نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوستو ڪالهه کان سنڌ جي سرموڙ صوفي شاهه عنايت شهيد جو ساليانو عرس ضلعي ٺٽي جي شهر جهوڪ (ميران پور) ۾ ملهايو پيو وڃي۔۔۔۔۔۔۔ ان سلسلي ۾ هڪڙو ننڍڙو مضمون ۽ صوفي شاهه عنايت کي ڀيٽا ڪيل شاعري اسان جي کاهوڙي شاعر دوست محترم مشڪور ڦلڪارو کان مليا آهن۔۔۔۔۔۔ دوستو جيئن ته صوفي شاهه عنايت شهيد جي سموري زندگي، انسان ذات جي ڀلي لاءِ گُذري، خاص ڪري سنڌ جي هارين کي سُجاڳيءَ جو درس ڏنو ۔ بهادر ٿي سنڌ جي ڦورو قوتن سان مهاڏو اٽڪايو۔ پيش آهي سائين مشڪور ڦلڪارو جو مضمون۔۔۔
دنيا جو پهريون صوفي جنهن ” جو کيڙي سو کائي“ جو نعرو ساري دنيا ۾ روشناس ڪرايو، جهوڪ شريف (ميران پور) ضلعي ٺٽي ۾ دنيا جي پهرين هارِي ڪميون سسٽم جو بنياد وڌو، هي دنيا جو پهريون صوفي شوسلٽ صوفي هو، وقت جون ڦورو قوتون سندس خلاف ٿيون، پر سندس سرواڻي ۾ سنڌي هارين جِي فوج ملتان ، بکر ۽ٺٽي جي ٽن گورنرن جِي فوج جو ڇهن مهينن تائين مقابلو ڪيو۔ جهوڪ جي جنگ ۾ 30 هزار سنڌي سورما هاري ۽ هارياڻيون شهيد ٿيون۔۔۔۔۔آخر ڪار ٺٽي جي مغل نواب اعظم خان کيس امن جِي ڳالهين لاءِ گهرائِي دوکيءَ سان شهيد ڪرايو۔ شهيد ٿيڻ کان پهرين پاڻ پنهنجي قاتل جلاد کي چيو ته تون منهنجو قاتل ٿيندين، ان ڪري صوفي شاهه عنايت شهيد کيس اڳواٽ ڪجهه پيسا اجوري طور ڏنا، پاڻ شهادت وقت فارسيءَ جو مشهور شعر مُرڪي بُلند آواز ۾ چيو ته
هر سال 17، 18، 19، 20 صفر مهيني تي صوفي شاهه عنايت شهيد جو عرس تمام ڌام ڌوم سان جهوڪ شريف ضلع ٺٽو ۾ ملهايو ويندو آهي، پوري مُلڪ مان مختلف درگاهن جا صوفي اچي راڳ ڳائي کيس خراج تحسين پيش ڪندا آهن، سنڌ ۾ صوفين جو هي وڏي ۾ وڏو اجتماع هوندو آهي۔۔۔۔۔۔۔
صوفي شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو
از: مشڪور ڦلڪارو

سرقدم يار فدا شد چه بجا شد
اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد
ترجمون: يار (حق) جي راهه ۾ جي سر قربان ٿيو ته بهتر ٿيو، اهو تمام وڏو بار هو لٿو ته بهتر ٿيواين بار گران بود ادا شد چه بجا شد
هر سال 17، 18، 19، 20 صفر مهيني تي صوفي شاهه عنايت شهيد جو عرس تمام ڌام ڌوم سان جهوڪ شريف ضلع ٺٽو ۾ ملهايو ويندو آهي، پوري مُلڪ مان مختلف درگاهن جا صوفي اچي راڳ ڳائي کيس خراج تحسين پيش ڪندا آهن، سنڌ ۾ صوفين جو هي وڏي ۾ وڏو اجتماع هوندو آهي۔۔۔۔۔۔۔
سندن جنم 1065 هجري 1655ع
شهادت: 1130 هجري 1718ع
شهادت: 1130 هجري 1718ع
طريقت شاهه عنايت جي
طريقت شاهه عنايت جِي، جي سڀئي پاڻ سکون
ته کڻي ڪجهه وکون، ماڻيون پنهنجو آجپو۔۔۔۔
طريقت شاهه عنايت جِي جي سکي ٿيون سُڄاڻ،
ته پسون منجهه پاڻ وڏائي وجود جي۔۔۔!
طريقت شاهه عنايت جي جڏهن سمجهي جن،
تڏهن مرڪائي تن ، وڏائي وجود جي ۔۔۔۔!
طريقت شاهه عنايت جِي آهي منصوريء مام،
مَرِڪي تائين قيام، وڏائي وجود جِي۔۔۔!
طريقت شاهه عنايت جِي جو کيڙي سو کائي،
انهيءَ منجهه ئي آهي، وڏائي وجود جِي۔۔۔۔۔!
طريقت شاهه عنايت جِي انا الحق اعلان ،
آهي مٽيءَ سندو شان، وڏائي وجود جِي۔۔!
طريقت شاهه عنايت جِي هل ته سکون جهوڪ،
جتي وهي موڪ، ساگر سُر سنگيت جو۔۔۔۔۔!
طريقت شاهه عنايت جِي صورت کي سلام،
محبت سنڌي مام، وڏائي وجود جِي۔۔۔۔۔۔!
طريقت شاهه عنايت جِي ، جي سکي سڄي سنڌ
ته آجِي ڪري جند، ماڻيون پنهنجو آجپو۔۔۔۔!
طريقت شاهه عنايت جي،”مشڪور“ چوي سک،
ته ڏيهان ڏينهن ڏِکَ، ماڻي پنهنجو آجپو۔۔۔۔۔۔!

مزار شريف صوفي شاهه عنايت شهيد