سنڌ ۾ ڀوتارڪي سياست جي ”گهڻ منهين بلا“ جو شڪار عوام عرفانه ملاح سنڌ ۾ خراب حڪمراني، ڪرپشن، لاقانونيت، غير قانوني ڀرتيون ۽ ٻيون اهڙيون ئي خبرون، هر روز اخبارن جي پيشانيءَ تي چمڪنديون رهن ٿيون. ڪوبه اهڙو شعبو، ادارو، ڪارپوريشن ۽ تنظيم نه آهي، جنهن جي حوالي سان سوال نه اٿندا هجن. ان جي مقابلي ۾ اگر اسان ٻين صوبن ۾ نڪرندڙ اخبارن جو مشاهدو ڪنداسين ته، اهڙين خبرن جو نه صرف تعداد گهٽ هوندو، پر جيڪڏهن اهڙي ڪا خبر اخبارن يا چينلن تي نمايان ٿئي ٿي ته ترت ان جو نوٽيس به ورتو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ سنڌ جي حڪمرانن، انهن سڀني واقعن، خبرن، حادثن، ڪرپشن، اقربا پروريءَ جهڙين خبرن ۽ لقائن ڏانهن مسلسل ڪن لاٽار ڪئي آهي. عوام پاڻيءَ کان وٺي ڊرينيج تائين مختلف مسئلن تي سراپا احتجاج آهي. عوام وٽ احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه آهي. لاهور ۾ رڳو مسلم ليگ (ن) جي آفيس ٻاهران لڳل ٿنڀي تي ڪير چڙهي احتجاج ڪري ٿو ته ان جي شنوائي ٿيو وڃي، پر سنڌ اندر گذريل پنجن سالن جي جمهوري دور ۾ هر شعبي سان تعلق رکندڙ پروفيشنلز توڙي مزدورن جي واٽر ڪينن جي تيز ڌار سان پاڻي هاري ”تواضع“ ڪئي وئي، ڪراچيءَ جي روڊن تي، ڊاڪٽر پروفيسر، نرسون، استاد، LHW ۽ KESC جا ملازم توڙي لياري واسي مسلسل رياستي تشدد جو نشانو بڻبا رهيا، پر سندن شنوائي نه ٿي، نه ئي سندن جائز مسئلا حل ٿيا، نه ئي طرزِ حڪمراني کي تبديل ڪيو ويو، پر اهڙي افراتفري، لاقانونيت، غربت، بک ۽ بيروزگاريءَ بجاءِ سنڌ جي حڪمران طبقي وٽ وڌيڪ اهميت واري ڳالهه اها هئي ته ڪيئن رياستي ادارن اندر پنهنجن مِٽن مائٽن کي ڀرتي ڪرائجي! خاص طور تي اهڙن ادارن ۾، جيڪي حڪمرانن جي اصل طاقت هجن ٿا. حڪومت ڪهڙي هجي، عوامي توڙي آمريت پر اهي شعبا يا ادارا هميشه ان جو حصو رهن ٿا. تنهن ڪري وڏيري يا سنڌ جي حڪمران طبقي جو سڄو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ئي رهيو ته پنهنجي طاقت جون پاڙون ۽ ٻانهون وڌائي، هڪ ڌڙي وڏيري يا ڀوتار مان Multi faced Monster يا ”گهڻ مُنهين بلا“ ڪئين ٿجي، جيئن غريب عوام تي پنهنجي گرفت اڃا وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ۽ هڪ منهن اقتدار کان ٻاهر هجي ته ڪو نه ڪو حصو يا ٻيو منهن ان جي جاءِ تي موجود هجي. تنهن ڪري توهان ڏٺو هوندو، اقتدار جي انهيءَ پِيل پاوَن يعني پوليس، بيورو ڪريسي، اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي، نيب ۽ ٻين اهڙن ئي طاقتور ادارن ۾ هنن سوَن جي تعداد ۾ غير قانوني طور پنهنجا نا اهل مائٽ ۽ عزيز ڀرتي ڪرايا ۽ پنهنجن خاص ماڻهن کي وري غير قانوني ترقيون ڏئي، اهڙو نوازيو، جو هنن جا ٻچا به سندن آڏو ڪنڌ جهڪائي هلن. باقي سڀ کان اهم اداري ”فوج“ تي سندن وس ڪونه پئي هليو، پر اتي به هنن رشتيداريون ڪري مڙئي سرنگهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر حڪمران طبقو انهن ادارن يعني فوج، پوليس اينٽي ڪرپشن، آءِ بي، ايف آءِ اي، عدليا ۽ نيب جهڙن ادارن تي قبضو ڪرڻ يا انهن ۾ داخل ٿيڻ ڇو ٿو چاهي؟ اگر ٻين صوبن جو جائزو وٺجي ته ميرٽ جي اهڙي لتاڙ يا ائين سڌي طرح انهن شعبن ۾ مٽن مائٽن جي سوَن جي تعداد ۾ ڀرتي ڪرڻ وارو رجحان گهٽ محسوس ٿيندو. ڇا پنجاب يا خيبر پختونخوا جي وزيرن مشيرن کي اولاد يا خاندان نه آهي؟ يا سنڌ جي حڪمران طبقي جي مقابلي ۾ اهي ڪي قدر بهتر آهن، يا عوام دوست آهن؟ آخر ڇا سبب آهي، جو سنڌ اندر حڪمران طبقو توڙي عوام انهن ادارن ڏانهن هڪ ڇڪ محسوس ڪن ٿا؟ سنڌ جو حڪمران طبقو ڇو پاڻ کي ايترو غير محفوظ سمجهي ٿو، جو جنهن عوام جي ووٽ سان اقتدار تائين پهچي ٿو، انهيءَ کي ان قابل نه ٿو سمجهي، جو ميرٽ جي آڌار تي عوام کي اڳيان آڻي ۽ پنجاب جي حڪمران طبقي جا خد و خال پنهنجن ڀوتارن کان مختلف ڇو آهن؟ ان سڄي لقاءَ جو جيڪڏهن تاريخي جائزو وٺبو ته هڪ ڳالهه ڀلي ڀت واضح ٿيندي ته معاشرتي، سماجي ساخت ئي حڪمران طبقي ۽ ان جي پاور کي بيان ڪندي آهي. پنجاب جي حڪمران طبقي جو فوج، جيڪا ڪنهن به رياست جي هڪHard Power يا سخت قسم جي طاقت سمجهي ويندي آهي، ۾ وڏو حصو آهي. رياستي مشينريءَ جي ٻين ادارن ۾ پڻ ان جي سرسي آهي. فوج پاڪستان ۾ گذريل سٺ سالن کان سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح حڪومت جو حصو رهي آهي ۽ پنهنجي سڀني ڪمزورين باوجود ملڪ جو هي واحد سگهارو ۽ انتظامي طور منظم ادارو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻيا ادارا انتظامي طور نا اهلي ۽ بي انتها ڪرپشن جو شڪار آهن. پنجاب جو حڪمران طبقو هڪ طرف ته رياست جي جوڙ جڪ اندر فوج جي ذريعي پنهنجي مفادن کي محفوظ سمجهي ٿو ۽ ٻئي طرف ان ۾ ڀاڱي ڀائيوار پڻ آهي، تنهن ڪري شايد، هو انتظامي نا اهلي، کليل ڪرپشن جي شڪار پوليس، ايف آءِ اي يا اينٽي ڪرپشن جهڙن شعبن کي پنهنجي مفادن جي تحفظ لائق نه ٿا سمجهن. ٻيو اهم فرق سماجي جوڙجڪ جو به آهي. پاڪستان جا 90 سيڪڙو وسيلا سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا پيدا ڪن ٿا، پر صنعتي ترقيءَ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته 80 سيڪڙو ملڪي صنعتون پنجاب ۾ آهن. صادق آباد کان ٽيڪسيلا تائين وچ پنجاب واري صنعتي بيلٽ کان علاوه به هر شهر ۾ ڪو ننڍو وڏو ڪارخانو ضرور ملندو. وچ پنجاب جي ته پوري معيشت ئي صنعتڪاريءَ تي بيٺل آهي ۽ انهيءَ بيلٽ يا علائقي جي ماڻهن جي فوج ۽ بيورو ڪريسيءَ ۾ به گهڻائي آهي. اها هڪ واضح حقيقت آهي ته هڪ صنعتي ۽ زرعي معاشري ۾ بنيادي فرق هجي ٿو، انهن جو گهرجون، جوڙجڪ ۽ مسئلا مختلف ٿين ٿا ۽ پنجاب ٻن مختلف سماجن جي ”اُڀي“ ”Vertical Growth“ ترقي آهي. هڪ ئي وقت زرعي ۽ صنعتي نظام موجود آهن. جنهن ڪري سنڌ جي مقابلي ۾ هڪ توازن آهي. معاشرتي ترقي پوءِ کڻي جمهوريت هجي يا فوجي حڪومت، پنجاب جو حڪمران طبقو ٻارهوئي حڪومتي مشينري ۽ رياستي وسيلن جو حصيدار رهي ٿو ۽ هو سنڌ جي حڪمران طبقي جي مقابلي ۾ عدم تحفظ جو شڪار نه آهي. ٻيو ته زرعي ۽ صنعتي معاشرا مختلف هوندا آهن ۽ انهن جي حڪمران طبقن جي سوچ به ان مطابق هوندي آهي. سنڌ ۾ وڏيون جاگيرون ۽ پير پرستي به گهڻي آهي، هتان جي معاشرتي ترقي ”اڀي“ پر ”Horizontal“ آهي، اهڙا ترقيءَ جي رفتار سست ۽ معاشرو يڪسانيت جو شڪار هوندو آهي. صنعتي ترقيءَ لاءِ گهرجون ٻيون آهن، اهڙي معاشرو گهڻ رخو ٿيندو آهي. انهيءَ جي ترقي جو دارو مدار امن امان تي هوندو آهي، يعني صنعتي ترقي جي بنيادي گهرج امن امان ئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي مان تيزيءَ سان صنعتون پنجاب ڏانهن منتقل ٿي رهيون آهن. اهو ئي سبب آهي جو پنجاب اندر پوليس، سنڌ جي مقابلي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ٿي، اتي سنڌ وانگر ميرٽ جي لتاڙ جو دڪان چوويهه ئي کليل نه آهي. پنجاب جو پوليس آفيسر سنڌ اندر پوسٽنگ کي ”دبئي“ سمجهندو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي ڪمائي گهڻي ۽ ڪم گهٽ آهي. جڏهن ته اتي ان جي ابتڙ آهي، اتي تعليمي، تدريسي ماحول بهتر هجڻ سان گڏ پنجاب جي پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان به جمهوريت جي پنجن سالن ۾ ئي تسلسل سان ٿيندا رهيا. جڏهن ته گذريل پنجن سالن ۾ حڪومتي ڌر انهن پوسٽن تي پنهنجي مٽن مائٽن جون سڌيون ڀرتيون ڪيون ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جا امتحان پنج سال نه ٿي سگهيا. پر جيئن ته ڳالهه پئي ڪئي سين ته ڇا سبب آهن، جو ساڳئي مُلڪ، ساڳين ئي حالتن هيٺ اسان جي سنڌ جي حڪمران طبقي جا رنگ ڍنگ نرالا ۽ پنهنجا نوازي ۽ ڀوتارڪي روش وارا آهن ۽ پنجاب اندر صورتحال ٻي ڇو آهي؟ هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته پنجاب جي حڪمران طبقي جي ملڪ جي اقتدار تي ڪڏهن سڌي حڪومت ته ڪڏهن وري اڻسڌي اجاراداري رهي آهي، هو اهڙي عدمِ تحفظ جو شڪار ڪونه رهيو آهي، جهڙو سنڌي حڪمران طبقو رهي ٿو. ٻيو ته ملڪ جي ٻين حصن جي مقابلي ۾صنعتي معاشرو هجڻ ڪري سرمائيڪار پنهنجي صنعتن جي تحفظ لاءِ جتي امن امان کي ترجيح ڏيئي ٿو، اتي مِلن کي هلائڻ لاءِ کيس لائق انساني وسيلا به درڪار هجن ٿا. انهن گهرجن پٽاندڙ شعبن کي به ترقي ڏياري وڃي ٿي. جتي سڄي سنڌ ۾ صرف ٽي انجنيئرنگ يونيورسٽيون آهن، اتي پنجاب ۾ آباديءَ جي گهرجن کان هٽي ڪري ويهارو کن ٽيڪنيڪل يونيورسٽيون آهن، GIK, PAES (CAMSAT) ۾ نوي سيڪڙو شاگرد پنجاب جا آهن، هي پاڪستان جا بهترين ٽيڪنيڪل تعليم جا ادارا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ نه صنعتون آهن، نه ئي انهن جي گهرجن مطابق ٽيڪنيڪي ڄاڻ رکندڙ فردن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڪجهه نوجوان پنهنجي شوق مطابق پڙهن به ٿا ته لاهور يا ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ روزگار خاطر ترسي پون ٿا، اهو ئي سبب آهي جو اهڙن شعبن ۾ اچڻ باوجود اسان جا نوجوان روزگار جي عدم تحفظ جو شڪار رهن ٿا ۽ انجنيئر يا ڊاڪٽر ٿيڻ جي باوجود به پيا مقابلي جي امتحانن ويهندا. هڪ طرف اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي حڪمران طبقي کي پنجاب جي مقابلي ۾ جيڪو عدم تحفظ جو احساس آهي، اهو پڻ سنڌ اندر بنيادي انتظامي ۽ خراب گورننس جو بنيادي سبب آهي. سنڌ جو وڏيرو يا حڪمران طبقو گهڻي قدر اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار جمهوري دور ۾ ئي ٿئي ٿو ۽ جيئن ته تاريخي طور ان جو پاڙون جاگيرداري ۽ وڏيراشاهي ۾ آهن، تنهن ڪري هن جي سوچ ۽ طرزِ حڪمراني به ان انداز جي رهي ٿي. هن طبقي جي ترقي جو دارو مدار جيئن ته صنعتي سرمائيدار وانگر، امن امان، ميرٽ يا تربيت يافتا ۽ پڙهيل لکيل شهرين تي نه آهي، تنهن ڪري شهري ترقي يا مجموعي طور تي معاشرتي ترقي هن جي ترجيح نه هوندي آهي، هي طبقو رياستي طاقت جو ڀاڱي ڀائيوار رياست جي مٿين سطح تي نه آهي، يعني هن جو فوج سان واسطو نه آهي، پر هن جو سڄو پاور هن جو تر ۽ اتان جا هاري ۽ عوام آهي، تنهنڪري جاگيرداري طبقو هميشه رياست جي هيٺين سطح جي واضح علامت ٿاڻي ذريعي طاقت ۾ شريڪ ڪار ٿيندو آهي. هاڻي اگر غور ڪيو ته اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته سنڌي حڪمران طبقو ميرٽ جي لتاڙ يا ڪرپشن نه پر صرف رياستي طاقت جو مستقل ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ اهي عمل ڪري رهيو آهي ۽ هِن طبقي کي جمهوري عمل جي تسلسل تي جيئن ته يقين نه آهي، نه ئي اهو هنن جي مفاد ۾ آهي، تنهن ڪري هو پنهنجي گرفت رياستي ادارن تي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو، جتي زمين ۽ اتي آباد ماڻهو ته هنن جي طاقت جي نشاني يا اهڃاڻ آهن ئي، پر انهيءَ اسٽيٽسڪو کي برقرار رکڻ ۽ رياستي طاقت جو سڌي طرح ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ اهو تسلط قائم رکڻ جو به کين اونو آهي. انهيءَ ڪري هو پنهنجي ئي عزيزن کي سڻڀين پوسٽن تي پڻ ويهاري ٿو، ته جيئن جمهوري عمل جي رڪجڻ باوجود سندن طاقت جو تحفظ ٿي سگهي، جيئن فوج ذريعي پنجاب جي حڪمران طبقي کي تحفظ ملي ٿو. تئين ئي هيٺين سطح تي سندن ڏيکاءُ ۽ ڏهڪاءُ جو واحد طريقو ٿاڻو ئي آهي، جنهن سان هو پنهنجو تحفظ ڪري سگهي ٿو، ڳوٺن توڙي واهڻن ۾ رياست جي علامت ٿاڻو ۽ مختيارڪار هوندو آهي، هيٺين سطح تي رياستي طاقت جو شريڪ ڪار وڏيرو، جڏهن حڪومت ۾ ايندو آهي ته هو پنهنجي تحفظ لاءِ ٿاڻي ڪلچر کي هٿ ۾ ڪرڻ لاءِ پوليس جيڪا فوج وانگر رياست جي سويلين Hard Power آهي، ان کي پاڻ سان ملائيندو آهي. ٻيو ته وڏيري جي طاقت امن امان ۽ خوشحالي ۾ ظاهر ئي نه ٿيندي، نه ئي انهن حالتن هيٺ هو تر جي ماڻهن کي پنهنجي هٿ ۾ ڪري سگهندو، تنهن ڪري هو چاهيندو آهي ته ميلو متو چڱو آهي. هُن کي پنهنجي طاقت جي تحفظ لاءِ ڪنهن پڙهيل لکيل انساني وسيلن جي به ضرورت نه هوندي آهي، تنهنڪري نوجوانن کي ليپ ٽاپ ڏيڻ بدران بيواهن، بي پهچ غريبن کي هزار رپيا ڏئي پنهنجي طاقت ۽ خيراتي مزاج جو ڏيکاءُ ئي کيس ڀانءِ پوي ٿو يا سونهي ٿو، تنهنڪري ئي سنڌ جو حڪمران طبقو پنهنجي ٻارن ٻچن سميت رياستي ادارن ۾ ڪاهي پيو آهي، هنن جا مفاد جيئن ته سانجها آهن، تنهنڪري هو ڪهڙي به پارٽيءَ ۾ هجن، هڪ ٻئي جي مفادن جي حفاظت ڪن ٿا، پاڻ ۾ رشتي داري، ڏي وٺ ۽ هاڻي ته طاقتور اقتداري اسٽيبلشمينٽ سان تعلق بهتر ڪرڻ لاءِ گهڻن ئي وڏيرن جون رشتي داريون انهن خاندانن سان به آهن. باقي اسان عوام بهتر حڪمراني، ميرٽ، روڊ رستي، نالي، تعليم ۽ نه ڄاڻ ڪهڙن ڪهڙن معاملن تي پيا رڙيون ڪنداسين ۽ مطالبن جا دفتر کلندا رهندا. هو جمهوريت کي اقتدار جي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو واحد ذريعو سمجهن ٿا ۽ عوام ته صرف وسيلو آهي، انهيءَ اقتدار تائين رسائي جو، ان کان وڌيڪ عوام لاءِ ڪجهه ڪرڻ ايئن آهي، جيئن چوندا آهن، ”گهوڙا گهاس سي دوستي ڪري گا تو کائيگا ڪيا؟“ وڏيرا، جن جي طاقت ئي اسٽيٽسڪو کي برقرار رکڻ ۾ آهي، جنهن جي رياست ۾ شراڪت داري ئي ٿاڻو آهي ۽ جنهن وزيرن ۽ مشيرن ۽ اسيمبلي ايوانن تائين رسائي جو ذريعو ئي اٻوجهه عوام آهي، اهو بهتر حڪمراني، تعليم، ميرٽ تي ڀرتيون ڪري پاڻمرادو پنهنجي پير تي ڪهاڙي ڪونه هڻندو، پر اهو پنهنجي طاقت ۽ دولت کي وڌائڻ لاءِ اهڙو طبقو ضرور پيدا ڪندو، جيڪو هن جي دولت جو ذريعو هوندو. ننڍي سطح جو ڪرپٽ بيورو ڪريٽ هو ڄاڻي واڻي پاليندو آهي ۽ انهن کي به تحفظ ڏيندو آهي. جيئن هن جي Dirty job لاءِ هِن جي آڌار تي هو سڀ غلط ڪم ڪري سگهن ۽ ماضيءَ جي سيف الرحمان جي احتساب واري تجربي کانپوءِ هنن بيورو ڪريٽس بجاءِ، نيب، اينٽي ڪرپشن، پوليس، روينيو، جهڙن کاتن ۾ اهڙا ماڻهو ويهاريا، جيڪي سندن تحفظ ڪري سگهن ۽ انهن کي به ڄاڻي واڻي آزادي ڏني وئي ته کائين، پيئن، عيش ڪن، ته جيئن انهيءَ حمام ۾ سڀ هڪجهڙا هجن، پر هو شايد اها ڳالهه وساري ويٺا ته بيشڪ سنڌ ۾هو کڻي اڇي ڪاري جا مالڪ هجن ۽ پنهنجي نا اهل، ڪرپٽ حوارين ذريعي پنهنجي طاقت اڃا وڌيڪ مضبوط ڪن، پر هڪ وڏو طبقو شهر ۾ آباد نوجوانن غير سرڪاري پروفيشنلن جو آهي، جيڪي حڪمران طبقي جي انهي مفاد پرستي، غلط حڪمراني، ڪرپشن سان سڌا سوان متاثر ٿي رهيا آهن ۽ متحرڪ ميڊيا به سندن ڪردار کي چڱو چوکو وائکو ڪيو آهي، پر جمهوريت کي اقتدار جي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو واحد ذريعو سمجهندڙ هيءَ طبقو پنهنجي تاريخي ڪردار پٽاندڙ، صرف پنهنجي مفاد جي تحفظ لاءِ تحرڪ ۾ ايندو ۽ هو پنهنجي اقتدار ۽ پوزيشن ذريعي، پنهنجي خراب حڪمراني، ڪرپشن ۽ هوس جي پردا پوشي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو رهندو، جيستائين متبادل سياسي قوتون سندس پاڙن تي وار نه ڪنديون، ۽ عوام هنن جي نين مڪارين ۽ تجربن جو شڪار ٿيندو رهندو. پاڪستان جي موجود ڍانچي اندر، سنڌ جي اقتداري طبقي جو جياپو حڪومتي ادارن جي قبضا خوري ۽ معاشرتي ڪرپشن تي آهي، Good governance هنن لاءِ آپگهات برابر آهي. هو ڪيترا وڏا ڀوتار هجن، پر پنهنجي طاقت تي خودڪش حملو ڪونه ڪندا. itsarfana@yahoo.com The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: