کليل پروگرامز کي محفوظ طريقي سان منيمائز ڪريو ۔۔۔۔

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان آفيس ۾ ڪم ڪندا هجو يا گهر ۾ اڪثر توهان جا دوست ۽ واقف ڪار ٿوري وقت لاءِ توهان جو ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ جي اجازت گهرندا آهن۔۔۔۔ ۽ پنهنجو ڪمپيوٽر سندن حوالي ڪرڻ کان اڳ يقينن توهان پنهنجي ڪمپيوٽر تي کليل ويب سائيٽس يا مختلف پروگرام جهڙوڪ ميسينجر يا پنهنجي اي ميلز واري ونڊوز کي نه صرف لاگ آئوٽ ڪرڻو پوندو پر انهن کي بند ڪرڻو پڻ پوندو ۔۔۔۔ جڏهن ته توهان جو عزيز جلدي ۾ هوندو آهي ۽ توهان جو سست ڪمپيوٽر اهي سڀ عمل ڪرڻ ۾ دير لڳائيندو آهي ۔۔۔۔
    مان کڻي آيو آهيان ان جو بهترين حل۔۔۔ هي هڪ مفت جو سافٽويئر آهي جنهن جي مدد سان توهان صرف ڪنٽرول بٽڻ کي دٻائي رکي سمورين ونڊوز کي محفوظ طريقي سان منيمائيز ڪري سگهندو۔۔۔۔ هاڻي جيڪڏهن توهان جو دوست توهان جا منيمائيز ٿيل پروگرام يا ونڊوز کولڻ (ميڪسيمائز) ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته کائنس پاسورڊ پڇيو ويندو۔۔۔۔۔

    [​IMG]

    لاڪ دِس نالي هي ٽول تقريبن سمورين ايپليڪيشنز تي ڪم ڪندو آهي ۔۔۔۔ پر ان باوجود فائرفاڪس تي مڪمل ڪنٽرول ڪري نه سگهندو آهي۔۔۔ هن ٽول جو ڊيفالٽ پاسورڊ LockThis آهي ۔۔۔۔ ان ڪري انسٽاليشن دوران پاسورڊ تبديل ڪرڻ نه وساريندا۔۔۔۔

     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: کليل پروگرامز کي محفوظ طريقي سان منيمائز ڪريو ۔۔۔۔

    تمام بهترين سافٽ ويئر آهي ادا رشيد

    توهان جي مهرباني
     
  3. رمضان ترڪ

    رمضان ترڪ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    278
    جواب: کليل پروگرامز کي محفوظ طريقي سان منيمائز ڪريو ۔۔۔۔

    ادا رشيد ! سٺو پروگرام آهي، اسان جو ته توهان مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو، مهرباني، لک ٿورا پروگرام شيئر ڪرڻ جا.
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: کليل پروگرامز کي محفوظ طريقي سان منيمائز ڪريو ۔۔۔۔

    بهترين ونڊ آهي ادا۔۔۔۔ واقعي اهڙا سافٽ ويئر پرائيوسيءَ لاءِ اهم آهن
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: کليل پروگرامز کي محفوظ طريقي سان منيمائز ڪريو ۔۔۔۔

    سائين رشيد جو ونڊ هميشه هر دلعزيز هوندو آهي هر ڪو چوندو آهي ته هڪ دفعو آزمائي ڏسان سو مون به انسٽال ڪري آزمائي به ڏٺو واقعي تمام بهترين سافٽوئير آهي۔ الله تعالي سائين ئي وڏي حياتي ڏئي جو اسان کي اهڙيون نيون شيون ڏيندا رهن۔
     
  6. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: کليل پروگرامز کي محفوظ طريقي سان منيمائز ڪريو ۔۔۔۔

    تمام بهترين تمام پسند آئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو