سون سريڪا هٿڙاشوڪت لوهارزندگي به پيانو جي ڪي بورڊ جيان آهي، جنهن تي آڱريون رکندي ئي عجيب ڪيفيتن وارا سر ڇڙي پون ٿا. ساڳي ريت زندگي پوپٽن جي پٺ تي پينٽ ٿيل فطرت طرفان هڪ خوبصورت موهه پيدا ڪندڙ رنگن جو ڪو گلدستو آهي انهيءَ سان گڏ هي زندگي ماکي گلاس ۾ ڪريل ڪو ڪِول جو لاشو به ته آهي. هي زندگي روڊ تي پٿر ڪٽندڙ مزدور جي هٿ جي ڇيڻي ۽ مترڪي به ته آهي. زندگي مون کي ڪڏهن ڪڏهن ڪوريئڙي جو ڄار محسوس ٿيندي آهي ڪڏهن ڪڏهن جڳ مشهور ڊراما نگار شيڪسپيئر جو لافاني سٽون بڻجي سامهون اچي بيهندي آهي ته: Life a breaf candle a poor player that frets and struts hour upon a stage and heard no more in that is life, it is a tale told by and idot full of sound and funny signifying nothing. واقعي ڪڏهن ڪڏهن زندگي سڀئي شيون هوندي به ماڻهو ۾ موهه وڃائي ويهندي آهي. معاشرو عجيب ريتن رسمن ۾ ٻڌل، سماجي سنگهرن ۾ جڪڙيل ساهه، سياسي رانديگرن جي پيرن ۾ فٽ بال بڻيل ماڻهو جو ماس ڪڏهن ڪڏهن هن هڻ هڻان کان پناهه ڳولڻ چاهيندو آهي ۽ اهو پناهه گر منهنجي نظر ۾ صرف ۽ صرف شاعري ۾ آهي. شاعري هن وٺ وٺان واري زندگي ۾ ڪجهه به هوندي سڀ ڪجهه آهي. ڀلي معاشيات وارا دليلن جا دٻا بڻجي پون، ڀلي ميڊيڪل وارا شاعري کي وقت جو زيان سمجهن، ڀلي انجنيئرنگ وارا شاعري کي توانائي جو زيان چون پر پوءِ به ميٿوآرنلڊ جي لفظن ۾ Poetry at its bottom is the criticism of life شاعري تي ڇيڪ رکڻ جو نانءُ آهي. شاعري ۾ ماڻهو جو شعور هڪ عجيب اڏام کٽولي تي سوار ٿي وڃي ٿو. شاعري اسان جي پنجن ئي حواسن کي ترو تازا ۽ توانو ڪري ڇڏي ٿي. ويٺي ويٺي ڪنهن گيت تي، ڪنهن لوري تي ڪنهن آلاپ تي، آڱرين ۾ هڪ عجيب جنبش اچي وڃي ٿي ۽ دل جي ڌڙڪنن ۾ کنوڻ جا تجلا ۽ گرجدار گجگوڙ محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. ان وقت ماڻهو پنهنجي وجود Beings کي Discover ڪندي محسوس ڪري ٿي. شاعري سڀني علمن جي ماءُ آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪيڏا به ڇال ڏيئي پر انساني حس جمال Aesthetic sense لاءِ رنگ، خوشبو، شاعري هڪ Alixier جيان آهي. سونهن سوڀيا لاءِ هڪ ڪٿا ياد اچي پيئي ته ”پارو ڪڍندڙ ماڻهو کاڻين مان جڏهن پارو ڪڍڻ لاءِ بيحد بيچين ٿيا ۽ انهن وٽ اهڙي ڪا به شيءِ نه هئي جيڪا ههڙي وزني ڌاتو کي ٻاهر ڪڍي سگهي ان وقت هڪ سندر نار پنهنجا سندر ذلف وکيريا ۽ پارو خود بخود اونهي کوهه مان ٻاهر نڪري آيو.“ شاعري جو ديس ماڻهن جي ڏکن ماڻهن جي سکن، لڙڪن ۽ ٽهڪن جو هڪ حسناڪين ڀريو عجيب ميلاپ هجي ٿو جنهن سان انسان فطرت جي اهم ۽ ناگزير شين تي عبور حاصل ڪئي آهي. شاعري ماڻهو جي دل کي شيهي جيان مضبوط بڻائي ٿي. شاعري هڪ اهم ميڊيم آهي ظلم سان ٽڪراءُ جو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کي للڪار جو. شاعر قومن جا سونهان ٿين ٿا. هو قومن لاءِ هڪ روشن واٽ هوندا آهن، شاعر قومن لاءِ هڪ راهه هوندا آهن، هڪ گس هوندا آهن. ڪاميابي جي خوشي جي خطرن کان آگاهي جي چرچل لکيو آهي ته ”منهنجي ديس جي مٿان جڏهن به ڌارين جي ڪاهه جا ڪڪر منڊلائيندا آهن ته آئون سڀ کان پهرين پنهنجي ديس جي شاعرن سان رجوع ڪندو آهيان، هو ئي سنئين واٽ ٻڌائيندا آهن جنهن سان ديس جي سک ۽ سلامتي جو سامان مهيا ٿي سگهندو آهي.“ ادبي کيتر ۾ شاعري جو مان تمام گهڻو مٿانهون آهي. شاعري اظهار جو نفيس ۽ حسين ترين ذريعو آهي. شاعري لاءِ آئون انگريزي شاعر وليم بليڪ جا هي لفظ ڪم آڻيندس ته: Poetry fettered the human race شاعري انسان ذات کي آزادي جي نويد بخشي ان جي پيرن جي ٻيڙين لاءِ ٻيڙيون بڻجي پوي ٿي. جيئن ٽئگور بنگالي ٻولي لاءِ ڪوي ڪاليداس هندي ٻولي لاءِ شيڪسپيئر انگريزي لاءِ گوئٽي جرمن لاءِ، هومر يونان لاءِ غالب اردو لاءِ ۽ لطيف سنڌي لاءِ هڪ لوهي ڪوٽ هڪ اونهي سمنڊ جي حيثيت رکن ٿا، جن جي ڪيل ڪم کي سڄي زندگي به جيڪڏهن کوليو وڃي پرکيو وڃي تڏهن به اهي هر دفعي هڪ نئين اُمنگ۽ نئين جادو ئي سحر سان سامهون ايندا آهن. ڪلاس چئبو ئي انهيءَ کي آهي جيڪا شيءِ پنهنجي ڳر Content ۾ اعليٰ هجي. موجوده حالتن جي مهندار هجي ماضي جي مڪمل تجربيت سان ڀرپور ۽ مستقبل لاءِ سونهين اها شاعري ئي ڪلاسڪ چئبي آهي. سنڌي ٻولي ۾ شيخ اياز هڪ اهڙي ڌارا جو نالو آهي جيڪا پاڻ ۾ ڪيئي وسعتون سموئي هلي ٿي. شيخ اياز لطيف کان پوءِ هڪ اهم Phenomena هڪ اهم شاعري جو معجزو آهي ڀلا ڀاڳ سنڌي ٻولي جا جو شيخ اياز جهڙو مهمان ڪوي سندس جهول پيو. آئون تقريبن نائين ڪلاس ۾پڙهندو هئس جو هڪ دوست هٿان شيخ اياز جو ڪتاب ”وڄون وسڻ آيون“ پڙهڻ لاءِ مليو هو. ڪيترائي ڏينهن ان جي بيتن، ان جي غزلن، ان جي واين کي پڙهي وري پڙهندو هئس پر هڪ اکر به سمجهه ڪو نه ايندو هو پر تنهن هوندي به شاعري ۾ موجود ڪا اهڙي مقناطيست هئي جيڪا جڪڙي رکندي هئي، ڪو اهڙو ترنم هو جيڪو دل ۾ ڪنڊي هڻي ڇڏيندو هو ۽ دل ۾ چارڻ جا چنگ پيا وڄندا هئا. پر پوءِ شعور جي نيري ندي جي ويجهو اچڻ کان پوءِ جڏهن ”گيت اڃايل مورن جا“ پڙهندو آهيان ته ائين لڳندو آهي ڄڻ ڪو سندر ناري پنهنجي نازڪ هٿن سان پيانو وڄائيندي هجي. جڏهن ”هي سين نه ڏيندي چين“ اکين مان گذرندو آهي تڏهن لڳندو آهي ته هڪ گيدي ماڻهو دودو ڪيئن بڻجي پوندو آهي. جڏهن سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو پڙهندو آهيان ته سمجهه ۾ اچي ويندو آهي ته روپلو ڪولهي ڪيڏي وڏي همت ۽ جرئت وارو ٿي ٿو سگهي. لطيف سائين جنهن دور ۾ ڄائو اهو وقت هو جڏهن تمام سٺي شاعري ٿي چڪي هئي. وقت جي لحاظ کان لطيف هڪ آرامده زندگي گذاري ها ۽ وندر واري ڪا شاعري ڪري ها پر شاعر Harbinger ٿيندا آهن انهن کي اهو ادراڪ هوندو آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيڻو آهي. لطيف کي به خبر هئي ته هن قوم کي اڳتي هلي ڪهڙين بلائن کي منهن ڏيڻو آهي سو هن پنهنجي هڪ هڪ سٽ ۾ هڪ هڪ بيت ۾ اسان لاءِ پوري انسانذات لاءِ مقصديت ۽ زندگي جي تجربيت جا اهڙا سبق اُڪري ڇڏيا آهن جيڪي تلخي جي آخري حد جهڙا ٽوهه جو وهه لڳن ٿا ۽ زندگي جي چلولائپ ۾ پتاشت مٿان هاريل مٺي ماکي مثل آهن. ساڳي ريت شيخ اياز پنهنجي دور ۾ ون يونٽ ضيائي مارشل لاءِ جيل جا عقوبت خانا ڏنا. هن مزدور جو رت وهندي ڏٺو. هن سنڌ کي بگهڙن وات ۾ هرڻي جيان چيچاڙ جندي ڏٺو. هڪ ڪوي هڪ ڏات ڌڻي پنهنجي ڏات ذريعي ئي رسپانس ڪري سگهي ٿو، جيڪو جنهن انداز ۾ اياز ڪيو اهو شايد ئي ڪو ٻيو ڪري سگهي. شيخ اياز جي شاعري مونا ليزا جي مرڪ جيان پنهنجي اندر ۾ مُرڪ جو اهو آخري شيڊ جيڪو ڊونچي کان ڪهڙي ڪيفيت به لڳي ويو، اهو متان کيس به خبر نه هجي، جيان تمام گهڻا پاسا آهن هن جي هر هڪ زاويي هر هڪ اينگل تي اڃا تمام گهڻو ڪم ٿيڻو آهي آئون هتي اياز جو پورهيتن بابت تصور ۽ انهن جي اهميت بابت ڪجهه واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس. شيخ اياز سامهون هڪ رازو، هڪ واڍو هڪ لوهار هڪ ڦٽيون چونڊيندڙ ڳوٺاڻي نار ڪيئن ڀاسجن ٿا. هن جي شاعري ۾، هنن تاج محلن، ديوار ين، مصر جي اهرامن جي اڏيندڙن لاءِ ڪهڙو ساهس آهي. اياز مزدور لاءِ، پورهيت لاءِ ڪيئن React ڪري ٿو هي شعر ڏسو: ”مزدور مل ٻاهران، ڪئي جو هڙتال لٺيون وٺيون مينهن جيان، ڪريا ڌرتي لال ڪيا ڪجهه سوال، مون کي گهوري گورڪي.