پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش منگسي ۽ ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي مان ۾ اعزازيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌي دوستو چند ڏينهن پهرين شهر ٽنڊو محمد خان جي پريس ڪلب ۾ منگسي اتحاد طرفان شهر جي محترم پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش منگسي کي سندس مقالي خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري ۽ شخصيت جي عنوان تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ تي، ۽ محمد ابراهيم سنڌي ءَ کي سندس مقالي شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار جي عنوان تي ڊگري ملڻ جي خوشيءَ ۾ هڪڙو زبردست اعزازيو ڏنو ويو، هن اعزازي تقريب ۾ ٻن سنڌ ڏاهن محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ۽ پروفيسر سائين قلندر بخش لڪياري صاحب کان علاوه ڪافي سارن اديبن ۽ ادب دوستن پڻ شرڪت ڪئي، انهن ۾ نمايان نالا محترم تميمي، محترم فدا احمد فدا سُرهيو، محترم حڪيم محمد يوسف کتري، سيد سارنگ شاهه، محترم اعظم ڀٽي، محترم پروفيسر سائين محمد موسى سٺيو ، محترم عبدالجبار منگسي، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي صدر محترم سرفراز ڀٽي، بُلڙي شاهه ڪريم هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر سائين پيربخش جماري، محترم لونگ بُلڙائي ، محترم تاج ٽکڙائي جن جا آهن، هن تقريب ۾ ڳالهائيندي اعظم ڀٽي چيو ته شهر ٽنڊو محمد خان جا هي ٻه ڊاڪٽر پنهنجي محنتن جي آڌار تي هاڻي سموري سنڌ جا ڊاڪٽر آهن، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي صدر سرفراز ڀٽي چيو ته اسان خوشنصيب آهيون جو اسان جي پريس ڪلب ۾ هنن ٻنهي ڊاڪٽرن جي مان ۾ اعزازيو رکيو ويو آهي، محترم حڪيم محمد يوسف کتري ٻنهي ڊاڪٽرن کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملڻ تي واڌايون ڏيندي چيو ته سچي محنت ۽ لگن سان ئي منزلون ماڻبيون آهن، پروفيسر موسى سٺيو چيو ته ٽنڊو محمد خان وارا خوشنصيب آهن جو کين ٻه ڏاها پي ايچ ڊي ڊاڪٽر مليا آهن، مگسي اتحاد جي صدر محترم عبدالجبار منگسي چيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، جو مون هن اعزازي تقريب ذريعي ٻن پي ايڇ ڊي ڊاڪٽرن کي محبتن جي ڀيٽا ڏني آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر امين لاکي کين مُبارڪون ڏيندي پنهنجي مڪمل ساٿ جو يقين ڏياريو.... محترم تميمي صاحب چيو ته پي ايڇ ڊي ڊاڪٽري لاءِ تمام گهني محنت ۽ جانفشاني ڪرڻي ٿي پوي، پنهنجي اعزاز ۾ ٿيل هن تقريب تي ٿورا مڃيندي ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي چيو ته اسان کي ڊاڪٽري ملي آهي پر اها اڃا به تحقيق لاءِ ملي آهي، ڪنهن به تحقيق جي ڪا به آخري حد ڪانه هوندي آهي، اسان کي اڃان به گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش منگسي چيو ته خليفو نبي بخش قاسم جنهن جي شاعري ۽ شخصيت تي مون هي پي ايڇ ڊگري حاصل ڪري پنهنجي هڪ سپني جي ساڀيان حاصل ڪئي، خليفو نبي بخش قاسم جي شاعري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جو هڪ چمڪندڙ باب آهي، هن منگسي اتحاد وارن جو پڻ ٿورو مڃيو ، پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش منگسي ۽ ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي شخصيت ۽ سندن مقالن تي ڳالهائيندي سنڌ جي ڏاهي مفڪر پروفيسر قلندر بخش لڪياري چيو ته جس هُجي هنن سنڌي سپوتن کي جن تحقيق جي بنهه اونهائين ۾ وڃي ڪجهه سوجهي ڪڍيو آهي، پر اڃان سندن شروعات آهي، اڃان کين گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ٽنڊو محمدخان جي عوام کي مُبارڪون ڏيندي پروفيسر قلندر بخش لڪياري چيو ته هي ٻه ڊاڪٽر هاڻي صرف ٽنڊو محمد خان جا نه آهن پر پوري سنڌ جا آهن............ سنڌ ڏاهي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو چيو ته پي ايڇ ڊي ڊگري حاصل ڪرڻ تمام گهڻي ڏکي ڳالهه آهي جڏهن پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ پي ايڇ ڊي واري ڊگري ڏيارڻ واري سيٽ جو انچارج هوندو هو ته انهي ڪم جي ڏکائين جي ۽ محنت طلب تحقيق جي ڪري گهڻو ڪري پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارن کي منع ڪندو هُئس ته انهيءَ ڏُکي ڪم تان هٿ کڻي وڃو......... پر هنن ٻن ڊاڪٽرن ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي حاصل ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته محنت ۾ عظمت آهي، محنت جي سامهون دنيا جي هرڪا ڏُکائي دور ٿيو وڃي ............ آخر ۾ معزز مهمانن کي اجرڪن جا تحفا ۽ ٻنهي ڊاڪٽرن کي منگسي اتحاد طرفان شيلڊون تحفي طور ڏنيون ويون ان کان علاوه معزز مهمانن کي لنچ پڻ ڪرايو ويو۔۔۔

    پيش آهن ان بهترين تقريب جون ڪجهه تصويري جهلڪيون

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    محترم جناب پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش منگسي پنهنجي تقرير ڪري رهيو آهي، کيس اجرڪ جو تحفو ۽ شيلڊ ڏني پئي وڃي​


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    محترم جناب ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي پنهنجي تقرير ڪري رهيو آهي ، کيس اجرڪ جو تحفو پارايو پيو وڃي ۽ کيس شيلڊ پڻ ڏني پئي وڃي​
     
  2. ڊاڪٽر قادر بخش منگسي

    ڊاڪٽر قادر بخش منگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 فيبروري 2010
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    im principal in t m k
    جواب: پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش منگسي ۽ ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي مان ۾ اعزازيو

    سائين اسلام عليڪم
    سائين توهان جي مهرباني جو سنڌ سلامت تي اسان جي بابا سائين جي ڪانفرنس موڪلي تو هان جا لک ٿورا پر هن جي وڊيو سي ڊي ڪنهن وٽ آهي اها اسان کي کپي ٿي .
    سجاد علي منگسي

    shal judy hujeen
     
  3. محمد جمن شيخ

    محمد جمن شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش منگسي ۽ ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي مان ۾ اعزازيو

    محترم سائين ٽنڊو محمد خان جي ٻن ناميارين شخصيتن بابت کين تحقيق تي مليل ڊاڪٽريٽ ڊگري سچ ته ٽنڊو محمد خان واسين سان گڌ پوري سنڌ لاٌءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جي علم ادب سائنس بابت تحقيقي ماهرن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، آئون سنڌ سلامت وسيلي کين دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو، ۽ اسان لاءِ اهيا ڳالهه پڻ فخر لائق آهي ته سائين عبدالرشيد ۽ ٻين سٿ جي سمورن جاکوڙين جي محنت پوري دنيا جي سنڌين کي سنڌ سلامت جهڙي گهڻ رخي سائبر سائٽ تي گڏ ڪيو آهي ۔sadayeen gud
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش منگسي ۽ ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي مان ۾ اعزازيو

    واه سائين واه

    تمام بهترين ڪوششون آهن توهان جو سنڌ سلامت فورم لا۽ ،
    مهرباني سائين
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش منگسي ۽ ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي مان ۾ اعزازيو

    سائين نثار صاحب۔۔۔ اهڙي ادبي ۽ علمي محفلن جي معلومات کي اسان سان ونڊ ڪرڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش منگسي ۽ ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي مان ۾ اعزازيو

    مٺا سجاد علي منگسي۔ جيئي سنڌ شال جُڙيو هُجين۔ ادا سائين پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش منگسي ” اُستاد حاتم“ هاڻي سموري سنڌ جا پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر آهن، منهنجي خيال ۾ خليفي نبي بخش قاسم جي شخصيت ۽ اُن جي شاعريءَ تي سنڌيءَ ۾ تحقيق ڪرڻ وارا دنيا جا پهريان پي ايڇ ڊي ڊاڪٽرپڻ ۔اسان جي سموري سنڌ سلامت جي سٿ سائين جن کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان مبارڪون ٿي ڏي، ۽ پنهنجي دل جي گهرائين سان سنڌ سلامت جو ميمبر ٿيڻ تي ڀلي ڪار ٿي چوي، ۽ اها اميد ٿي ڪري ته سائين جن جي تجربي، سائين جن جي تخليق ۽ سائين جن جي مفيد ڳالهين مان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ سميت ساري دنيا جا سنڌي سدائين مستفيد ٿيندا رهندا۔ هي ڪجهه تصويرون اڃا ڪجهه مان ونڊ نه ڪري سگهيو هُئس سي اپلوڊ ڪري توهان سان ونڊ ڪريان پيو۔۔۔۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]
    مشهور سنڌي مفڪر سنڌ ڏاهو ڊاڪٽر عبدالجبار جُوڻيجو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي ۽ ٻي تصوير ۾ پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش ”اُستاد حاتم“ منگسي ڊاڪٽر عبدالجبار جُوڻيجو کي اجرڪ جو تحفو پارائي رهيو آهي​


    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌي مفڪر سائين پروفيسر قلندر بخش لڪياري تقرير ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻي تصوير ۾ کيس اجرڪ جو تحفو پارايو پيو وڃي​


    [​IMG]
    فاران شوگر ملز شيخ ڀرڪيو هاءِ اسڪول جو پرنسپل محترم جناب پروفيسر محمد موسي سٺيو پنهنجي تقرير ڪري رهيو آهي​


    [[​IMG]
    محترم حاجي محمد امين لاکو ضلعي صدر پاڪستان پيپلز پارٽي ٽنڊو محمد خان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي​


    [​IMG]
    منگسي اتحاد جو روح روان ۽ هن تقريب کي آرگنائز ڪندڙ محترم عبدالجبار منگسي آجياڻي جي تقرير ڪري رهيو آهي​

    [​IMG]
    سنڌيءَ ۾ طب جي موضع تي 30 ڪتابن کان وڌيڪ ڪتاب لکندڙ، سنڌي طبي رسالي ” صحت سرير جي“ ،سنڌي اخبار ڏات ٽنڊو محمد خان جو چيف ايڊيٽر، ۽ سنڌ سلامت جو ميمبر سنڌ جو ڏاهو حڪيم محترم حڪيم محمد يوسف کتري هن موقع تي تقرير ڪري رهيو آهي​


    [​IMG]
    پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جو صدر محترم سرفراز ڀٽي پنهنجا خيال ونڊي رهيو آهي​
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: پروفيسر ڊاڪٽر قادربخش منگسي ۽ ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي مان ۾ اعزازيو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    هن تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ معزز مهمانانِ گرامين جون تصويرون​


    [​IMG]
    محترم پروفيسر فدا احمد فدا سُرهيو تقرير ڪري رهيو آهي​


    [​IMG]
    محترم رسول بخش تميمي صاحب تقرير ڪري رهيو آهي​

    [​IMG]
    محترم اعظم ڀٽي سينئر صحافي جنهن اسٽيج سيڪريٽري وارا فرض ادا ڪيا​

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي​


    [​IMG]
    ڪي ٽي اين جو ڪئميرا مين ۽ سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر سيد غلام علي شاهه پنهنجي ڪئميرا سميت​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو