سياست جي سرء انقلابن جا رنگ

'مختلف موضوع' فورم ۾ باغي عليم طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2013۔

  1. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    اعجاز منگي
    اڄ ان انسان جو جنم ڏينهن آهي جيڪو پيدا ته نسل پرستي جي ڪاري ٻاٽ ۾ ٿيو،پر هي پنهنجي پويان آزادي ۽ انساني وقار جي اها تاريخ ڇڏي وڃي رهيو آهي ،جنهن جي وٽ کي هاڻي ڪو به وسائي نه ٿو سگهي،هو ماڻهو جنهن جي جيون کي مها ڀارت جي مشهور ڪردار ڀيشم سان ڀيٽي نه ٿو سگهجي پر هن جو انت ان جهڙو ئي آهي جيڪو ڪرو کيتر ۾ تيرن جي سيڄ تي ستو پيو هو ۽ پنهنجي پساهن کي تيستائين روڪي رکيو جيستائين هن جي هستناپور سک ۽ سانتي جو ماڳ نه بڻي پر هن جي ڏکڻ آفريڪا هن جي هستناپور ته هن وقت سک ۽ امن جي جي وستي بنجي چڪي آهي پوء هو آخر پنهنجي جيون جي ڪچي تند سان اٽڪيو رهڻ تي اسرار ڇو ڪري رهيو آهي؟
    زوسا نالي وارو اهو ننڍڙو ٻالڪ جيڪو پنهنجي خوشحال خاندان جو تعليم پرائيندڙ اهو پهريون ٻار هو،جنهن کي نسل پرست قانون مطابق اسڪول ۾ آفريڪي ٻارن کي جيڪي انگريزي نالا ڏنا ويندا هئا،تن موجب هن جي ٽيچر هن جو نالو نيلسن رکيو،۽ اهو نالو هن وقت عظمت کان وانجهي ٿيندڙ دنيا ۾ الوپ ٿيندڙ ستاري جو نالو آهي جنهن جو سمورو جيون هڪ ڪارونڀار جهڙي قيد ۾ گذريو۽ اهو ستارو ان آفريڪا جي مقدر جو ڀاڳ بڻيو،جنهن آفريڪا جي تقدير ۾ صدين کان وٺي گهاٽن ٻيلن جهڙا گهنگهور ڏک آيا۔اهي ماڻهو جيڪي صدين تائين نه صرف غلام بڻايا ويا،پر انهن جي زرخيز ۽ معدنيات سان ٽمٽار جنم ڀومين تي گورن قبضا ڪيا۔
    تاريخ جي اکين اهڙا منظر به ڏٺا ،جڏهن شڪار جا شوقين گورا پنهنجي چست آفريڪا جي انهن ٻارن تي سڌي ڪندا هئا جن کي نيرڳين وانگر پاڻي۾ اڇلايو ويندو هو ته هاڻي گولين کان بچي ڏيکاريو،انهن نسانن جي ڪيڏي وڏي جدوجهد آهي؟جن انسانن کي احتجاج ڪرڻ جي سزا ڏيندي جيئرو جلايو ويندو هو،۽ هو ان وقت به غلام هئا جڏهن پوري مغربي دنيا ۾ "امن ۽ انساني وقار جا نعرا بلند آواز سان ٻڌبا هئا۔۽ سوشلسٽ ملڪن ۾ اظهار جي آزادي نه هجڻ تي مغرب جا حساس ماڻهو آلين اکين سان احتجاج ڪندا هئا،پر انهن کي ياد به نه هوندو هو ته خلائن ۾ نيري رنگ جي ان سياري جو هڪ حصو اهڙو به آهي جتي انهن ڪارن قانونن جو راڄ آهي،جيڪي قانون ڪاري رنگ واري ماڻهو کي انسان مڃڻ لئه تيار نه آهن،اهي ڪارا ماڻهو جيڪي پنهنجي شهرن ۾ روٽ پرمٽ کان سواء سفر نه ڪري سگهندا هئا ،انهن کي سوٽ ۽ بوٽ پائڻ جي اجازت ته ڏني وئي پر انهن سان اهڙو سلوڪ اختيار ڪيو ويندو هو جهڙو سلوڪ سنگدل انسان بيزبان جانورن سان ڪندا آهن۔اهڙي دور ۾ اونداهي کنڊ جي رهواسين لئه آزادي جو ڊگهو پنڌ ڪندڙ نيلسن منڊيلا قيد تنهائي ۾ گذاريندو هو ۽ آفريڪا جي ماڻهن لئه هڪ اجري صبح جا خواب ڏسندو هو،سالن تائين ڦهليل اها ڊگهي رات هن جا ڪارا وار اڇا ڪندي رهي پر هو هڪ هنڌ تي موجود هجڻ جي باوجود پنهنجن سوچن وارو سفر ڪندو رهيو،۽ هن جي اهڙي ثابت قدمي مان اتساهه وٺندڙ آفريڪي ذهن پوري دنيا ۾ پنهنجي ديس ۽ ماڻهن جي آزادي لئه پتوڙيندا رهيا،هو جيڪي پنهنجي ٻاٽ اونداهن ٻيلن مان ٻاهر ڪڍي پوري جڳ لئه تماشو بڻايا ويا،۽ هو جتي به رهيا اتي انهن جي انساني حيثيت کان انڪار ٿيندو رهيو،انهن جو ڏوهه صرف ۽ صرف اهو هو ته انهن جو رنگ ڪارو هو،۽ انهن جا راڳي پو۽ به جوهانسبرگ کان وٺي جميڪا تائين اهو گيت ڳائيندا رهيا ته ۔۔
    جيڪڏهن ڪاري رنگ واريون اکيون
    خوبصورت ٿي سگهن ٿيون ته پوء
    ڪاري رنگ وارا چهرا ڇو نه؟؟
    پر انهن جي گيتن کي ٺڪرايو ويو ۽ پال رابسن لئه نيٺ شيخ اياز کي اهو لکڻو پيو ته،ڪاري راڳي جو راڳ به ڪارو هوندو آهي،۽ ماڳ به ڪارو هوندو آهي۔۔پر انهن جو ته ڀاڳ به ڪارو قرار ڏنو ويو اسان جي سرزمين تي ڪاروڪاري جي مدي خارج ۽ قاتل ريتن رسمن مٿان تنقيد ڪندڙ مغرب 20هين صدي جي پڇاري تائين اهو تسليم ڪرڻ لئه تيار نه هو ته انهن پوري دنيا ۾ ڪاري رنگ وارن انسانن سان اهو سلوڪ اختيار ڪيو جيڪو ڪارن سان ڪيو ويندو آهي پاڻ سان ٿيندڙ باانتها ذيادتين خلاف پوري دنيا جي ڪارن لوڪن جڏهن تشدد جو جواب تشدد سان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي غير مهذب ۽ بدامني ڦهلائيندڙ سڏيو ويو۔
    پر انهن پنهنجي گهڻ طرفي جدوجهد نه ڇڏي ۽ مارٽر لوٿر ڪنگ کان وٺي
    باب مارلي تائين هر باصلاحيت آفريڪي پنهنجي صلاحيت جي حوالي سان اهو ثابت ڪندو ويو ته آفريڪا جا ماڻهو ٻن ٽنگن تي هلندڙ جانور ناهن ،پر جيستائين سرد جنگ جاري تيستائين آفريڪا جي انسانن کي انهن سياسي پاليسين جي باه جا الا ساڙيندا رهيا،جن جي رک هاڻي وسامي چڪي آهي،ڪوفي عنان کان اوباما تائين جن ڪارن ماڻهن کي عالمي حيثيت وارا عهدا ڏنا ويا،اهي ڪجهه ڀلايون انهن بي انصافين کي متوازن بڻائي نه ٿيون سگهن
    جيڪي تاريخ جي ڊگهي عرص تائين آفريڪي جي ماڻهن لئه ذلت جو باعث بڻجي رهيون،پر دنيا جي اديبن ۽ شاعرن آفريڪي عوام جي انساني حيثيت لئه ڀرپور آواز اٿاريو،اسان کي قرعتالعين حيدر جي ناولن ۾ به اهي گيت پڙهڻ لئه مليا جن ۾ آفريڪا جي ڪارن لوڪن جو درد سمايل هو۔
    جڏهن هن جا ڪردار گٽار تي اهو نغمو ڳائيندا هئا۔۔
    If you are white all right
    If you are brown still around
    But if you are black
    Oh:Brother get back get back
    پر انهن مظلوم انسانن جي انساني حيثيت کي نيٺ تسليم ڪيو ويو جن انسانن کي صرف پنهنجي ڪاري رنگ جي ڪري زلت مان گذاريو ويو انهن ماڻهن جي گڏيل جدوجهد جي علامت بڻيل نيلسن منڊيلا هن وقت جڏهن ڪوما جي حالت ۾ مشينن ذريعي ساهه کڻي رهيو آهي ۽ ڏکڻ آفريڪا سميت پوري دنيا ۾ هن جي 95 هين سالگرهه جون تياريون ٿي رهيون آهن۔
    تڏهن هن جي بند اکين ۾ تاريخ جي ان دور جا منظر ڪيئن نه ڦرندا هوندا جن منظرن ۾ درد جون لهرون اڀرنديون ۽ الهنديون رهنديون هونديون،اهو درد جيڪو هن ديس جي عظيم اڳواڻ شهيد ڀٽو جي دل ۾ به موجود هو ڦاسي گهاٽ ۾ لکيل آخري خط ۾ هن پنهنجي جيون جي ان ساروڻي کي ڪيتري نه اهميت ڏني،جڏهن هن 70 ڪلفٽن ۾ هڪ مغربي سفارتڪار سان ٿيل ڪچهري جو حوالو ڏيندي لکيو ته هن مونکي چيو هو ته آفريڪا برف جي اها ڇپ آهي جنهن جي مٿان تيل جو موٽو تهه ڄميل آهي۔۽ آفريڪا متعلق اهڙا خيال ٻڌي هن کي شهيد ڀٽي اها وراڻي ڏني هئي ته "آفريڪا تمام جلد سجاڳ ٿيندو ۽ دنيا ۾ پاڻ مڃائيندو"آفريڪا زندهه رهندو اهو ثابت ڪرڻ جي لئه ته ڪارو رنگ به خوبصورت هوندو آهي،اڄ جيڪا محبت نيلسن منڊيلا کي ملي رهي آهي،جهڙي ريت پوري دنيا ۾ هن جي حوالي سان مِيڻ بتيون ٻاري هن جو جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي،ڃا اهي منظر ثابت نه پيا ڪن ته آخرڪار ان ڪاري رنگ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي،ته ڪارو رنگ به حسين هوندو آهي۔
    ۽ ٻي طرف اهي لفظ جنهن گهر ۾ چيا ويا ان گهر جي اداس لان تي ان انقلابي نوجوان جي ورسي ملهائي پئي وڃي جنهن انسان کي جهموريت جي لئه جاکوڙ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ فرانس جي سرزمين تي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو ۽ هن جي قتل تي شيخ اياز لکيو هو ته ۔
    زخمي تتر وانگر خبر
    ڦڙ‌ڦڙ ڪري چپ ٿي وئي
    فرزند تنهنجو فرانس ۾ ماريو ويو
    ۽ پي جيان واريو ويو
    تون ماء آن
    تون ماء آن
    سوچيان پيو تو کان پڇان
    پر ڪيئن پڇان
    پر ڪيئن پڇان۔۔
    هڪ جهوني انقلابي جو جنم ڏينهن ۽ جوان انقلابي جي ورسي جڏهن ساڳي تاريخ تي ملهائجي رهي آهي تڏهن ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ تاريخ جو موجودهه دور ڪوئي وسري ويل پتو پڇي رهيو هجي،پر سوال اهو آهي ته اسان ان دور کي ڇا چئون؟
    اسان جو حال به اياز جي انهن ٻولن جهڙو آهي ته۔
    آ منهنجي به ته جهولي ّخالي
    سين هنيئي ڇا لئي سوالي
    ڇو آيو آن
    ڇو آيو آن؟
    اڄوڪي دور جو الميو اهو آهي ته صرف اسان جي وطن نه پر پوري ڌرتي جي جهولي ۾ اهي هيرا ۽ نيلا نيلم ناهن جيڪي تاريخ کي هار وانگر پارايا ويندا هئا۔
    هاڻي اسان تاريخ جي ان دور ۾ جيئڻ جي سزا ڀوڳي رهيا آهيون جڏهن عظيم انسانن جون صرف ورسيون ملهايون وڃن ٿيون،۽ خصيص انسانن جا جنم ڏينهن۔تاريخ جي اهڙي خصيص دور ۾ منڊيلا پنهنجي ساهه کي صرف ان ڪري روڪي ويٺو آهي جيئن هن دنيا کي عظمت جو جنم ڏينهن ملهائڻ جو حق حاصل سگهي۔
    منڊيلا پنهنجي جيون کي سڦلتا جي منزل ڏئي چڪو آهي ۽ هن وقت هن جي ڪوما ۾ به اهڙي ڪيفيت آهي،جهڙي سيتا ڦل جي وڻ مٿان چانڊوڪي جي هوندي آهي۔پر اهو گوگي جيڪو جيون جي نٽهڻ اس ۾ منزل ماڻڻ کان سوا وڇڙي ويو تنهن جي درد کي سن ٿي ويل سنڌ محسوس ڇو نه ٿي ڪري هو جنهن جي جنازي نماز ۾ لاڙڪاڻي اسٽيڊيم اندر جنرل ضياء الحق جهڙي آمر جي آمريت ۾ 50 هزار ماڻهو شريڪ ٿيا هئااڄ هن جي جهموري دور جهڙي ورسي ۾ 50 ماڻهو ڇو ٿا شريڪ ٿين؟
    ڇا هن جڳ وٽ ان سوال جو ڪوئي جواب آهي؟
    شايد آفريڪا جو پوڙهو چنڊ ان سوال جو جواب حاصل ڪرڻ لئه ان آسمان ۾ اٽڪيو پيو آهي،جتي عظيم سورما ستارن جي صورت ۾ موجود آهن۔
    پر اهي هيٺ ڌرتي تي اهڙا سفيد،سياهه ۽ سرخ انقلابي گلاب نه ٿا ڏسجن جيڪي تاريخ جي بهار قرار ڏنا ويندا آهن،منڊيلا جي جهوني ۽ جهري پيل جسم مان ايندڙ ويندڙ ساهه اسان کان اهو ئي پڇي رهيا آهن ته سياست جي سرء جي اها بي انتها ڊگهي ٿي ويل مند آخر ڪڏهن کٽندي؟"
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    هن مضمون ۾ ڪجهه پروف جون غلصيون هيون جيڪي ٺيڪ ڪيون ويون آهن۔
    سنگت کان معذرت۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو