مان اڪثر فرنٽ لائين جي ميزبان ڪامران شاهد جو ذڪر ڪندو آهيان۔۔۔ جو هو هميشه ڪنهن به موضوع تي پنهنجي پروگرام کي جامع پيش ڪرڻ خاطر اتان جون زميني حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ پهريان ايريا ڏسڻ سان گڏ اتان جي رهندڙن سان گفتگو پڻ ڪندو آهي ته جيئن کيس ڳالهه جي درست سمجهه اچي سگهي ۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو پروگرام کي هر پاسي کان مڪمل طور پيش ڪندو آهي۔۔۔ رمضان ڪريم ۾ گهڻو وقت ٽي وي تي ويهي نه ٿو سگهجي پر ڪامران شاهد جي هن پروگرام مجبور ڪيو جو پروگرام لاڙڪاڻي شهر جي علائقي ڳڙهي خدا بخش يعني سنڌ تي ۽ ڀٽو خاندان تي تيار ڪيل هيو۔۔۔
سندس پروگرام ۾ لاڙڪاڻي جي شهرين جو چوڻ هو ته سموري زندگي لاءِ انهن جو ووٽ صرف ۽ صرف ڀٽو کي آهي۔۔ ڪا ٻي پارٽي انهن کي گهر ٺهرائي ڏئي، سڪول بڻائي ڏئي ۽ سڀ سهولتون به ڏئي ته به ووٽ صرف ۽ صرف ڀٽو کي ئي ڏيندا۔۔۔ ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو انهن جي لاءِ وليءَ جو درجو رکندا آهن۔۔۔ هتان جا ماڻهون زرداري حڪومت کان به بيحد خوش آهن۔۔ حالانڪه پروگرام جي اينڪر ڪامران شاهد جو چوڻ هو ته هتي اچي کيس پتو پيو ته غربت جي لڪير کان هيٺ ڪيئن زندگي گذاري ويندي آهي۔۔۔۔
ڀٽو هتان جي ماڻهن لاءِ صرف هڪ سياسي ليڊر نه هو پر هو ان کي پنهنجو روحاني پيشواه به سمجهندا آهن۔۔ ڪجهه ماڻهون ته شرڪ ڪرڻ کان به مڙندا آهن ۽ ڀٽي جي قبر تي اچي سجدا ڪندا آهن۔۔۔ هوُ ته اهو به چوندا آهن ته ”ڀٽو بي اولادن کي اولاد ڏيندو آ۔۔“ (استغفرالله)
لاڙڪاڻي جا ماڻهون ڀٽو جي عقيدت ۾ ڪيتري حد تائين اڳتي نڪري چڪا آهن۔۔۔ اڙدو پروگرام جي هن هڪ ننڍي ڪلپ ۾ ڏسو ۽ ٻڌو۔۔۔۔
مٿي پروگرام جا ڪجهه ٽڪڙا ان ڪري پيش ڪيا آهن ته هن اهم پروگرام کي وقت گهٽ هجڻ ڪري به دوست ڏسي سگهن۔۔ پر جيڪي دوست وڌيڪ دلچسپي رکندا هجن۔۔۔ اهي مڪمل پروگرام ڏسڻ لاءِ هيٺين وڊيو کي پلي ڪن۔۔۔۔
سندس پروگرام ۾ لاڙڪاڻي جي شهرين جو چوڻ هو ته سموري زندگي لاءِ انهن جو ووٽ صرف ۽ صرف ڀٽو کي آهي۔۔ ڪا ٻي پارٽي انهن کي گهر ٺهرائي ڏئي، سڪول بڻائي ڏئي ۽ سڀ سهولتون به ڏئي ته به ووٽ صرف ۽ صرف ڀٽو کي ئي ڏيندا۔۔۔ ڇو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو انهن جي لاءِ وليءَ جو درجو رکندا آهن۔۔۔ هتان جا ماڻهون زرداري حڪومت کان به بيحد خوش آهن۔۔ حالانڪه پروگرام جي اينڪر ڪامران شاهد جو چوڻ هو ته هتي اچي کيس پتو پيو ته غربت جي لڪير کان هيٺ ڪيئن زندگي گذاري ويندي آهي۔۔۔۔
ڀٽو هتان جي ماڻهن لاءِ صرف هڪ سياسي ليڊر نه هو پر هو ان کي پنهنجو روحاني پيشواه به سمجهندا آهن۔۔ ڪجهه ماڻهون ته شرڪ ڪرڻ کان به مڙندا آهن ۽ ڀٽي جي قبر تي اچي سجدا ڪندا آهن۔۔۔ هوُ ته اهو به چوندا آهن ته ”ڀٽو بي اولادن کي اولاد ڏيندو آ۔۔“ (استغفرالله)
لاڙڪاڻي جا ماڻهون ڀٽو جي عقيدت ۾ ڪيتري حد تائين اڳتي نڪري چڪا آهن۔۔۔ اڙدو پروگرام جي هن هڪ ننڍي ڪلپ ۾ ڏسو ۽ ٻڌو۔۔۔۔
لاڙڪاڻو زوال جي هڪ داستان آهي۔۔۔ جنهن خطي جي بنجر زمين کي سنڌ درياء جون لهرون به آباد نه ڪري سگهيون۔۔۔ جتي سجدن لاءِ قبرون آهن، پوڄڻ لاءِ شهيد ۽ ووٽن لاءِ صرف ڀٽو۔۔۔ لاڙڪاڻي جا ماڻهون ۽ بي بي جي عقيدتمندن جي راءِ مطابق۔۔۔ ”بي بي جنهن کي ظالمن ماري ڇڏيو۔۔۔ جي اڃان عمر ئي مرڻ جي نه هئي۔۔ هاڻي زرداري هجي يا ڪو ٻيو سنڌي ۔۔ اسان لاءِ جتي به بي بي جو نالو ايندو ۔۔۔ اسان ووٽ صرف ان کي ئي ڏينداسين۔۔ اهو کڻي ڪهڙو به هجي۔۔ اسان سموري زندگي بلاول ڀٽو کي ووٽ ڏينداسين۔۔۔ عمران خان هڪ پراڻو گنهگار ماڻهون آ۔۔۔ اسان لاءِ ڀٽو خاندان جا سڀ ماڻهون پاڪ ۽ صاف آهن۔۔۔ چاهي اهو زرداري ئي ڇو نه هجي۔۔۔ جيڪڏهن لاڙڪاڻي ۾ ايتري ترقي نه ٿي آ ته اندرونِ پنجاب جي حالت ڪهڙو بهتر آ۔۔ نواز شريف جي حڪومت ڇا ڏنو آ۔۔۔ پهريان هتي صرف 4 ڪلاڪ بجلي ويندي هئي پر هاڻي 8 ڪلاڪ ٿي وڃي۔۔۔“مٿي پروگرام جا ڪجهه ٽڪڙا ان ڪري پيش ڪيا آهن ته هن اهم پروگرام کي وقت گهٽ هجڻ ڪري به دوست ڏسي سگهن۔۔ پر جيڪي دوست وڌيڪ دلچسپي رکندا هجن۔۔۔ اهي مڪمل پروگرام ڏسڻ لاءِ هيٺين وڊيو کي پلي ڪن۔۔۔۔