اسلامي معاشري ۾ عورت جا حق

'مختلف موضوع' فورم ۾ سلمان حسين فاروقي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جولائي 2013۔

  1. سلمان حسين فاروقي

    سلمان حسين فاروقي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2013
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    179
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي
    ماڳ:
    ڪراچي
    اسلام، دنيا جو اهو واحد دين آهي، جنهن ۾ عورت جي لاءِ حق تسليم ڪيا ويا آهن. اهوئي سبب آهي، جو اسلام، عورت جي ڪمتري متعلق تمام تصورات جو انت آڻي ڇڏيو آهي. اسلام جو اعلان آهي، ته عورت ڪا حقير ۽ نجس وجود نه آهي ۽ نه ئي ڪا هوءَ لايعقل ۽ بي مقصد هستي آهي، بلڪه جنهن نفس واحد مان مرد وجود ۾ آيو آهي، انهيءَ مان عورت به وجود ۾ آئي آهي.
    جهڙي طرح انساني معاشري جو هڪ اهم رڪن مرد آهي، اهڙيءَ طرح ان معاشري جي ٻي اهم رڪن عورت آهي، جيڪڏهن مرد، روزگار حاصل ڪرڻ جي ذريعي، محنت ۽ مشقت ڪري ٿو، ته عورت سگھڙائپ ذريعي، گھر هلائي، اهوئي درجو ۽ فضيلت حاصل ڪري ٿي. قدرت جي طرفان جيڪي خصوصيتون عورت ۽ مرد کي عطا ٿيون آهن، ان ۾ فضيلت جو پهلو، ڪنهن هڪ سان گڏ مخصوص نه آهي،بلڪه ان جي فضيلت ۾ ٻئي برابر حصيدار آهن. مرد کي جتي طبعي برتري جي آڌار تي جهاد ۽ حفاظت جي ذميداري سونپي ويئي آهي، اتي وري عورت به برسر پيڪار آهي. هوءَ گھر کي سنڀالڻ سان گڏو گڏ ٻارن جي به مالهي بنجي، باغ جي آبياري ۽ پرورش ڪري ٿي؛ ۽ ان کان بهتر ڪردار اهو ادا ڪري ٿي جو هوءَ مرد جي معاون ۽ مددگار ثابت ٿئي ٿي. ان جي هڪ وڏي شاهدي آنحضرت جي زماني مان ملي ٿي:
    حضرت اسماء بنت يزيد انصاريه هڪ مشهور ديندار ۽ عقلمند صحابه هئي. ان جي باري ۾ روايت آهي، ته هڪ ڀيري حضورصه جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي ۽ عرض ڪيائين ته مون کي عورتن جي هڪ جماعت، اوهان ڏانهن نمائندو ڪري موڪليو آهي ۽ پوءِ حضرت صه جن اڳيان عورتن جا حق بيان ڪيائين.
    حضور صلي الله عليه وسلم جن پوءِ اسماء کي فرمايو ته ’’اي اسماء! جن عورتن توکي نمائندو ڪري موڪليو آهي، انهن کي منهنجو جواب پهچائي ته توهان جي سٺي طرح گھرداري ڪرڻ پنهنجي گھر وارن کي خوش رکڻ ۽ انهن سان گڏ سازگاري ڪرڻ مردن جي انهن سڀني ڪمن جي برابر آهن جيڪي تو بيان ڪيو، اهڙيءَ طرح قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ اسلامي معاشري ۾ ٻنهي جا حق برابر آهن. مرد جيڪڏهن ميدان آهي ته عورت معاشري جي اڪائي آهي. عورت گھر جي سلطنت جي روح آهي. ماءُ جي پيرن هيٺان جنت جي ڇانوَ آهي. ماءُ جي هنج معاشري جي مستقبل جو پهريون درسگاهه آهي. قومن کي جنم ڏيڻ ۽ معاشري جو بنياد رکڻ وارين انهن هستين جي نگهداشت هئڻ گھرجي. شريعت عورت کي جيڪي حق ڏنا آهن انهن حقن موجب عورت کي پوري آزادي هئڻ گھرجي . اسلام