ســمــجهــوتــو زيب سنڌي ”پنهنجو وعدو ته ياد اٿئي نه؟“ ”وعدو-ڪهڙو وعدو- ڪنهن جو وعدو!“ ”وساري ڇڏيئي نه! شاپنگ جو وعدو!“ ”اوهو-غزالا، مون کان ته واقعي ڳالهه وسري ويئي هئي.“ ”ته پوءِ مان ٿي ياد ڪرائي ڇڏيان، ٺيڪ آ؟“ ”پر غزالا! اڄ ته منهنجي ضروري اپائنٽمينٽ آهي.“ ”انهيءَ جو مطلب ته اڄ آفيس کان جلدي نه موٽندين!“ ”پليز زاهد، اڄوڪي اپائنٽمينٽ ڪينسل ڪري ڇڏ.“ ”چري، تو کي خبر آهي ته مان وڏي محنت کان پوءِ هڪ ننڍڙي فرم جو مالڪ ٿي سگهيو آهيان. اڄ ته مون هڪ پارٽيءَ کان ڏاڍي مشڪل کان پوءِ وقت ورتو آهي.“ ”بزنس! بزنس ۽ بزنس! ڇا بزنس کان ٻاهر ڪا زندگي ناهي!“ ” آهي-ضرور آهي- ۽ .... ۽ منهنجي اها زندگي تون آهين، پليز غزالا‘! منهنجي مجبوريءَ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، تون پاڻ شاپنگ لاءِ هلي وڃجانءِ، شاپنگ سينٽر پري ته ناهي، ۽ ها، منهنجي لاءِ گري ڪلر جي هڪڙي ٽاءِ به وٺي اچجانءَ.“ ”چڱو ٺيڪ آ، پوءِ ڏيکار سخاوت.“ ”حاضر سائين، حڪم ڪيو.“ ”فقط ٽي هزار.“ ”ٽي هزار؟ اهي ڪجهه وڌيڪ ناهن.“ ”جي سائين، جيڪي بچندا سي گهر واپس کڻي ايندس، رستي ۾ ڦٽي نه ڪري ڇڏينديس.“ ”پر منهنجي کيسي ۾ ته في الحال ٻه هزار ئي آهن، خير، اهي تون رکي ڇڏ، مان بئنڪ مان گهرائي وٺندس.“ ”پر زاهد، انهن مان ته ڪم نه هلندو.“ ”مڙئي ڪم هلائي وٺجڪان، ڪجهه شيون رهجي ويون ته پوءِ وٺي ڇڏينداسين.“ ”زاهد....پٽ زاهد....“ ”غزالا، شايد امان هيڏانهن پيئي اچي، جي امان؟“ ”ڇا پيو ٿئي پٽ؟“ ”ڪجهه نه امان، آفيس پيو وڃان، خدا حافظ!“ ”خدا حافظ پٽ!.... ڪيترا پئسا اٿئي غزالا؟“ ”ٻه هزار، صرف ٻه هزار آنٽي!“ ”ڇا لاءِ؟“ ”ڪجهه شاپنگ ڪرڻي هئي.“ ”مون کي ڏي اِهي پئسا!“ ”پر آنٽي، مون کي ضرورت آهي.“ ”چڱو هي وٺ غزالا، هڪ هزار تون کڻ.“ ”آنٽي، مون کي ڪجهه ضروري شيون وٺڻيون آهن!“ ”ضرورت جي ڪهڙي شيءَ هن گهر ۾ موجود ڪونهي؟“ * * * * ”غزالا، جلدي چانهه ڏي، مون کي هن وقت ناشتي جي ٽيبل تي نه، آفيس جي ٽيبل تي هئڻ گهربو هو.“ ”هي وٺو چانهه- ۽ ها زاهد، اڄ شام الماس جي برٿ ڊي پارٽي آهي.“ ”ها، مون کي ياد آ.“ ”آفيس مان ڪنهن مهل واپس ايندين؟“ ”ڇهين تائين اچي ويندس.“ ”پر پارٽيءَ جو ٽائيم به ته ڇهه ئي آهي!“ ”پوءِ ڇا هي، بس گهر ايندس ۽ تيار ٿي هليا هلنداسين.“ ”زاهد....پٽ، ڪيڏانهن وڃڻ جو پروگرام پيو ٺهي؟“ ”امان! هو، غزالا جي ڪزن الماس جي سالگرهه آهي.