جسماني ڌپ جسماني ڌپ اوهانجي رشتن ۾ انتها جو مسئلو پئدا ڪري سگهي ٿي ... جسماني ڌپ سبب اوهان پنهنجي ڪم واري جاءِ يا آفيس ۾ پڻ ماحول جي خراب ٿيڻ جو سبب ٿي سگهو ٿا ... ان جسماني ڌپ جي ختم ڪرڻ جو جيڪو عام طريقو سمجهيو ويندو آهي ته تمام گهڻو عطر استعمال ڪجي ... مختلف ڪريمون ۽ تيل لڳائجن وغيره وغيره ... پر اڄ آءُ اوهانکي ان کان مختلف ڪجهه ٻڌائڻ ٿو گهران!!! تيار ٿي وڃو پنهنجي جسماني ڌپ کي هميشه لئه خيرآباد چوڻ لئه ... جسماني ڌپ ڪنهن به وقت ڪنهن به شخص ۾ پئدا ٿي سگهي ٿي ... ممڪن بغلن جي ڌپ يا پيرن جي ڌپ، ڪڏهن ڪڏهن ته وارن مان به ڌپ ايندي آهي ... يا وري جسم تي ايندڙ پگهر مان پڻ ڌپ اچڻ شروع ٿي ويندي آهي ... اهو اهم آهي ته اوهان اها ڳالهه سمجهي وٺو ته آخر اها ڌپ ڇو ٿي ٿئي ۽ انکان ممڪن بچاءُ ڪيئن ڪري سگهجي ٿو بجاءِ انکي عطر هڻي وقتي طور ختم ڪجي ... جسم اندر موجود زهريات پگهر ذريعي ٻاهر نڪرندي آهي جنهن سبب ڌپ پئدا ٿيندي آهي ... يا وري ان جو سبب بغلن جي بيمار چمڙي ۾ جراثيمن جو پئدا ٿيڻ هوندو آهي، ڪجه دوائن کائڻ سان انهن دوائن جي زهريات پڻ پگهر ذريعي ٻاهر نڪري جسم ۾ ڌپ پئدا ڪندي آهي، ٿڪاوٽ ۽ پريشاني پڻ جسم ۾ ڌپ پئدا ٿيڻ جا ڪارڻ ٿي سگهنٿا ... تجرباتي طور اهو چئي سگهجي ٿو ته خراب ۽ اڻپورو کاڌو ۽ ٿڪاوٽ جسماني ڌپ جا بنيادي سبب ٿيندا آهن ... هرهڪ کي پگهر نڪرندو آهي، ۽ پگهر ضروري هوندو آهي جسم کي ٿڌي رکڻ لئه ۽ ٿڪاوٽ کي جهڪو ڪرڻ لاءِ ... اڄڪله جا باڊي لوشن ۽ عطر وقتي طور ته ڌپ ختم ڪندا آهن پر مورڳو ڪي بيماريون وڌائي ڇڏيندا آهن ... ۽ ڪجهه پائوڊر ته جسم جي پگهر پئدا ٿيڻ واري صلاحيت تي اثرانداز ٿيندا آهن ۽ کل جون بيماريون ڪري وجهندا آهن ... هيٺيان اپاءُ وٺي جسماني ڌپ تي سوڀ حاصل ڪري سگهجي ٿي؛ • ليمي جو رس، کنڊ ۽ ٿورڙو لوڻ وجهي انجو شربت ٺاهيو ... ڏينهن ۾ ٽي گلاس پيئو (جيڪڏهن مٺن پيشابن جي بيماري آهي ته کنڊ نه وجهو) ان شربت سان بدن مان زهرات خارج ٿي ويندا ... • ادرڪ واري چانهن کاڌي کان اڳ يا پوءِ پيئو، ان سان پگهر وارا جزا عمل ۾ رهندا آهن. • پنهنجي کاڌي مان گرم مصالن جو تعداد گهٽائي ڇڏيو، ڳاڙهو ۽ وڏو گوشت کائڻ گهٽايو، ميدي (اڇي اٽي) واري ماني نه کائو ۽ دٻن وارو کاڌو بند ڪريو ... سايون ڀاڄيون گهڻيون کائجن، تازو ميوو کائجي ۽ ڪچيون يا اٻاريل ڀاڄيون کائجن ... • ڪافي ۽ شراب پيئڻ بند ڪري ڇڏجي. کاڌي واريون تبديليون جسم تي تڪڙو اثر ڪري جسماني ڌپ تي اثرانداز ٿينديون، جسم هفتي يا ڏهن ڏينهن اندر ان کاڌي سبب تبديل ٿيندو ۽ بهتر خوشبو پئدا ڪندو ... زندگيءَ جي ان طريقي سان ۽ کاڌي جي تبديلين سان گڏ هيٺيان اپاءَ پڻ ڪارآمد