جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
افسوس نيڻ تنهنجا مونکي نه پنهنجو ڪن ٿا
مون ڏانهن ايندي تنهنجا رُڪجي قدم وڃن ٿا
وقتن جي وهڪُرن ۾ اُڇليندو آيو آهين
ان ڳالھ جي گواهي نيڻن جا لڙڪ ڏين ٿا
پنهنجن کي ماري پنهنجا اڳ ڇانوَ ها سٽيندا
اڄ بي رحم ٿي تن کي اُس ۾ کڻي سٽن ٿا
هڪ سڪ ۽ وري جو ڇڪ ساھ کي هُجي ڀي
يادن جا پل پهر پو ڏاڍو ڏکيو ڇڏن ٿا
هو ڏس الان فلاڻي پٽ پئي کي وڌو ماري
خبرون ڪنين پون ٿيون هي ڏوھ ڀي ڏڪن ٿا
تنهنجي ستم جي هوندي پو ڀي نه ٿا هي روئن
هي نيڻ منهنجا تنهنجو ڪيڏو ڀرم رکن ٿا
هي در دريون ڀي ساڳيون هي گهر گهٽيون ڀي ساڳيون
پو ڀي نه پيرتنهنجا منهنجي اڱڻ اچن ٿا
جاويد نواز
افسوس نيڻ تنهنجا مونکي نه پنهنجو ڪن ٿا
مون ڏانهن ايندي تنهنجا رُڪجي قدم وڃن ٿا
وقتن جي وهڪُرن ۾ اُڇليندو آيو آهين
ان ڳالھ جي گواهي نيڻن جا لڙڪ ڏين ٿا
پنهنجن کي ماري پنهنجا اڳ ڇانوَ ها سٽيندا
اڄ بي رحم ٿي تن کي اُس ۾ کڻي سٽن ٿا
هڪ سڪ ۽ وري جو ڇڪ ساھ کي هُجي ڀي
يادن جا پل پهر پو ڏاڍو ڏکيو ڇڏن ٿا
هو ڏس الان فلاڻي پٽ پئي کي وڌو ماري
خبرون ڪنين پون ٿيون هي ڏوھ ڀي ڏڪن ٿا
تنهنجي ستم جي هوندي پو ڀي نه ٿا هي روئن
هي نيڻ منهنجا تنهنجو ڪيڏو ڀرم رکن ٿا
هي در دريون ڀي ساڳيون هي گهر گهٽيون ڀي ساڳيون
پو ڀي نه پيرتنهنجا منهنجي اڱڻ اچن ٿا
جاويد نواز