اهوئي واحد دين آهي جنهن وراثت ۾ عورت جو حصو مقرر ڪيو آهي. اڄ به اسان جي معاشري ۾ ڪجھ حصن ۾ غير شرعي رسم و رواج جاري آهن. ڇوڪرين کي ڍڳن مينهن وانگر وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ان جي قيمت لڳائي وڃي ٿي. يعني ڌيءَ ان جي حوالي ڪئي وڃي ٿي جيڪو وڌيڪ قيمت ڏئي. هن رسم جو مڪمل طور تي خاتمو ٿيڻ گھرجي يعني ڇوڪرين جي مرضي حاصل ڪئي وڃي ۽ شادي عين اسلامي ۽ شرعي طريقي تي ڪئي وڃي. عورتن جا شرعي حق مجروح نه ٿين عورت کي مرد جي برابر پورا حق ڏنا وڃن ڇو ته ان جي لاءِ اسلام به اجازت ڏئي ٿو.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا اوهان جو چوڻ سچ اسان جي اکين تي پر ظلم ته ڏسو جنهن نبي مسلمانن کي دين ڏنو ان جي گهر سان ڪهڙي ويڌن ڪئي اهي نام نهاد مسلمانن۔
    جتي عام عورت جي ڳالھ پئي ٿئي يقينن اسلام جي نظر ۾ عام و خاص جو وجود ناهي پر اها به هڪ حقيقت آهي ته اسان جي لاءِ خانوادهءِ رسول صه جي عظمت جو اقرار آهي ڪالھ به ڏسو نام نهاد مسلمانن رسول جي گهراڻي جي مستورات سان ڪهڙو ظلم ڪيو ۽ اڄ به پاڻ صلعم جي نواسي (ڏوهٽي) بيبي زينب سلام الله عليها جي قبرِ مطهر تي مسلمانن ئي مارٽر هلايا آهن؟
    مرشد سلطان باهو پڻ اهڙي شڪايت ڪئي اهي
    جيڪر دين علم وچ هوندا تان سر نيزي ڪيون چڙهدا هُو
    18000 جو عالم ها اڳي حُسين عه دي مردا هُو
    جي ڪجھ ملاحظه ڪردي سرور دا تي خيمي تنبو ڪيون سڙدي هُو
    جي مندي بيت رسولي تي پاڻي ڪيون بند ڪردي هُو
    پر صادق دين تنهان دا باهوُ جهڙي سر قرباني ڪردي هُو
    وسلام
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين فاروقي صاحب جن جي ڳالھ بلڪل درست آهي ته تاريخ جي سڀني مذهبن جي جيڪڏهن هسٽري پڙهجي ته واقعي به جيڪا عزت، مقام، حيثيت ۽ حقوق اسلام عورت کي ڏنا آهن ٻئي ڪنهن به مذهب ناهن ڏنا۔
    اسان شام جي ظالم، طاغوت، ڪفر جي چيلي بشار تي لعنت ٿا وجهون جنهن ٻن سالن کان ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي، شام ۾ گذريل ٻن سالن کان هن ڪُتي ٻن لکن کان وڌيڪ مظلوم انسانيت (جوان، پوڙها، عورتون، ٻارڙن)جو رت وهايو آهي، اهڙي ريت اسان انهن مسلمانن توڙي غير مسلمن (ڇو ته شام ۾ مسلمان به رهن ٿا ته ڪافر ۽ عيسائي، يهودي وغيره سڀ رهن ٿا) جي مذمت ڪريون ٿا جن مسلمانن جي ۽ آل رسول جي قبرستانن جي بي حرمتي ڪئي آهي۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي


    سائين اسان هر ظالم جي مذمت ڪريون ٿا هر زماني جي ان بدحواس حڪمران جي جنهن آلِ رسول تي ظلم ڪيو جن آلِ رسول جي مستورات تي ظلم ڪيا۔
    ظلم ڪري ڪو ڀري ڪو ظلم ڪري بشار ۽ راڪٽ حملا ٿين سيده جنابِ بيبي زينب جي مزار تي اسان اهڙا کڻي اهي ڪنهن به مذهب مان ڇو نه هجن تي لعنت ٿا ڪريون ۔
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو