راشد مورائي اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿو لڳين

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سجاد علي سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏17 جولائي 2013۔

  1. سجاد علي سومرو

    سجاد علي سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2012
    تحريرون:
    237
    ورتل پسنديدگيون:
    371
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    Shahdadkot
    اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿو لڳين

    راشد مورائي


    اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿو لڳين
    رات ڪاٿي هئين جو ٿڪل ٿو لڳين
    اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿولڳين

    سنڌ جو باشندو يا فلسطين جو
    پنهنجي ڌرتي تان بيدخل ٿو لڳين
    اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿولڳين

    شاھ جا اي رسالا چميو ٿو چمان
    ڄڻ ته محبوب منهنجي جو ڳل ٿو لڳين
    اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿولڳين

    توکي ڀيٽيان هماليه جبل ساڻ ٿو
    جو ارادن ۾ پنهنجي اٽل ٿو لڳين
    اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿولڳين

    اي حسن منڪرن کي تو ڪجھ به نه ڪيو
    عاشقن لاءِ جهڙو اجل ٿو لڳين
    اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿولڳين

    جنهن کي پڙهندي ئي بُت ۾ پون سيانڊڙا
    سچ ته “راشد” جو اهڙو غزل ٿو لڳين
    اڄ وري ڇو ڀلا منهن لٿل ٿو لڳين
    رات ڪاٿي هئين جو ٿڪل ٿو لڳين
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو