• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تو کي ڳولي ڇپر ۾

ڊاڪٽر قادر بخش منگسي

تو کي ڳولي ڇپر ڇپر ۾،
ڏينهن گذاريم ڏونگر ۾

ايئن وسي ٿي ياد ذهن تي ،
بوند وسي ٿي جيئن ٿر ۾

نوري تو لاءِ رڇ هٿن ۾،
ڪاله کنيا ها مون ڪينجھر ۾

ساري لوڪ کان تنهنجو ،
پڇندو آهيان پهر پهر ۾

ڪنهن جو ڪونڌر پٽ ڪسي ٿو،
آگ لڳي ٿي دل جي گهر ۾

ڪيڏو ارڏو ماڻهو آهي،
جهڙس ناهي ٻيو ڪو تر ۾.
 
جواب: تو کي ڳولي ڇپر ۾

سائين مگسي صاحب؛ سٺا خيال ۽ سهڻا لفظ آهن ۔۔۔

نـــــــــوري تـــــو لاءِ رڇ هٿــــــن ۾،
ڪاله کنيا ها مون ڪينجھر ۾۔​
عاشق، معشوق لئه رڇ ته ڇا سر تريءَ تي کڻي گهمندا آهن ۔۔۔

پڇ پتنگن کان سنديون کامڻ خبرون ۔۔۔

مٺا مگسي؛ اميد ته آئينده به اهڙي من موهڻي شاعري پڙهائيندا رهندا ۔۔۔ اسانجو هڪ ٻيو دوست مگسي پڻ سٺو شاعر آهي پر افسوس جو ڪيترن ڏينهن کان هن اوطاق تي اچڻ کان قاصر رهيو آهي ۔۔۔

sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top