• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نامور اديب طارق عالم ابڙي جي ٻي ورسي

رياضت ٻرڙو

سينيئر رڪن
نامور اديب طارق عالم ابڙي جي ٻي ورسي سنڌي ادبي سنگت قنبر پاران ملهائي وئي۔
سنڌ جي نامور اديب، شاعر، ايڊيٽر، مصور، ناول نگار ۽ ڪالم نويس طارق عالم ابڙي جي ٻي ورسي سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ پاران، 14 جولاءِ تي، ڀائو درمحمد ٻرڙو پبلڪ لائبريري ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت مشهور شاعر قمرالدين قمر ڪئي.
ورسي تقريب ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي ضلعي رابطا سيڪريٽري ڀائو درمحمد ٻرڙي چيو ته اسان جي خوش نصيبي آهي ته طارق عالم اسان جي شهر قنبر جو هو. طارق جون لکڻيون ڏکايل ماڻهن لاءِ آهن. هُو لفظن جي سگهه کان واقف هو. هن بهترين ناول لکيو ۽ هو معتبر ليکڪ هو. منهنجون ساڻس ڄامشوري ۾ ڪيئي ڪچهريون ٿيون.
س.ا.س قنبر جي سيڪريٽري رياضت ٻرڙي چيو ته طارق عالم جنهن ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو ان جو سڄيءَ سنڌ ۾ مانُ آهي، پر ان سان گڏ سندس ڀائر به خاص طور اسان جي شهر قنبر لاءِ به بيحد مانائتا آهن. طارق جو والد سائين محمد عالم پنهنجي مصوريءَ سبب مشهور شخصيت هو ۽ طارق جا ڀائر پڻ پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ مڃتا رکن ٿا. هن چيو ته طارق عالم جي تحريرن ۾ تمام سٺي منظرنگاري ۽ ماحول جي عڪاسي آهي. هو برجستو ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ڪالم نگار هو. هن جون ڪهاڻيون وڏيءَ اهميت واريون ۽ وڻندڙ آهن، جن ۾ انفراديت سمايل آهي.
رياضت ٻرڙي ان موقعي تي طارق عالم جي شاعريءَ مان سندس ٻه غزل به ٻڌايا جن کي ٻڌندڙن بيحد پسند ڪيو.
مضمون نويس ۽ آرٽسٽ خادم رند تاثر ڏيندي چيو ته طارق عالم سنڌ جي وڏن اديبن مان هڪ هو. هُو اديبن جي ان لَڏي مان هو جيڪي پنهنجيءَ مرضيءَ موجب لکڻ چاهيندا آهن. هن ۾ لکڻ جو وڏو ڏانءُ هو. هن پنهنجي اندر جي ڪيفيت ماڻهن تائين پهچائي.
س.ا.س قنبر جي جوائنٽ سيڪريٽري بشير آچي چيو ته طارق عالم ابڙو قدآور شخصيت جو مالڪ هو. اسان قنبر واسين کي مٿس فخر آهي. اسان کي سندس تحريرون ڌيان سان پڙهڻ گھرجن.
صدارتي خطاب ۾ قمرالدين قمر چيو ته اها اسان جي بدقسمتي آهي ته اسان جي سماج ۾ اديبن کي اها حيثيت مليل ناهي جيڪا کين حاصل هئڻ گھرجي. اسان کي ڏک آهي ته طارق عالم سان به ايئن ٿيو. هُو هڪ وڏو آرٽسٽ، ناول نويس، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ مصور هو. اسان کي هُو سدائين ياد رهندو.
ڪاروائي سيڪريٽري رياضت ٻرڙي هلائي.
 
Back
Top