڏ ويٺو هئس، ته هڪ تقريبن ڏهن سالن جي نياڻيءَ جي هٿن ۾ اڳٺ وِجهڻيون هيون ۽ ان چيو چاچا! هي وٺو ٿا، ڏهن رپين جي آهي، معصوم سانگهڙائيءَ چيو ته، پٽ تنهنجي هٿن ۾ گهڻيون آهن؟ ائين 10 اڳٺ وجهڻيون وٺي سئو روپيا ڇوڪريءَ کي ڏنائين، ڇوڪري دڪان تان لهي وئي ۽ معصوم سانگهڙائيءَ جي اکين مان ڳوڙها زارو قطار وهڻ لڳا. منهنجي پُڇڻ تي چيائين ته، هن نياڻيءَ جي ڄمار اسڪول وڃڻ جيتري آهي، ڪنهن مجبوري سبب هيءَ فُوٽ پاٿ تي شيون کپائي رهي آهي. هو محبتون ورهائيندڙ ۽ نفرتون گهٽائيندڙ انسان هو، اهو ئي سبب آهي، جو جهول ۾ سندس گهر ۾ ٺهيل هڪ اوطاق نما ڪمرو هميشه هن سان محبت ڪندڙ ماڻهن سان ڀريل هوندو هو ۽ جڏهن دوستن جي تعداد ڪمري کان وڌي ويندي هئي ته هو سڀني دوستن کي ساڻ ڪري مير الله بخش پبلڪ لائبريريءَ ۾ اچي ديرو ڄمائيندو هو. معصوم سانگهڙائي راڳ جو وڏو پارکو ۽ دل سان ٻڌندڙ هو، سندس ادبي پورهيو به سندس شخصيت کان گهٽ نه آهي، اڄ به ڇهن مجموعن جيتري شاعري هن جي خاندان وٽ سانڍيل ۽ هڪ شاعريءَ جو مجموعو ”انتطار جي موسم“ مارڪيٽ ۾ موجود آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ قاري اها راءِ ضرور ڏيندا، ته معصوم سانگهڙائي سنڌ جو ۽ سنڌي شاعريءَ جي غزل، گيت ۽ نظم جو خوبصورت شاعر آهي. هو 16 جولاءِ 2002ع تي دل جي باءِ پاس آپريشن دوران هن فاني دنيا مان پنهنجي چاهيندڙن، محبت ڪندڙن کي روئندو ڇڏي، هن فاني دنيا مان هليو ويو، پر هو هميشه پنهنجي چاهيندڙن، محبت ڪندڙن، دوستن، اديبن، شاعرن ۽ هر اهلِ وطن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو.

    غلام عباس لسڪاڻي/جهول
    روزانه ڪاوش تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو