فقه حنفيه جي باني امام نعمان بن ثابت المعروف ابو حنفيه رحمت الله عليه فرمائين ٿا ته سندس جا چار هزار استاد آهن۔ انهن مان هڪ ننڍڙي ٻارڙي جو ذڪر جڏهن به ڪندو هو ته بي اختيار روئيندو هو۔ هڪ دفعي برسات پئي رهي هئي جنهن ۾ هڪ ٻار ڊوڙي رهيو هو ان ٻار کي امام ابو حنفيه رحمت الله عليه هدايت ڪندي چيو ته نه ڊوڙ ٿاٻڙجي ڪري پوندين ! تنهن تي ان ٻار ورندي ڏني جي مان ڪري پيس ته مان ئي ڪرندس توهان خيال سان هلو جي توهان ڪري پيوَ ته پوري امتِ مسلم ڪري پوندي۔ ڪيڏي وڏي ڳاله آهي ان هڪ جملي لاءِ به امام ابو حنفيه رحمت الله عليه ان ٻار کي استاد ڪوٺي ٿو جڏهن ته اسان وٽ ڪنهن به قسم جي ڄاڻ نه آهي تنهن هوندي به پاڻ کي عقل ڪُل سمجهون ٿا۔
ان ٻار جي ڳالهه به ڪيڏي نه وزنائتي آهي ۽ امام ابو حنيفه کي ڏسو ته ان هڪ جملي عيوض ان ٻار کي به استاد تسليم ڪري ٿو ۔۔۔۔ اهڙا انسان ئي ڪاميابيون ماڻيندا آهن۔