منتظمِ اعلى کي ڏهه سينچريون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏3 فيبروري 2010۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پنهنجي سالگره واري ڏاهاڙي تي ڏهين سينچري مڪمل ڪري، ادا رشيد سمون به هزار کان مٿي تحريرون ڪندڙ هيروز واري لسٽ ۾ شامل ٿي ويا۔۔ خير پاڻ هيرا ته اڳ ۾ به هيا، پر ادا رشيد کي انهن جي ڪاوشن تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان پيو۔۔ ۽ کوڙ ساريون دعائون۔۔

    سنڌ سلامت
    ساٿ سلامت
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منتظمِ اعلى کي ڏهه سينچريون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

    سڀ کان پهريائين ته ادا سلطان توهان کي پنهنجي سالگره مبارڪ هجي الله پاڪ اوهان کي سدا خوش رکي
    آمين ،

    ادا رشيد سمون صاحب کي 1000 تحريرون ۽ 299 ٿريڊ مڪمل ڪرڻ تي مان دل جي گهرائين سان مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو

    سنڌ سلامت جا دوستو مان اوهان کي اها ڳاله ٻڌائيدو هلان ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سائين رشيد سمون صاحب مون جو استاد آهي ۽ مون کي اهو اعزار حاصل آهي ته سائين مون کي باقائدي ڳانو ٻڌي شاگردي ۾ ورتو آهي ۽ جيڪو ڪجهه به مان آهيان اهو صرف ۽ صرف سائين رشيد صاحب جي ڪوششن جو نتيجو آهي اهو اسان جو ڀاڳ چئبو جو اسان مٿان سائين جو شفقت جو هٿ آهي مان هڪ دفعو ٻيهر سائين کي مبارڪ باد پيش ڪريان پيو ۽ هي ننڍڙو تحفو سائين جن جي خدمت ۾ .......

    [​IMG]
    سدائين گڏ

    [​IMG]

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: منتظمِ اعلى کي ڏهه سينچريون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

    فقير سائين اوهان جو تحفه ته بيش بها آهي ليڪن اگر ان ۾ سائين رشيد سوار ٿي ويو ته پوء ته اسان کي ڳولڻ سان به مشڪل لڀي جو جيتري عيش عشرت جو سامان ميسر هوندو اوترو ماڻهو جون مصرفيتون وڌنديون بهرحال سائين جن جي محنتن سان هي اڱڻ آباد آهي هي تحفه به حقيقت ۾ گهٽ آهي بس اسان جون دعائون سائين سان شامل حال آهن جيڪي الله تعالى قبول فرمائي يقينا اهي ڪنهن به طرح بيش بها قيمتي تحفي کان گهٽ نه آهن۔ الله تعالى سائين کي سندس اهل وعيال کي صحت و عافيت سان وڏي ڄمار بخشي۔ آمين۔
     
  4. عاشق چانگ

    عاشق چانگ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2010
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: منتظمِ اعلى کي ڏهه سينچريون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

    رشيد سمون صاحب کي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منتظمِ اعلى کي ڏهه سينچريون مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد

    دوست رشيد جو اهو ڪهڙو ليک هوندو جو مون شوق سان نه پڙ٪هيو هوندو ۔۔۔ ممڪن ڪو گسي ويو هجي پر جڏهن به ان ڳاڙهي پٽي واري نالي سان ڪو ليک ڏسندو آهيان ته ضروري ڪم ڇڏي ڪري به ليک پڙهي وٺندو آهيان ۔۔۔ دوست رشيد جي هر ليک ۾ هڪ نئون سبق هڪ نئون پيغام ۽ جادوئي زبان استعمال ٿيل هوندي آهي ۔۔۔

    هونئن ته مون سميت ڪيترن ئي دوستن هزارن جا انگ پار ڪيا آهن پر رشيد صاحب جا جواب هجن يا تبصرا يا هجن سندس نيون تازيون لکڻيون ۔۔۔ پڙهڻ کانپو پنهنجي علم ۾ اضافي جو احساس ٿيندو آهي ۽ سندس هر لکڻي منفرد ۽ سبق آموز هوندي آهي ۔۔۔

    چوندا آهن سٺا دوست سون کان به مهنگا هوندا آهن ۔۔۔ ادي رشيد لئه ته ايئن چئبو ته ڪي دوست پارس هوندا آهن جن جي مس ٿيڻ سان انسان سونا ٿي پوندا آهن ۔۔۔

    رب العالمين کيس صحت مند ڄمار عطا ڪري ۽ کيس اهڙي سگهه عطا ڪري جنهن سان هو حق ۽ سچ جو ساٿ نڀائي سگهي ۔۔۔ آمين

    shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو