• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 18 جولاءِ تاريخ جي دريءَ مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 18 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

18 جولاءِ 1911ع سياستدان آغا غلام نبي پٺاڻ (سلطان ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 جولاءِ 1927ع شهنشاھ غزل مهدي حسن جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 جولاءِ 1936ع سياسي اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ (پير ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 جولاءِ 1945ع شاعر ۽ ليکڪ الهجڙيو شاد (جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي.
18 جولاءِ 1948ع گلوڪار نانڪ چاولا (الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 جولاءِ 1953ع شاعر برڪت بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
18 جولاءِ 1982ع باليووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

18 جولاءِ 1967ع مذهبي عالم مولانا محمد علي شاھ جو لاڏاڻو ٿيو.
18 جولاءِ 1885ع قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزند شاهنواز ڀٽو کي فرانس ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو.
18 جولاءِ 2007ع شاعر مشتاق ڀرڳڙي جو انتقال ٿيو.
18 جولاءِ 2012ع باليووڊ اداڪار راجيش کنا ديهانت ڪري ويو.
18 جولاءِ 2021ع مشھور سياستدان ۽ سنڌ جو اڳوڻو وزير اعليٰ ممتاز علي ڀٽو لاڏاڻو ڪري ويو.
18 جولاءِ 2022ع ناميارو شاعر، محقق ۽ لطيف شناس سرمد چانديو لاڏاڻو ڪري ويو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top