• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پالو ڪوئلهو جي ناول “The Alchemist” جو مختصر تعارف ۽ انجي سنڌي ترجمي ۾ فني ڪوتاهيون! روزاني مهراڻ

faheemquest

سينيئر رڪن
پالو ڪوئلهو جي ناول “The Alchemist” جو مختصر تعارف ۽ انجي سنڌي ترجمي ۾ فني ڪوتاهيون!
علمي، ادبي ۽ روحاني مَنڊلين ۾ پالو ڪوئلهو کي جديد دور جو زندهه درويش ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ناولڪيمانگر The Alchemistپڙهڻ کانپوء واقعي ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاء محسوس نه ٿو ٿئي. هي ناول پُرتگالي ٻوليء مان انگريزيء ۾ ترجمو ٿيڻ کانپوء پوري دنيا ۾ مڃتا جي اوچائين تي پهچي ويو. گِنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ هن ڪتاب جو نالو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب جي طور تي شامل آهي. جنهن کانپوء اڄ تائين هي ڪتاب لڳ ڀڳ دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چُڪو آهي، ۽ ڏهن سالن تائين آمريڪا ۾ بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتاب جو خطاب پڻ ماڻي چڪو آهي. سندس ٻين ناولن ۾؛
Eleven Minutes, By the River Piedra I Sat Down and Wept, Veronika Decides to Die, The Winner Stands Alone, Manual of the Warrior of Light, The Zahir, The Devil and Miss Prym, TheFifth Mountain, The Witch of Portobello, The Valkyries, Like the Flowing River, آهن.Aleph, Brida,Life, Manuscript Found in Accra
هَينري مِلر واري ڳالهه ته،” الماڙيء ۾ رکيل ڪتابُ ناڪارا هٿيار وانگي آهي.“ سو منهنجي لاء هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو نا ممڪن هو ته باقي ڪتابن وانگي هن ڪتاب کي به يا ته اڌ قيمت ۾ وڪرو ڪري نئون ڪتاب خريد ڪجي ها يا وري ڪتابن جي الماڙيء ۾ سجائي رکي ڇڏجي ها. سو ٻه سال اڳ جڏهن هن ڪتاب کي پڙهڻ سان گڏوگڏ ترجمو ڪرڻ جو پڻ پڪو پهه ڪيم ته ذهن ۾ اها ئي ڳالهه هئي ته هن جهڙو ناياب ڪتاب اڃا تائين سنڌي ادب جو حصو ڇو نه بڻجي سگھيو آهي. هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ جو سبب منهنجي ان ڪيفيت ۾ وڃڻ جي ڪوشش پڻ هئي جنهن ڪيفيت ۾ اهو ڪتاب اصل ليکڪ لکيو آهي. ڪتاب جو ترجمو شروع ٿيو، پر بدقسمتي اها رهي ته صرف ڪجھ ئي صفحا ترجمو ڪرڻ کانپوء زماني جي لاهن چاڙهن جي ور چڙهي ويس، ۽ پورا ٻه سال اهو ڪتاب الماڙيء جي زينت بڻيو رهيو. ٻن سالن کانپوء ٻيهر ان ڪتاب پڙهڻ ۽ انکي ترجمو ڪرڻ جو شوق جاڳيو، ان جو سبب اهو هو ته هي اهو ڪتاب آهي جيڪو زندگيء جي ڀوڳنائن، ڪشالن ۽ تڪليفن کي سمجھڻ، انهن کي حل ڪرڻ ۽ انهن تي ثابت قدم رهڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. زندگيء جي چوواٽن ۾ ڀٽڪي ويل اهڙا ارواح جيڪي همت هاري ويٺا آهن ۽ پاڻ کي پنهنجي منزل ڳولڻ جي بدران زندگيء جي تيز وهڪري جي حوالي ڪري ڇڏيواٿن، انهن جي لاء هن ڪتاب ۾ رهنمائي آهي.
هن ڪتاب ۾ ليکڪ جي ڪاريگريء جو هڪ بهترين انداز اهو آهي ته هن خيالي دنيا (Fantasy World) کي حقيقي دنيا (Real World) سان جهڙي طرح مطابقت ۾ رکيو آهي ان جو مثال Fantasy ياFiction جي ڪنهن ٻئي ناول ۾ ورلي ملي ٿو. هونئن ته سڄو جو سڄو ڪتاب ڪنهن عجوبا کان گھٽ ناهي، اهو ئي سبب آهي جو ايترا سال گذرڻ کانپوء به ان ڪتاب جي ڇاپ پڙهندڙن جي دلين تي اُڪري چڪي آهي، سو هن ڪتاب جي هڪ اڌ جملي جو ترجمو پيش ڪندو هلجي، “ماڻهو چاهين ٿا ته اڳلو سندن مرضيء پٽاندڙ پاڻ ۾ تبديلي آڻي. پر جڏهن ڪو شخص سندن مرضيء تي نه ٿو هلي ته هو ڪاوڙجيو پون. هر ڪنهن کي اها چڱي ريت پروڙ آهي ته ٻين کي زندگي ڪيئن گذارڻ گھرجي، پر پنهنجي زندگي ڪيئن گذارجي اهو سوچڻ لاء ڪو به تيار ناهي.” هن ناول جو تَتُ يا اصل مقصد ۽ بنياد هن جملي تي رکيو ويو آهي ته، “ جڏهن توهان ڪنهن شيء جي خواهش ڪيو ٿا ته، سموري ڪائنات ان کي ماڻڻ جي منصوبي ۾ اوهانجي واهَرَ ڪري ٿي.”