“ ”توهان ٻنهي کي ته هجي ڇڙو دعوتن ۾ وڃڻو. ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جو به خيال اٿو!“ ”ڇو امان، ڇا ڳالهه آهي؟“ ”وڏي ڀاءُ جي گهر ڪيترن ڏينهن کان ناهين ويو؟“ ”ها امان، واقعي ٻه هفتا ته ٿي ويا آهن!“ ” ۽ ٽيون ڏينهن آهي جو ڀاڻين بستري داخل آهي.“ ” ڇو امان، خير ته آهي نه؟“ ڪالهه ڪاليج کان موٽندي تنهنجو ڀائيٽو آيو هو.چيائين ته بابا جي طبيعت وري خراب ٿي پيئي آهي،۽ويٺو ماءُ۽ڀاءُ کي سنڀاري! ”الله خير ڪندو، مان سڀاڻي آفيس ويندي پهرين ادا وٽان ٿيندو ويندس. ”پر پٽ، ڇا مان پنهنجي پٽ ڏانهن نه وينديس!، ”ها امان،ڇو نه، مان صبح جو توهان کي ڇڏڻ ويندس،شام جو واپس وٺي ايندس. ”نه پٽ، ائين مون کي سک نه ايندو،اڄ شام ئي هلنداسين،۽ مان ٻه چار ڏينهن اتي ئي رهنديس.“ ”پر امان، اڄ ته مون کي غزالا سان گڏ دعوت ۾ وڃڻو آهي!“ چئبو توکي اهي روز جون دعوتون ڀاءُ کان وڌيڪ پياريون آهن!“ ”نه نه امان!منهنجو اهو مطلب ناهي......چـڱو اڄ شام ئي هلنداسين!“ ”پر زاهد... ”ساري غزالا،دعوت ۾ نه هلنداسين،” * * * * ”غزالا،اڃان جاڳين پئي؟ ”هون-ها-!، ”ڇا ڳالهه آ،اداس پئي لڳين!“ ”مون کي سمجهڻ لاءِ تو وٽ وقت ڪٿي آهي! رات جا يارهين ٿي ويا آهن،۽تون اڃا آفيس جي ڪم کان به واندو ناهين ٿيو!“ غزالا!ڇا ٿيو توکي،واٽ ازدي پرابلم؟“ ”دل جي ڳالهه ٻڌڻ وارا دوست نصيب وارن کي ملندا آهن!“ ”ته پوءِ اڄ کڻي ٻڌايو سائين!“ ”توکي آفيس جي ڪم۽انٽيءَ جي خدمت کان پوءِ ڪو وقت ملي ته ڪجهه چوان نه!“ ”ڏس غزالا،مڃان ٿو ته امان جي ضرورتن ۽ خواهشن جو ڪافي خيال رکندو آهيان، ڇو ته اهو مون تي سندس حق به آهي. رهيو سوال آفيس جي ڪم جو، ته اهو منهنجو ذاتي بزنس آهي، بزنس کي وڌيڪ وقت نه ڏيندس ته زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وينداسين، غزالا! ڪجهه چؤواٽي تان جيڪڏهن اسين تيزيءَ سان پنهنجي گاڏيءَ کي ڊرائيو ڪري نه ڪڍنداسين ،ته ممڪن آهي ته ريڊ لائيٽ اسان جو رستو روڪي وٺي!“ ”پر منهنجي سوچن جي ته سمورن رستن کي هن گهر جي مسئلن روڪي ڇڏيو آهي!“ ”نه ڄاڻ ڇا سوچيندي رهندي آهين،نه سوچيندي ڪر گهڻو.“ ”جيڪر اسان جي گهر جون حالتون اهڙيون هجن ها، جو مون کي گهڻي سوچڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي ها!“ ”ڇا ٿيو آ اسان جي گهر کي ! سڀ ڪجهه ٺيڪ ته آهي ،ننڍين ننڍين ڳالهين کي سيريس نه وٺندي ڪر!“ ”ڳالهه هڪ ڏينهن جي هجي ته لنوائي به ڇڏيان،پورا ٽي سال ٿيا آهن اسان جي شاديءَ کي ڪهڙو سک مليو آهي،مون کي انهن ٽن سالن ۾!“ ”ڇو ٿي پاڻ کي پريشان ڪرين غزالا! ننڍين ننڍين مسئلن تي ڳالهائي سگهون ٿا.شڪايتن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن سمجهوتي تي پهچي سگهون ٿا،“ ”سمجهوتو-اڃان اسان سمجهوتن جي سهاري سڄي زندگي گذاري ڇڏيون! ڇا رکيو آ انهيءَ زندگي ۾،جيڪا سمجهوتن وسيلي گذاري وڃي .....محبتن کان خالي.“ ”چري، تون ته اڄ به مون لاءِ شاديءَ کان پهرين واري غزالا آهين،منهنجي تصويرن تي ڇانيل!“ ”ڪهڙو خيال رکيو آ ان جي باوجود تو منهنجو!“ ”مون ڄاڻي واڻي ته ڪڏهن به توکي ڪا تڪليف ناهي ڏني غزالا!جيڪڏهن توکي پوءِبه ڪا شڪايت آهي ته مان آئنده تنهنجو وڌيڪ خيال رکنديس.“ ”اهو ته تون اڳ به ڏهه دفعا چئي چڪو آهين!“ ”ايڏو جذباتي ٿيڻ ٺيڪ ناهي غزالا! پليز،ڪجهه سوچ!“ ”نه زاهد اسان ٻنهي جي سوچ ۾سڀ کان وڏو فرق آهي ته مان زندگيءَ جي نالي تي ڪوبه سمجهوتو ڪري نٿي سگهان.“ ”تون حد کان وڌيڪ اموشنل ٿي ويئي آهين. انهيءَ حالت ۾ توسان ڪهڙو بحث ڪيان!“ ”بحث مان به نٿي ڪرڻ چاهيان، مان ڪو فيصلو ڪرڻ ٿي چاهيان.“ ”ٺيڪ آ غزالا! توکي پنهنجي باري ۾ ڪو فيصلو ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي، مان تنهنجي فيصلي تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪنديس.“ * * * * * * ”پنهنجي صحت جو خيال رک غزالا! ناشتي جو مطلب ڪجهه کائڻ پيئڻ هوندو آهي، سنگهڻ نه“ ”هون-ها- بس دل نٿي چاهي.“ تنهنجي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟“ ”ها.ٺيڪ آهي.“ ”هيلو غزالا!“ ”هيلو!“ ”هي سوٽ ڪيس اڃا هتي پيو آهي.“ ”جيڪڏهن سفر ڪرڻو ئي آهي ته پوءِ رستي تان هٽڻ ڪهڙو1“ ”مان اڃان به اهو ئي پيو سمجهان ته تون جذباتي فيصلو ڪري رهي آهين.“ ”هر فيصلي ۾ جذبن جو ئي دخل هوندو آهي.“ ”۽ جذبن جي شدت اسان کان غلط فيصلا به ڪرائي وٺندي آهي.“ ”زندگيءَ ۾ به ته گهڻو ڪجهه غلط ٿي ويو آهي.“ ”ڇا غلط آهي ۽ ڇا درست، اهو فيصلو ڪرڻ ايترو آسان ناهي، جيترو تون سمجهين ٿي، ”مان سڀ سمجهان ٿي، تون ڇا ٿو سمجهين ته ڪار، بنگلو،خوبصورت فرنيچر۽بهترين ڊريسز جهڙيون شيون ئي زندگي ۾ اهميت رکن ٿيون!“ ”تون انتها پسنديءَ کان ڪم ٿي وٺي غزالا1“ ”حالتون انسان جي پنهنجي پيداوار هونديون آهن،۽ انسان جي پنهنجي عمل سان اهي تبديل ٿي سگهنديون آهن،“ ”پر اسان جي گهر ۾ ڪنهن حالتن کي بدلائڻ جي ڪوشش به ڪئي؟“ ”تون ئي شروعات ڪرين ها، ڇا اهو بهتر ناهي ته اسين ٻين تي ڊپينڊ ڪرڻ بجاءِ پاڻ تي ڀاڙيون.“ ” پر آنٽي! مون کي پاڻ تي ڊپينڊ ڪرڻ ڏئي ڪٿي ٿي!“ ”امان جو رويو جيڪڏهن ظاهري طور تي توکي سخت لڳي ٿو ته ان جو اهو مطلب ناهي ته هوءَ اسان جي پرسڪون زندگيءَ جي خواهشمند ناهي.“ ” ته پوءِ هوءَ ڇو ٿي ڪري ايتري دخل اندازي؟ ڇو ٿي منهنجي ننڍين ننڍين خواهشن کي به دٻائڻ جي ڪوشش ڪري.“ ”ٽراءِ ٽو انڊر اسٽينڊ غزالا! جن ضرورتن کي اسين جائز سمجهون ٿا، انهن کي جيڪڏهن امان فضول خرچي سمجهي ٿي، ته انهيءَ ۾ هن جو ڪو ڏوهه ناهي. اهي ته جنريشن گئپ جا پرابلمس آهن. انهن کي فيس ته ڪرڻو ئي پوندو.“ ”ته پوءِ آنٽي انهن فاصلن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نٿي ڪري!“ ”اها وڇوٽي ختم ڪرڻ جي ڪوشش تون به ته ڪري سگهين ٿي.“ ”چڱو، مان هلان ٿو، پر هي... هي سوٽ-ڪيس هتي ڇو پيو آهي؟“ ”مون تيار ڪري رکيو آهي.“ ”پر ڇو؟“ ”مان پنهنجي گهر ٿي وڃان.“ ”تون پنهنجي گهر ۾ ئي ته آهين.“ ”منهنجو مطلب آ، ما مميءَ جي گهر ٿي وڃان!“ ”پر ڇو، ڇا لاءِ؟“ ”اسان ٻنهي گڏجي گهر ٺاهڻ جي ڪيڏا خواب ڏٺا هئا، پر جڏهن اُهو گهر ٺهيو ته مون کي پنهنجو محسوس ئي نه ٿيو!؟ ”هي گهر-هي سڀ ڪجهه تنهنجو ئي ته آهي.“ ”پر هي گهر، منهنجن خوابن جهڙو ناهي.“ ”خوبصورت خوابن ۽ تلخ حقيقتن جي وچ ۾ زندگيءَ جو درياهه به وهندو آهي، غزالا! حقيقتن جي ڪناري تان بيهي، ٻئي ڀر جا خواب ڏسي ته سگهجن ٿا، پر انهن کي مٺ ۾ بند نٿو ڪري سگهجي.“ ”۽ جيڪا شيءَ منهنجي مُٺِ ۾ ناهي، اها منهنجي ناهي. مان اڄ مميءَ جي گهر هلي وينديس. آنٽي اچي ته تون کيس ٻڌائي ڇڏجانءِ.“ ”اها ڳالهه ڪجهه مناسب ناهي غزالا! هڪ ٻي ڏينهن ترسي پئو. امان ادا جي گهران واپس اچي ته پوءِ هلي وڃجانءِ.“ ”نه، مان اڄ ئي وينديس- ۽ تو چيو هو، ته مان تنهنجي ڪنهن به فيصلي تي اثرانداز نه ٿينديس.“ ”ها، ٺيڪ آ- مان پنهنجي وعدي تي قائم آهيان، پر تون ڪيترن ڏينهن لاءِ ويندينءَ؟“ ”في الحال ڪجهه چئي نٿي سگهان. شايد مهينو، سال، يا ان کان به وڌيڪ وقت لاءِ....“ ”توکي پنهنجي باري ۾ فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار آهي، پر مناسب سمجهين ته هڪ ڳالهه چوان.“ ”چئه!“ ”ٿي سگهي ته منهنجو انتظار ڪجانءِ. آفيس کان واپس اچي مان تو کي پاڻ ڇڏي اينديس.“ ”ٺيڪ آ، مان انتظار ڪري وٺنديس.“ * * * * ”......“ ”ڏس غزالا! اسان وڏن جي پاڇي ۾، ڪنهن بَڙَ جي ڇانوَ جيان رهندا آهيون- ۽ اهو احساس اسان کي تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن اسان بزرگن جي شفقت کان محروم ٿي ويندا آهيون.“ ”.......“ ”۽ تون سوچ ته سهي، ڇا اهو مهربان پاڇو سدائين اسان تي برقرار رهندو؟ عمر جي به ڪا تقاضا هوندي آهي.... تون ٻڌين پئي نه؟“ ”مان نٿي ٻڌي سگهان اهي تقريرون-پليز، مون کي مميءَ جي گهر ڇڏي اچ.“ ”ٺيڪ آ- هل!“ * * * * ”غزالا! تون...... ڪيئن آهين تون....“ ” مان...... مان ٺيڪ آهيان...... تون ڪيئن آهين!“ ”منهنجو فڪر نه ڪر، مون کي معمولي ڌڪ لڳا آهن.“ ”سچ ٻڌاءِ.... تون..... تون بلڪل ٺيڪ آهين؟“ ”ها، تنهنجي هوش ۾ اچڻ کان پهرين ڊاڪٽر رپورٽس ٻڌايون. شڪر آ ايڏي وڏي ايڪسيڊنٽ کان پوءِ به تو کي ڪو فريڪچر ناهي ٿيو. گاڏي ته بلڪل ڪريش ٿي وئي!“ ”اوهه... تو آنٽيءَ کي اطلاع ڪيو؟“ ”نه- امان کي خبر پوندي ته ٻيئي هاسپيٽل ۾ آهيون ته سخت پريشان ٿيندي. هوءَ ادا جي بيماريءَ ڪري ئي پريشان آهي.“ ”۽ منهنجي مميءَ کي؟“ ”ها، کيس فون تي اطلاع ڪرايو اٿم. ڊاڪٽر اجازت ڏني آهي. تنهنجي ممي اچي ته سندس گهر هلون ٿا.“ * * * * ”زاهد! تون پاسي واري ڪمري ۾ آرام ڪر. مان جاڳان ٿي. غزالا کي دوا ڏيندي رهنديس.“ ”ٺيڪ آ- پر غزالا دوائن سبب سڄي رات بيهوشيءَ جي حالت ۾ رهندي. سندس خيال رکجو.“ ”زاهد! مان غزالا جي ماءُ آهيان!“ ”جي جي- مان ٻئي ڪمري ۾ ٿو وڃان!“ * * * * ”پاڻي.....پاڻي....“ ”ها ها- ها، آهستي آهستي اٿ، بلڪل آهستي غزالا!“ ”تون... ڇا تون.... سڄي رات جاڳندو رهيو آهين؟“ ”مان ڪو سڄي رات ٿوروئي ويٺو هوس هتي!“ ”سچ ٻڌاءِ زاهد، ڪنهن مهل کان تون هتي ويٺو رهيو آهين، ڪوڙ نه ڳالهائجانءِ.“ ”ڇڏ انهن ڳالهين کي، تون ٻڌاءِ، ڪيئن آهين.“ ”منهنجو فڪر نه ڪر، مان ٺيڪ آهيان.“ ”زاهد، هو ڏس، ممي منهنجي ڪمري ۾ هوندي به اڃا ننڊ پيئي آهي.“ ”ٺيڪ آ غزالا! ٿي ويندو آ ائين. ننڊ ته اچي ويندي آهي.“ ”پر زاهد، تنهنجون اکيون ڳاڙهيون ڇو آهن؟ سڄي رات منهنجي ڪري جاڳيو آهين نه؟“ ”چري، نه سوچيندي ڪر گهڻو!“ ”......“ ”چڱو غزالا، مان هلان ٿو.“ ”ڪاڏي پيو وڃين؟“ ”پنهنجي گهر.“ ”ترس، مان به توسان گڏ هلنديس. مان به پنهنجي گهر هلنديس.“ ”اوهه! ٿينڪ يو غزالا! ٿورو ترس، مان تنهنجي مميءَ کي جاڳايان، کيس ٻڌائي هلون.“ ”نه- ممي ڀل سُتي پئي هجي.“ * * * * ڊزائن ۽ چونڊ رضوان گُل