پنج لک رپياڪجھ سال پهرئين جڏهن اڃا موبائل تي انعام جو آسرو ڏيئي ڪارڊن جي ذريعي پئسا ڦرڻ جي ٺڳي اڃا عام نه ٿي هئي،ته هڪ ڏينهن صبح جي وقت مون وٽ هڪ فون ڪال آئي موبلنڪ جي نمبرتي،فون ڪندڙ همراه ٻڌايو ته آئون موبلنڪ جي آفيس،اسلام آباد مان ڳالهائي رهيو آهيان،توهان جو پنج لک رپين جو انعام کليو آهي.سڀاڻي صبح جو ڏهين بجي وڃي توهان نيشنل بينڪ جي ٽنڊوالهيار واري برانچ مان کڻندا. وڌيڪ پڙهو
خدا بچا انهن ٺڳن مان، شڪر آهي توهان ڦرجڻ کان بچي ويو، انهن ٺڳن الا ڪيترن ئي گهرن کي تباهه ڪيو، ڪيترن ئي مجبور ماڻهن جي دل سان کيڏيا آهن. خدا بچا اهڙن ماڻهن کان جيڪي پنهنجي حوس پوري ڪرڻ لا ماڻهو مارڻ ۾ به دير نٿا ڪن.
ائين ئي هڪ منهنجي ڳوٺ جي ويجهو ڳوٺ واري مولوي صاحب ڏانهن ميسيج آيو ۔۔ مون کيس سمجهايو ته اهو توهان کي ٺڳڻ جي هڪ ٽرڪ آهي۔۔ هن دفعي ٺڳي ڪرڻ واري ميسيج ڪيو هو ته توهان جا انڪم سپورٽ پروگرام تحت 30000 روپيه نڪتا آهن۔۔۔ مولوي صاحب مون کي ته ڪنڌ ڌوڻيندي ها ڪئي پر ٿوري ئي دير ۾ دانهون ڪندو واپس وريو ته هو ته لٽجي ويو ۔۔۔ ڦرجي ويو۔۔۔ پڇڻ تي چيائين ته سندن ٻڌايل طريقي تي هن 1000 روپين جا ڪارڊ وٺي موڪليا۔۔ جو کيس پيسن جي ڪافي ضرورت هئي ۽ هو اڳ ئي وطن ڪارڊ ذريعي حقدار بڻيل هو ان ڪري سوچيائين ته ممڪن آ سچ ئي هجي۔۔۔ هاڻي اهڙن اٻوجهه ماڻهن کي ڇا سمجهائجي۔۔۔؟ شايد اهڙن ماڻهن ڪري ئي ٺڳي ڪندڙن جون آڱريون گهه ۾ آهن۔۔۔ هڪ دفعي اسان جي دوست عرس پريو ڏانهن به ان قسم جو ميسيج آيو۔۔۔ هو اسان سنگتين ۾ ڪمپليننٽ طور پڻ مشهور آهي جو جنهن به اداري ۾ بي قائدگي ڏسندو آهي ته فورن پنهنجي کيسي مان به خرچ ڪري انهن جي شڪايت مطلوبا اداري ڏي موڪليندو آهي۔۔۔ ۽ هاڻي ته انٽرنيٽ تي ادارن جون شڪايتون ڪرڻ سندس پسنديده مشغلو آهي۔۔۔ اهو مشغلو اڃان وڌي ويو آ جڏهن مطلوبا اداري مان کيس ڪال ڪري سندس شڪايت پهچڻ ۽ ان جو نمبر حوالي طور ڏيڻ کان سواءِ کيس دعوت ڏئي گهرايو ويندو آهي ته جئين سندس شڪايت جو ازالو ٿي سگهي۔۔۔ خير اهڙي ميسيج ملندي ئي هن شڪايت بجاءِ ميسيج موڪليندڙ کي فون ڪري منهنجي سامهون اهڙيون ست سريون ٻڌايون جو همراه به نمبر نوٽ ڪري ورتو هوندو ته جيئن کيس ٻيهر غلطي سان ميسيج نه ڪري سگهي۔۔۔ هاڻي ان کان پوءِ مون به نوٽ ڪري ڇڏيو ۔۔ ته جڏهن به مون وٽ اهڙو ميسيج ايندو آهي ته اهو ادا عرس ڏانهن فارورڊ ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ پوءِ تصور تصور ۾ عرس کي ميسيج ۾ موجود نمبر واري ڏي ڪال ڪري ست سريون ڏيندي محظوظ ٿيندو آهيان۔۔۔
سائين الله تعالا اوهان کي بچايو نه ته ڪيترا اٻوٍجھ ويچارا روز ٺڳجيو وڃن، باقي ادا عرس جون ست سريون مونکي ناهن ٻڌڻيون، ان ڪري ادا ذيشان رشيد جي ڳالھ تي يقين ڪرڻ کان سوا ٻيو ڪو چارو ناهي، خدا خير ڪري۔۔۔