السلام و عليڪم دوستو ! اميد ته خيريت سان هوندا۔۔۔۔ ڪافي ڏينهن کان پو حاضري نصيب ٿي آهي۔۔۔۔۔۔۔دوستو مان ايم ايس ورڊ ۾ جڏهن ڪالمز ٺاهي ڪري انهن ۾ سنڌي لکندو آهيان ته اها کاٻي پاسي کان شروع ٿيندي آهي مان چاهيان ٿو ته اها ساڄي پاسي کان شروع ٿئي ڪافي ڪوشش ڪيم پر نه ٿي سگهيو ۔۔۔ مهرباني ڪري رهنمائي ڪندا جيڪڏهن ڪو دوست ان کان واقف آهي۔۔۔۔۔؟ جواب ڏِسڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو.
سائين اوهان ساڄي پاسي واري ڪنٽرول+شفٽ ٻنهي بٽڻن کي گڏائي دٻايو، ان شا الله مسئلو حل ٿي ويندو، جي نه ٿي ته ٻڌائجو خدمت ۾ حاضر هوندا سين ان شا الله۔۔۔
سائين معاف ڪجو شايد مونکي مسئلو سمٍجهائڻ نه آيو آهي منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته پيج ڪالمز ۾ فرض ڪيو اسان پيج جا ٻه ڪالمز بڻاياسين هاڻي اسانکي ان ۾ سنڌي لکڻي آهي سوال آهي ته ساڄي واري ڪالم کان ڪئين شروع ڪجي ؟
توهان جو سوال جيڪو مون کي سمجهه ۾ آيو ته توهان ڪالم جي ٻئي پاسي واري ڪالم ۾ لکڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو۔ توهان جي ڏنل تصوير مان معلوم ٿئي ٿو ته توهان جي لينگيوئيج فار نان يوني ڪوڊ پروگرامس ۾ ان پٽ لينگيوئيج انگلش سليڪٽ ٿيل آهي جڏهن ته ان ۾ عربي کي سيٽ ڪندا ته جيئن پهريائين ساڄي ڪالم ۾ لکڻ جي لاء ڪرسر ساڄي پاسي ٿي بيهي، بعد ۾ اگر ٻئي پاسي لکڻ چاهيو ٿا ته جيستائين اهو ڪالم پورو نه ٿيندو ته تيستائين ٻئي پاسي لکي نه سگهبو ان ڪري اگر توهان ٻئي پاسي لکڻ چاهيو ٿا ته توهان مسلسل انٽر دٻائي يا مسلسل ٽيب دٻائي ڪالم جي ٻئي پاسي لکڻ جي ڪنڊيشن ۾ اچي سگهو ٿا اگر اڃا به ڪا الجهن آهي ته وري ٿوري وضاحت ڪندا يا ڪو دوست جيڪو ورڊ کان وڌيڪ باخبر هجي ان کي عرض آهي ته توهان جي مدد ڪري۔ نوٽ اها سيٽنگ ڪنٽرول پينل ۾ ريجنل لينگوئيج سيٽنگ مان ٿيندي۔
جيسياتائين سائين رحيم بخش جن جي ڳالھ آهي تنهن لاءِ تصويرن ذريعن مسئلو سلجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو پر منهنجي خيال ۾ اهو فارمولو 2003 واري ايم ايس ورڊ ۾ ڪم نٿو ڪري تنهن ڪري آ۽ هن مسئلي جو حل ايم ايس ورڊ 2007 ۾ ڳولي ورتم حاضر آهي ان جو طريقي ڪار آخر ۾ او ڪي پٽڻ دبايو ان شاء الله مسئلو حل ٿي ويندو ۔ والسلام
دوست عمران پيرزادو لڳي ٿو آفيس 2003 استعمال ڪري رهيو آهي۔۔ ۽ سندس طرفان اسڪرين شاٽ ڏيکارڻ کان پوءِ خبر پئي ته پاڻ بس هڪ ننڍي جاءِ تي چُڪ ڪري ويٺا آهن۔۔۔ سندن ڳالهه کي سلجهائڻ لاءِ هيٺ هڪ تصوير لڳائجي ٿي جنهن ۾ نمبر وائيز ٻڌايو ويو آهي ته هڪ پيج تي ٻه ڪالم ساڄي کان کاٻي ڪيئن ٺاهجن۔۔۔ کائن چڪ رڳو نمبر 4 جي ٿي آهي۔۔۔ اميد ته هاڻي ڳالهه سمجهي ويندا۔۔۔۔ ان کانسواءِ دوستن جي معلومات لاءِ اسان جي دوست محترم افتخار علي چوهاڻ پڻ آفيس 2007 ۾ سيٽنگ جي وضاحت ڪئي آهي۔۔ پر جي دوستن کي الجهائيندڙ لڳي تي هيٺين تصوير حاضر آهي۔۔۔۔
ماشآء الله تمام خوبصورت انداز سان سائين ذيشان رشيد ۽ افتخار علي جن سمجهايو آهي اميد ته محترم عمران جن جو مسئلو حل ٿي چڪو هوندو
سمورن دوستن کي الله سائين خوش رکي ۔۔۔۔منهنجو مسئلو ادي ذيشان رشيد کي سمجھ ۾ آيو ۽ حل بهي ڪيائين تمام وڏي مهرباني ادي ذيشان رشيد جي۔۔۔۔۔