ادا ڄام۔۔۔ حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ پلاٽن جي قيمت ايئن ٻڌائڻ ممڪن نه آهي۔ مختلف علائقن ۾ مختلف قيمتون آهن۔ هون به پلاٽ ڪٿي به وٺجي ان جي قيمت سندس ايراضي، لوڪيشن ۽ ايريا تي موجود ٻين سهولتن ( بجلي، پاڻي، گيس وغيره) تي ئي سندن قيمت جو تعين ڪيو ويندو آهي۔ ڪي پلاٽ ڪمرشل ته ڪي وري رهائشي پلاٽس به هوندا آهن۔ انهن جون قيمتون به وقت به وقت تبديل ٿينديون رهنديون آهن۔ (ٻين لفظن ۾ جيڪو جتي ڦاٿو۔۔!) مثال طور: قاسم آباد المصطفى ٽائون ۾ 120 گزرهائشي پلاٽ جي اڄ ڪلهه قيمت 25 کان 30 لکن تائين آهي۔ بهتر ٿيندو ته توهان ذاتي طور تي جنهن علائقي ۾ پلاٽ وٺڻ چاهيو ٿا اتي جي ٻن ٽن اسٽيٽ ايجنسين سان لهه وچڙ ۾ اچو۔