• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بلاگ جي پوسٽ کي ڪاپي ٿيڻ کان ڪيئن محفوظ ڪجي.

هوئن ته ان سلسلي ۾ اڳ ئي فاروق سومرو هڪ موضوع پوسٽ ڪري چڪو آهي۔۔۔ پر ڇا توهان ٻڌائيندو ته توهان کي اهڙي ريسٽرڪشن لڳائڻ جي ڇو ضرورت پيش پئي اچي۔۔ ؟
اصل ۾ اهو سوال ان ڪري ٿو پيش اچي ته ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته انٽرنيٽ تي سنڌي مواد کي عام ڪجي۔۔۔ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪو توهان جي مواد مان فائدو حاصل ڪري ته هوندر توهان کي به ڀلو لڳندو۔۔۔ ها بس ضرورت هڪ ڳالهه جي آهي ته دوستن کي ترغيب ڏجي ته ڪنهن جو مواد ڪاپي ڪري ڪاٿي پيش ڪجي ته ان جو حوالو ضرور ڏجي۔۔۔
 
مٿي ڏنل لنڪ موجب بلاگ تي تبديلي ته آندي اٿم،پر هاڻ مون کي خبر ڪيئن پوندي ته اهو ڪم صحيح طريقي سان ٿيو آهي۔
 
بهتر آهي ته فائدو عام ڪجي، پر اخلاقي فرض به آهي ته حوالو ڏجي۔۔۔ نه ته علمي خيانت ليکبي۔۔۔
ڪافي دوست سنڌ سلامت ۾ ۽ ان کان ٻاهر ڪافي مضمون پنهنجي نالي سان نشر ڪندا آهن ليڪن حقيقت ۾ اهي مضمون انهن جا پنهنجا نه بلڪه انهن صرف سنڌي ۾ انهن مضمونن جو ترجمو ڪيو هوندو آهي، جيڪا پڻ علمي خيانت آهي۔۔۔
 
Back
Top