هاڻ اچجي اصل ڳالهه تي، جنهن جي لاء قلم کڻڻ جي ضرورت پيش پئي. جڏهن هن ڪتاب جو سنڌيء ۾ ترجمو پورو ڪرڻ وارو هئس ته اها خبر ملي ته هي ڪتاب اڳ ۾ ئي هڪ جوڌي جوان پاران سنڌيء ۾ ترجمو ٿي ڇپجي به چڪو آهي. اها ڳالهه ٻڌي مونکي ڪا تڪليف ڪو صدمو نه رسيو، پر سَرَهو ٿيس ته سنڌي ادب ۾ جنهن ناياب ڪتاب جي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي سا هاڻ پوري ٿي. ان دوران ئي ان سنڌي ترجمي کي پڙهڻ جو موقعو مليو. پر اهو ترجمو پڙهندي مونکي اچرج به ٿيو ۽ مايوسي به ٿي. سنڌيڪار ڪتاب جي ڪردارن جا نالا مٽائڻ سان گڏو گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي فَني ڪوتاهيون ڪيو آهن، جن سان ڪتاب جي اصل روح تائين پهچڻ ناممڪن آهي.
انهن مان ڪجھ غلطين جي وضاحت هت ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان. هڪ ته ناول جي مکيه ڪردار جو نالو ناصر نه پر سانتياگو آهي، ٻيو ته سانتياگو جنهن بادشاهه سان مليو انجو نالو عبدالله نه پر مالڪي زيڊڪ هو. مالڪي زيڊڪ دراصل يهودين جي روحاني رهبرَ طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن کي عبدالله جو نالو ڏئي سنڌيڪار ڪهاڻيء جو پس منظر تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ ليکڪ جي ساک کي پڻ هاڃو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته هن ڪتاب کي اصل پُرتگالي ٻوليء مان انگريزي ٻوليء ۾ ترجمي ڪرڻ واري ايلن.آر.ڪليرڪ ڪتاب جي هڪ هڪ لفظ ۽ جُملي کي جيئن جو تيئن انگريزيء ۾ بيان ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي . ترجمي ڪرڻ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته اصلي ڪتاب ۾ بيان ڪيل حالتن، واقعن، جڳهين، ڪردارن کي سڌو سنئون ٻي ٻوليء ۾ منتقل ڪجي ته جيئن پڙهندڙن جي ذهن ۾ ڪتاب پڙهڻ کانپوء ان بابت ڪو حتمي نتيجو اخذ ڪرڻ کان پهريائين اهي سڀ شيون جيئين جو تيئن موجود هجن.
هڪ ٻي فَني غلطي جيڪا سنڌيڪار کان ٿي آهي، اها هن ريت آهي ته، ناول ۾ ٻن پٿرن (يُورِم ۽ ٿُومِم) جو ذڪر ٿيل آهي. عبراني ٻوليء ۾ يُورِم جو معنى آهي ‘روشني‘ ۽ ٿُومِم جي معنى آهي ‘ڪماليت’. يهودي عقيدن جي مطابق هنن پٿرن کي الهامي پٿر سمجھيو وڃي ٿو ۽ يهودي پادري (رَبي) خدا کان رهنمائي حاصل ڪرڻ لاء هنن جو استعمال ڪندا آهن. پر سنڌيڪار پنهنجي ترجمي ۾ انهن پٿرن کي اصل نالن جي بدران ياقوت ۽ مرجان ڪوٺيو آهي. جڏهن ته اصل ناول ۾ انهن پٿرن جو رنگ اڇو ۽ ڪارو آهي، ۽ ڪجھ تحقيق ڪرڻ کانپوء ان ڳالهه جي تصديق پڻ ٿي، پر سنڌيڪار جي ترجمي ۾ استعمال ٿيل ياقوت ته رنگ جو ڳاڙهو ٿئي ٿو.
ڪتاب جي نالي جي ترجمي ‘ڪيمياگر’ سان ڪو خاص اختلاف ناهي. پر، 1910 واري پرمانند ميوارام واري سنڌي لُغت جيڪا سنڌ جي علمي ۽ اَدبي وايي منڊل ۾ هڪ مُستَنَد سنڌي لُغت سمجھي وڃي ٿي ۽ انجو هڪ نُسخو بِرٽش ميوزيم ۾ پڻ رکيل آهي، ته اُن مطابق The Alchemist جي معنى ڪيمياگر نه پر ڪيمانگر آهي. تنهنڪري ڪيمانگر استعمال ڪرڻ سان ترجمي جي ساک قائم رهي سگھي ٿي.
اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي فَني غلطيون ڪتاب جي ترجمي ۾ موجود آهن جن سان ليکڪ جو اصل پيغام پڙهڻ وارن تائين صحيح نموني نه پهچي سگھيو آهي. ان ترجمي مان اهو پڻ واضح ٿئي ٿو ته مُترجم ناول جو اصل پيغام پڙهندڙن تائين رسائڻ جي بجاء پنهنجو سنڌي ٻوليء تي اُبور پيش ڪيو آهي.

هي سڀ ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد سنڌيڪار يا پبلشر جي ساک کي هاڃو رسائڻ بالڪل ناهي، پر انهن مڙني سنڌيڪار دوستن ۽ پبلشرز جي لاء هٿ ٻڌي هڪ فقيراڻو عرض آهي ته مهرباني ڪري ٻاهرئين ادب جا بهترين ۽ گھڻي کان گھڻا ڪتاب سنڌي ٻوليء ۾ آندا وڃن، ته جيئن سنڌ جي ادبي، علمي، سياسي، سماجي ۽ روحاني ميدانن ۾ رهجي ويل خالَ ڀري سگھجن، پر انهن ڪتابن جي ڇاپڻ کان اڳ انهن جي ٿيل ترجمي جي مڪمل جاچ پڙتال ۽ اصل ڪتاب سان پوري پوري ڀيٽا ڪئي وڃي ۽ ترجمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڦَير گھيرنه ڪئي وڃي ته جيئن اصل ليکڪ جي محنت اجائي نه وڃي. ٻيو ننڍڙو عرض انهن سنڌي نقاد دوستن کي به آهي ته مهرباني ڪري دوستي ياريء ۾ ونگار وهي هرو ڀرو پنهنجا قيمتي لفظ ضايع ڪرڻ کان چڱو آهي ته پنهنجي تنقيدي صلاحيتن جو گھيرو تنگ ۽ مضبوط رکيو وڃي ته جيئن پڙهندڙن کي ۽ سنڌ کي سٺي کان سٺا ليکڪ ۽ مترجم مهيا ٿي سگھن. ڇاڪاڻ جو سنڌي ادب کي هاڻ ڪوانٽٽي جي نه پر ڪوالٽيء جي ضرورت آهي۔
sindhi translation of the alchemist.jpg
 
اوهان جو تجزيو پڙهي خوشي ٿي ۽ ناول پڙهڻ لاء تجسس پڻ وڌيو آهي۔

ڪوتاهيون ضرور هونديون، ڇو ته مان ڪيئي ترجما پڙهيا آهن۔ ترجمي ڪرڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن جملن جي اصل روح کي ٻيء ٻوليء ۾ سمائي نه ٿو سگهجي۔
 
سنڌ سلامت تي هن ڪتاب بابت اڳ به هڪ موضوع جڙي چڪو آهي۔۔۔ ۽ توهان طرفان آندل هن ليک کان پوءِ ڪتاب جي اهميت جي سنڌ سلامت سٿ کي وڌيڪ خبر پوڻ سان گڏو گڏ ڪتاب کي پڙهڻ جو اشتياق به وڌيو هوندو۔۔۔
جڏهن مون سڀ کان پهريان هي ڪتاب انگريزي ۾ پڙهيو ته انتهائي شاندار لڳو۔۔۔ ان ڪتاب بابت هڪ دوست آفيسر سان ذڪر نڪتو ته هن چيو ته ساڳيو ڪتاب کيس وٽ اڙدو ۾ ترجمو ڪيل آهي۔۔۔ جڏهن اهو نظر مان گذاريم ته بهتر لڳو پر جيڪو مزو انگريزي ۾ لکيل لفظن جو هو اهو اچي نه سگهيو۔۔۔ هوئن به اڙدو جي مصنف شروعات ۾ مذهبي ڳالهين کي ايترو ته گهڻو لکيو آ جو بظاهر هي ڪو مذهبي ڪتاب پئي لڳو۔۔۔
مون کي اها خبر نه هئي ته هي ڪتاب سنڌي ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي۔۔۔ مون ته سوچيو پئي ته اسان جي پياري دوست عبدالحفيظ لغاري کي گذارش ڪريان ته هي ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪري جو سندس لکڻ جو انداز انتهائي شاندار آهي۔۔۔ جيئن ته مون هي ڪتاب سنڌي ۾ نه پڙهيو آهي ان ڪري وڌيڪ ڪجهه ته نه ٿو لکي سگهان۔۔ ها البته توهان طرفان اشارا ڪيل ڳالهين سان اتفاق ٿو ڪريان ته ٻڌايل ڪتاب جي ترجمي جي مڪمل جاچ پڙتال ڪئي وڃي ها ۽ ترجمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڦَير گھيرنه ڪئي وڃي ها ان سان اصل ليکڪ جي محنت به اجائي نه وڃي ها ۽ پڙهندڙن کي به ٻاهرين ادب کي سمجهڻ سولو لڳي ها۔۔۔.

آخر ۾ هڪ عرض ته ڇا هن ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو ملي سگهندو يا اسڪين ٿيل يا پي ڊي ايف جي ڪا ڪاپي انٽرنيٽ تي موجود آهي۔۔۔؟
ها البته جيڪي دوست هي ڪتاب سولي ٻولي ۾ پڙهڻ چاهيندا هجن ته ان ڪتاب جي اردو ورجن جي هڪ سافٽ ڪاپي مون وٽ موجود آهي۔۔ جيئن ته ڪتاب ڪاپي رائيٽڊ آهي ان ڪري پڙهڻ جا شوقين دوست ذاتي ڪچهري ۾ گذارش موڪلي سگهن ٿا۔۔۔
 
ذيشان صاحب وقت ڪڍي ڪالم پڙهڻ لاء مهرباني۔ هن ڪالم ۾ جنهن سنڌيڪار ڏانهن منهنجو اشارو آهي انجو نالو احرار يوسف آهي۔ ڪالم ۾ سندس نالي ۽ پبلشر جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه سمجھيم، پر هاڻي لڳي ٿو ته جيڪر سندس نالو وٺجي ها ته ٺيڪ رهي ها۔پبلشر آهي سنڌيڪا۔۔ پي ڊي ايف ۾ ته اهو ڪتاب مون وٽ ناهي۔ پنهنجو ترجمو پورو ڪرڻ کان پوء جڏهن هن ڪتاب جي باري ۾ خبر پئي ته پاڪستان مان خاص اهو ڪتاب گھرائي پڙهيو هئم۔ تنهن کانپوء پنهنجو ترجمو ٻن ٽن پبلشرز کي مٿئين ڪالم کي مهاڳ بڻائي موڪليم، پر ڪير به پبلش ڪرڻ لاء تيار ناهي۔چون ٿا ته اهو اڳ ۾ ترجمو ٿي پبلش ٿيل آهي سو ٻيهر پبلش ڪرڻ رسڪ آهي۔بهرحال مون به پنهنجو ترجمو ٺپي پاسي تي ڪري رکي ڇڏيو آهي۔
ڪاڇو پبليڪيشن وارا ته ماشاالله ايترا ته ڪو سياڻا آهن جو هنن مونکان پڇيو ته تون هن ترجمي کي ڪيئن ٿو ڇپرائين، تو وٽ ڪاپي رائٽ آهي؟ڏاڍي حيرت ٿي ته ٽرانسليٽرز وري ڪڏهن کان ڪاپي رائٽ وٺڻ لڳا؟مونکي سندن ڳالهه سمجھ ۾ نه آئي، ڪاپي رائٽ ته پبلشرز جو ڪم آهي نه؟ پوء الاء مونکي سمجھ ۾ ڳالهه ڪانه ٿي اچي۔۔ ٻي ڳالهه ته جيڪي به سنڌي توڙي اڙدو پبلشرز آهن انهن مان ڪير ڪاپي رائٽ وٺي ٻاهريان ڪتاب ڇاپي ٿو؟ ڪوهڪ پبلشر ته ڪير ٻڌائي؟ لاکون رپيا انجا ڪاپي رائٽ وٺڻ جا چارجز آهن۔ هارپر ڪولنز جي ويب سائٽ تي سندن ڪاپي رائٽ واري لسٽ ڏٺم ڪنهن به سنڌي پبلشر جو نالو ناهي، جڏهن ته ڪاڇو پبليڪيشن وارن چيو ته سنڌيڪا وٽ ڪاپي رائٽ آهي۔ افسوس آهي يار۔۔ هڪ ته چوري ٻي وري سينا زوري۔
خير سائين آرٽيڪل ۾ نشاندهي ڪيل ڪتاب ته اوهانکي مارڪيٽ مان ملي ويندو، پر جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي ترجمي پڙهڻ ۾ ڪا دلچسپي آهي ته مان پيش ڪري سگھان ٿو۔ لک لائق
 
مان چاهيندس ته اوهان جو ترجمو اوهان جي ئي نالي سان سنڌ سلامت ۽ انٽرنيٽ تي پيش ڪيون۔ صرف ڪمپوزنگ جو ڪم ڏکيو آهي۔ باقي ان کانپوء اوهان جي محنت به سڀني تائين پهچندي ۽ اسان ڪتاب به مفت ۾ سڀني سنڌين کي آنلائين ڪري ڏينداسين۔

وڌيڪ جيڪا اوهان ۽ دوستن جي صلاح هجي۔
 
مهرباني وساڻ صاحب لک لائق، ترجمو مون ڪمپوز ئي ورڊ ۾ ڪيو آهي۔ ڪٍجھ صفحا شروع۾ نوٽ بڪ تي لکيا پر پوء سوچيم ٻيڻي محنت ڇو ڪجي۔ انڪري بالڪل ڪمپوزنگ ٿيل آهي۔ پوء جيڪا اوهانجي صلاح بيهي مان اهو ترجمو سنڌ سلامت کي ڏيڻ لاء تيار آهيان۔۔
 
بس ايترو ئي چوندس۔۔۔نيڪي جي ڪم ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي۔۔۔:)
هن ناول کي سنڌي ٻولي ۾ پڙهڻ جو مزو ئي پنهنجو هوندو۔۔۔سنڌسلامت جي ڪتابي سلسلي ۾ هن ناول جو اضافو ضرور ٿيڻ گهرجي۔
 
مهرباني وساڻ صاحب لک لائق، ترجمو مون ڪمپوز ئي ورڊ ۾ ڪيو آهي۔ ڪٍجھ صفحا شروع۾ نوٽ بڪ تي لکيا پر پوء سوچيم ٻيڻي محنت ڇو ڪجي۔ انڪري بالڪل ڪمپوزنگ ٿيل آهي۔ پوء جيڪا اوهانجي صلاح بيهي مان اهو ترجمو سنڌ سلامت کي ڏيڻ لاء تيار آهيان۔۔
توهان جي محنت جو هڪ هارڊ ڪاپي ۾ مارڪيٽ تائين پهچائڻ وارو سلو ته شايد نه ڏئي سگهجي پر سنڌ سلامت طرفان هن شاندار ڪتاب کي توهان جي ٿورن سان ڪتاب گهر ۾ بهترين اضافي طور آڻي سگهجي ٿو۔۔۔ ۽ سچي به مون کي توهان جي لکائي جي انداز اڳ ئي موهي وڌو آهي۔۔ ان ڪري شدت سان توهان جي ان ڪتاب جو انتظار رهندو ۔۔۔ ڪتاب کي سنڌ سلامت تي آڻڻ بابت وڌيڪ تفصيل ادا سليمان وساڻ سان ذاتي ڪچهري ۾ حاصل ڪريو۔۔
لک لائق۔
 