ٿيندا؛ • صوف جي سرڪي ۾ ڪپهه جو ٻوڙا ٻوڙي بغلن ۾ گهمائجن ۽ پيرن جي ترين تي گهمائجن، ان سان اوهانجي بغلن، پيرن ۽ جسم جي ڪيميائي جزن ۾ فرق ٿيندو جنهن سبب جسم ۾ موجود جراثيم ختم ٿيندا ۽ جي ڪو ننڍو سنهو زخم هوندو ته ختم ٿيندو ۽ خراب ڌپ پڻ ختم ٿيندي ... • صوف جو سرڪو ليمي جي رس سان ملائي، شربت ٺاهي پيئجي جنهن سان پڻ جسم ۾ موجود زخمن ڇڏائڻ ۾ فائدو ٿيندو ۽ وٽامن سي Vitamin C پڻ کل کي ملندي. • وهنجڻ واري حوض ۾ گلاب جو پاڻي ملائي وهنججي، ان سان پڻ جسم ۾ ٿڌي مٺي خوشبو پئدا ٿيندي. • ٻٽالوءَ جا ڪٽيل ٽڪڙا جسم جي ان حصي تي گهمائجن جنهن جاءِ تي خراب ڌپ آهي ته فائدو ٿيندو. • وارن جي ڌپ ختم ڪرڻ لئه بالٽيءَ ۾ يا وهنجڻ واري حوض ۾ ليمي جو رس ملائي وهنججي، جنهن سان مٿي ۾ موجود ڌپ پئدا ڪندڙ جراثيم ختم ٿيندا. ليمي جي رس جسم ۽ کل جي ڪيميائي جزن کي برابر رکڻ ۾ مدد ڪندي آهي. • جيڪڏهن اوهانجي پيرن ۾ ڌپ آهي ته انجو پيغام اهو آهي ته اوهان پنهنجي کاڌي ۾ تبديلي ڪريو. ڪپڙي جا جورابا پائڻ شروع ڪيو ۽ ڏينهن ۾ ٻه دفعا بدلايو ته جيئن پيرن کي تازگي ملي ۽ چمڙي جا جوتا پائي سگهجن.. شام جو ننهن سوسڙي پاڻيءَ ۾ پيرن کي ٿوري دير لئه ڀڄائجي، ڪٽيل پٽاٽي کي کڙيءَ تي گهمائجي ته جيئن ڌپ ختم ٿئي ... جورابن پائڻ کان اڳ ٿورڙي بيڪنگ سوڊا ڇڙڪائجي، بيڪنگ سوڊا ڌپ ختم ڪرڻ ۾ مشهور ۽ فائديمند هوندي آهي... ٻين لفظن ۾ ته جسماني، ڌپ کاڌي جي تبديليءَ سان ۽ ڪجهه قدرتي جڙين ٻوٽين کي استعمال ڪرڻ وارن طريقن سان ختم ڪري سگهجي ٿي ...
جواب: جسماني ڌپ ماشاء الله سائين تمام سٺو نسخو سنگت سان شيئر ڪيو اٿئو ان مان اسان جا ڪافي دوستن جن جا مان نالا نه ٿو کڻان اهي فائدو حاصل ڪندا سدائين گڏ
جواب: جسماني ڌپ سائين قبلا تمام سٺو نسخه ٻڌايو اٿوَ الله توهان کي خوش رکي۔ ڪم جي شيء آهي ڪنهن وقت به هي نسخو ڪم اچي سگهي ٿو۔
جواب: جسماني ڌپ يار فقير! اهڙو ظلم نه ڪر دوستن جا نالا ٻڌاءِ ته احتياطن انهن دوستن سان ملڻ وقت پاڻ سان عطر کڻي وڃئون ۔۔۔؟؟؟ مهرباني ٿيندي اوهانجي ۔۔۔asul matt
جواب: جسماني ڌپ سائين مون جي ان پوسٽ کان پو۽ انهن دوستن مون ڏي اي ميل ، فون ڪري اصلي قسم ڏنان آهن ته اسان جو نالو نه کڻجا۽ سائين هاڻي مان زاهد کي سان واعدو ڪري ويٺو آهيان ته تون جو نالو مان نه کڻندس ، سائين هاڻي وڌيڪ توهان پاڻ سمجهو سدائين گڏ
جواب: جسماني ڌپ يار فقير، ادو زاهد هاڻ آفيسر ٿي ويو اٿئي، کيس کوڙ ساتريون عطر جون شيشون کيس تحفي ۾ ملنديون آهن، هاڻ اهو فقير زاهد ناهي، هاڻ آفيسر زاهد آهي ۔۔۔ خيال ڪجان متان چڙهي نه وڃئي سامهون ۔۔۔۔ محڪمي وارن کي چئي وٺي نه فقير مار ڊيوٽي ۔۔۔۔ !!!