“ استحصالي قوتن وٽ اڄ به پورهيت طبقو قيد آهي ۽ پنهنجي بقا جي جنگ پيو وڙهي ۽ ان ويڙهه ۾ جيڪي ظلم ۽ ستم هو پنهنجي هينئن تي هو سهي ٿو اياز کي ان کي پورو پورو ادراڪ آهي ۽ مشهور روسي ناول نگار ميڪسم گورڪي کي حوالي طور ڪم آڻي هو پنهنجي ڳالهه کي امر ڪري ڇڏي ٿو. شيخ اياز پورهيت جي درد کي پنهنجو درد ۽ ديس جو مجموعي درد سمجهي ٿو. چمني مٿان چنڊ موهي ماڻهو هينئڙو سمي پيو سونهن سان مل کان ٻاهر منڊ اندر جيئڻ جنڊ، پيهين پورهيت هڏڙا. سرمائيداري نظام جيڪو دنيا جي لاءِ هڪ جنڊ مثل آهي ۽ اهو انساني خوشين جو خون ڪري ٿو ۽ صبح کان شام تائين هڪ مزدور پنهنجي زندگي صرف بکئي پيٽ لاءِ پوري ڪري ڇڏي ٿو. ڌرتي جو عظيم شاعر شيخ اياز پورهيتن سان مخاطب ٿيندي چئي ٿو ته: ”آئون اوهان سان آهيان دُکي انسانو جيسين ڊهي نه ڍير ٿيئي ظالم زمانو ڪونڌر ڪسانو پيڙهيو پيڙهيل پوريهتو.“ شيخ اياز هڪ انسان آهي جيڪو هڪ مقرر وقت کان پوءِ پنهنجو وارو نڀائي هليو وڃڻو آهي پر هڪ شاعر جو شعور ان جو عظيم عزم پورهيتن کي پڪ ڏياري ٿو ته جيستائين معنيٰ خبر ناهي ٽائيم ۽ اسپيس جي ڪا حد تائين، ظلم جي ختم ٿيڻ تائين، خوشين جي موٽ تائين سرنهن ڦلار جي هٻڪار تائين، ڄابي جي گنين جي ڳار تائين، يس جي روپهري نار جي سينگار تائين جيستائين ظلم ختم نٿو ٿئي تيستائين هو وصلي جي صورت۾ هو همت جي صورت ۾ هو ڄمي بيهڻ جي صورت ۾ هو ظلم سهڻ جي صورت ۾ ظلم خلاف مزاحمت جي صورت ۾ پورهيت سان مزدور سان هميشه ٻٽ آهي ساڻ آهي ان جي ڀاڪرن ۾ آهي. اياز جي خوبصورت پورهيتي پورٽرئيل ۾ ڪيڏو نه اهم ۽ شانائتو سِڪن جي کڙڪڻ جهڙو من چلو آواز آهي هڪ گونج آهي جيڪا اڳتي وڌڻ جو سبق ڏيئي ٿي. اياز آڳڙين لاءِ چئي ٿو: ڪُٽي ڪُٽي ڪَٽ، رڪ ڪيائون پڌرو، ڪير لهارن مٽ، اڳ نه اهڙا آڳڙيا. اڳتي هو چئي ٿو: اڳ نه اهڙا مون ڏٺا، ڏنوڻي مٿان ڌڱ، لوهي جهڙا لڱ، اکين آڳ اڱار جي. شاعري جو آسان انسان جي خالص داخلي ڪيفيتن جو مظهر هوندو آهي. شاعري لاءِ انگريز شاعر P.B شيلي چئي ٿو: “poetry is the record of the best and happiest moments of the happiest and best minds.” شيخ اياز پنهنجي شاعري ۾ عورت جي درد کي به ڪو نه وساريو آهي. عورت جيڪا اسان جي معاشري ۾ اڃا تائين جائيداد واري حيثيت کان مٿي ڪو نه وڌي سگهي ٿي. نام نهاد Liberty کي عورت جي مڪمل مڪتي نٿا چئي سگهون. اڄ به عورت پورهيت بڻجي بٺن تي ڪم ڪري ٿي. پوک ڪري ٿي، گهر ٻار سڀ پورهيو ڪري ٿي پر تنهن هوندي به ملالا، لالي، نسيما ۽ ڪئين انيڪ نالن ۾ مردن جي ظلم جو شڪار ٿئي ٿي. اياز پورهيت عورت جو ڪيڏو نه خوبصورت پوٽريٽ ٺاهيوآهي: مهري مٿان هٿ، لٿي اُس آکاڙجي، پگهر ڦڙو نرڙ تان لهي پڳو نٿ، موتي ڪهڙي وٿ، ان ۾ مهڪ نه مُنڌ جي. ٻي هنڌ چئي ٿو ته: هو جي سڱن وانگيان، ٻٽا چوٽا ڪن، ٻيجا کڻي باک ۾، ٻنين ۾ ٻهڪن، پريان ڄڻ ته لڳن، پنن ٽاريون مينهن ۾. اياز سرڪاڀائتي عورت جي پورهيي جي عظمت ۽ شان ۾ چئي ٿو ته: سون سريڪا هٿڙا، گهرن ٿا انصاف، جي تو سچ صراف، ڦورو ڦول ته مان وڃان. هي عظيم شاعر ڌرتي جي هر هڪ شيءِ جو ادراڪ رکي ٿو پورهيو هن لاءِ هڪ عظيم وٿ آهي پورهيو جيڪو سونهن آهي سوڀيا آهي، جنهن سان انسان پنهنجي سک ۽ چين جو سامان تيارڪري ٿو. هي عظيم شاعر پورهيت جي پگهر جي خوشبو تي عاشق آهي ۽ هو پورهيت هو پورهيي دوران مرندڙ ۽ ڦٽجندڙ مزدور جي اڏولتا کي سرخ سلام پيش ڪري ٿو. پورهيو ڪري موت کي، جي تو ڪنايو، ڪيڏو سجايو، تنهنجو جيئڻ جڳ ۾. اڄ شيخ اياز کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، ان کي سارڻ جو ڏينهن هي عظيم شاعر پنهنجي عظيم ادبي پورهيي ذريعي سنڌي قوم کي خاص طور ۽ پوري انسانيت کي عوام طور جيڪو وٿ ڏيئي ويو آهي. پنهنجي شاعري جي صورت ۾ اهو يقين قابل ديد آهي. اياز جي شاعري اڃا ڪن پاتال ۾ پيئي آهي ان کي انٽر پريٽ ٿيڻو آهي ۽ دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿيڻو آهي. اياز تي تمام وڏي رسرچ جي ضرورت آهي. اياز جي شاعري کي اڃا اسان تي کُلڻو آهي. ان جي هڪ هڪ سٽ ۾ سنڌ جي کيتن جي خوشبو ۽ زندگي آرس ڀڃي اٿي ٿي. هڪ ته اسان وٽ تعليم بلڪل نه هجڻ برابر آهي جو اسين هاڻ ڪتاب تائين پهچ ڪتاب پڙهڻ، هي سڀ عمل روشن خيالي جا عمل آهن ۽ قرباني جا گهرجائو آهن. سنڌ ۾ تازو سيتا ۾ ٿيل واقعو ان ڳالهه جي کليل دليل آهي ته اسين جيڪي صوفي ازم ۽ عظيم مهمان نواز هجڻ جا جيڪي ميڊل پنهنجي ڳچي ۾ صدين کان ٻڌيو پيا هلون ۽ هر دفعي موهن جي دڙي ۽ مڪلي جي قبرن کي پنهنجي Internet sublime ۽ عظيم تهذيب جا وارث ٿا سمجهون، سو اڃا هڪ Myth کان وڌيڪ ڪجهه ناهيون. اڄ هن عظيم ڪوي جي ورسي جي موقعي تي اچو ته هڪ ٻيو جنم وٺون ۽ اهو ٻيو جنم صرف ۽ صرف ڪتاب جي ويجهڙائپ سان ئي ممڪن آهي.