هي ڪتاب انگريزي ۾ ئي پڙهيو هئم۔ انهي سان دلچسپي ايتري آهي جوهن موضوع کي پڙهندي موضُوع جو هڪ هڪ اکر ۽ جوابن جي هڪ هڪ سِٽ اهميت واري لڳي۔ دوست فهيم جي سوچ کي سلام ۽ سندس محنت تي جيڪا داد ڏِجي سا گهٽ آحي۔ سنڌيڪا هونئن ته معتبر پبلشر ۾ شُمار ٿيندو آهي ۽ سڀ ڪم باريڪ بيني سان ڪندا آهن پر الاءِ ڇو هِن اهڙي اهم ڪتاب ۾ کانئن ايئن ٿي ويو۔ بهرحال مُڪمل ته بس هڪ ذات آهي سو اوڻايون حصو آهن ڪمن ڪارين جو۔
ذيشان رشيد جي مهرباني جنهن ايڏي وڏي ڪم لاءِ مون ۾ اعتماد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔ جڏهن ته مون ٽوٽي جي انهي حوالي سان ساک ڪا ايڏي ڀلي به ڪانهي۔ بلڪه آهي ئي ڪانه۔ وري به مهرباني۔
ڪتاب ڪمپوز ٿيل آهي۔ ٺپي رکي ڇڏيل آهي۔ مقصد به دوستن کي صحيح شئي پڙهئاڻ هو ته اها اوهان جي سخاوت ٿيندي ته اوهان سليمان وساڻ تائين اها ڪاپي پهچايو ۽ انهي کي سنڌ سلامت جي مشهور ڪتاب گهر جي زينت بڻايو۔ اهو ڪم جلدي ٿي پئي ته هوند کوڙ پُرتجسس دوست انهي کي پڙهي وٺن۔
 
ادا عبدالحفيظ مهرباني۔۔ سائين ڳالهه اها آهي ته مان به ڪو اديب ناهيان۔ سنڌيء تي مونکي به ايڏو ڪو اُبور ناهي۔ ڪتاب جو ترجمو مون اڳ ۾ ڪو به نه ڪيو آهي، جهڙي تهڙي سنڌيء ۾ ڪالم لکندو رهندو آهيان پارٽ ٽائيم، سو ڪنهن ڇاپيا ته اڳتي لکندو آهيان نه ته بس۔ جيڪي جيڪي واضح غلطيون مونکي ان ترجمي ۾ نظر آيون اهي سنگت آڏو رکيون۔ باقي منهنجو ترجمو به ڪو ايڏو معياري ناهي، بس ڪوشش صرف اها ڪئي اٿم ته اصل شيء سان پنهنجي ڪا بناوٽي ڇيڙڇاڙ نه ڪئي وڃي۔غلطيون ، ڪوتاهيون منهنجي ترجمي ۾ به هونديون۔ انکي مون چيڪ ته اٺ ڏهه ڀيرا ڪيو آهي، جيڪي جيڪي غلطيون سمٍجھ ۾ آيون سي صحيح ڪيون باقي، سنڌي ٻوليء ۾ منهنجي ڪا ايتري فصاحت ۽ بلاغت به ناهي جو هامَ هڻان ته نه بس مون ڪيو آهي ترجمو سو ئي صحيح آهي۔۔باقي اوهانجي تنقيد انکي بهتر کان بهتر بڻائي سًگھي ٿي۔ مان وساڻ صاحب کي هي ترجمو موڪلي ٿو ڏيان سائين۔
 
ادا faheemquest پائلو ڪولهي جا ٻيا ڪهڙا ڪتاب توهان پڙهيا آهن۔۔۔؟
اصل ۾ مون وٽ سندس هڪ ٻيو ڪتاب The Devil and Miss Prym پڻ موجود آهي۔۔ پڙهڻ کان اڳ ان ڪتاب بابت توهان کان صلاح گهرڻ ٿي چاهي۔۔۔
جئين ئي وقت مليو ته ڪتاب تي تبصرو لکي موڪلبو۔۔۔
 
لڳي ٿو اوهان کي پائلو ڪولو جي ڪتاب پڙهڻ چس لڳي وئي آهي۔ آئون صلاح ڏيندس ته Veronica decides to die به پڙهي ڏِسو۔
 
ادا عبدالحفيظ مهرباني۔۔ سائين ڳالهه اها آهي ته مان به ڪو اديب ناهيان۔ سنڌيء تي مونکي به ايڏو ڪو اُبور ناهي۔ ڪتاب جو ترجمو مون اڳ ۾ ڪو به نه ڪيو آهي، جهڙي تهڙي سنڌيء ۾ ڪالم لکندو رهندو آهيان پارٽ ٽائيم، سو ڪنهن ڇاپيا ته اڳتي لکندو آهيان نه ته بس۔ جيڪي جيڪي واضح غلطيون مونکي ان ترجمي ۾ نظر آيون اهي سنگت آڏو رکيون۔ باقي منهنجو ترجمو به ڪو ايڏو معياري ناهي، بس ڪوشش صرف اها ڪئي اٿم ته اصل شيء سان پنهنجي ڪا بناوٽي ڇيڙڇاڙ نه ڪئي وڃي۔غلطيون ، ڪوتاهيون منهنجي ترجمي ۾ به هونديون۔ انکي مون چيڪ ته اٺ ڏهه ڀيرا ڪيو آهي، جيڪي جيڪي غلطيون سمٍجھ ۾ آيون سي صحيح ڪيون باقي، سنڌي ٻوليء ۾ منهنجي ڪا ايتري فصاحت ۽ بلاغت به ناهي جو هامَ هڻان ته نه بس مون ڪيو آهي ترجمو سو ئي صحيح آهي۔۔باقي اوهانجي تنقيد انکي بهتر کان بهتر بڻائي سًگھي ٿي۔ مان وساڻ صاحب کي هي ترجمو موڪلي ٿو ڏيان سائين۔
ادا فهيم ڇا توهان پائلو ڪوئلو جي ڪيميانگر ڪتاب تي مشتمل مووي ڏٺي آهي۔۔۔۔؟

ادا faheemquest پائلو ڪولهي جا ٻيا ڪهڙا ڪتاب توهان پڙهيا آهن۔۔۔؟
اصل ۾ مون وٽ سندس هڪ ٻيو ڪتاب The Devil and Miss Prym پڻ موجود آهي۔۔ پڙهڻ کان اڳ ان ڪتاب بابت توهان کان صلاح گهرڻ ٿي چاهي۔۔۔
جئين ئي وقت مليو ته ڪتاب تي تبصرو لکي موڪلبو۔۔۔

ادا اهو ڪتاب مون ناهي پڙهيو۔ سندس جيڪي ڪتاب مون پڙهيا آهن ۽ هن وقت مون وٽ موجود آهن اهي هي آهن، ًگھڻي ڪوشش ڪيم ته انگريزي ۾ لکان پر نه مليو آپشن الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي پر رومن ۾ ئي لکان ٿو سائين، دي ففٿ مائومٽين،الف،وارير آف لائٽ،ويرونيڪا ڊيسائسڊس ٽو ڊاء،برائيڊا،مينواسڪرپٽ فائونڊ ان آڪرا(هي نئون ڪتاب آهي ۽ اهو مون انڊيا مان گھرايو هو آن لائن۔پاڪستان ۾ نه آيو هو سو انتظار نه پي ٿي سًگھيو)، ۔ بس اهي ئي ڪتاب مون پڙهيا آهن۔ ها باقي ويرونيڪا ڊيسائڊس ٽو ڊاء واري مووي ڏٺي آهي۔ صلاح اها ڏيندس ته ناول پڙهي پوء مووي ڏسو ته وڌيڪ مزو ڏيندي۔۔
باقي دي الڪيمسٽ جي مووي ناهي ڏٺي، بالڪه اها اوهان ٿا ٻڌايو، منهنجي علم ۾ نه هئي۔
 
ادا فهيم طرفان ڪمپوز ٿيل ڪتاب ايميل ذريعي مليو آهي۔ جلد سنڌ سلامت سميت سمورن سنڌين سان نيٽ ذريعي شيئر ڪبو۔
 
Back
Top