چوندا آهن ته هٿيار جو ڪو هڪ مالڪ نه آهي ۔۔۔ جنهن جي هٿ ۾ هجي اهو ئي سندس مالڪ آهي۔۔۔ اڄ جي خطرناڪ دور ۾ هر ڪنهن جي ڪوشش آهي ته پنهنجي ۽ پنهنجي پيارن جي حفاظت لاءِ هٿيار رکجي۔۔۔ پر ان کي هر ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔ توهان اخبار ۾ به پڙهيو هوندو ته هٿيار جي صفائي ڪندي غلط فائر ٿيڻ تي پٽ هٿان پيءُ زخمي ۔۔۔ ان کانسواءِ توهان جو هٿيار جيڪڏهن ڪنهن ڦورو جي هٿ چڙهي وڃي ته توهان لاءِ خطرناڪ بڻجي سگهي ٿو۔۔۔۔ اهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي هڪ ڪمپني Armatix نالي هڪ پسٽل ٺاهيو آهي ۔۔۔ اهو پسٽل تڏهن ئي فائر ڪري سگهي ٿو۔۔۔ جڏهن ان پسٽل سان گڏ ملندڙ گهڙي توهان جي ٻانهن تي پاتل هجي۔۔۔۔ اهو پسٽل دراصل وائرليس ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي تيسيتائين فائر نه ڪندو۔۔۔ جيسيتائين ڪجهه انچن تان سگنل وصول نه ڪري۔۔۔ هن پسٽل جي گهڙي سميت قيمت هن وقت ۔۔۔۔ 9،700 پائونڊ آهي۔۔۔۔
جواب: هٿيار اهڙو جيڪو صرف توهان ئي هلائي سگهو۔۔۔ رشيد يار! تمنچو ته تمام سٺو آهي پر، قيمت ٻڌي لڳي ٿو ته گهر کپائي وٺڻو پوندو ۔۔۔ وڏين ۽ ترقي يافته قومن جا شوق به وڏا ۽ ترقي يافته هوندا آهن ۔۔۔ سنڌي ماڻهون آهيون گليل ۽ ڪهاڙي سان ئي گذارو ٿي ويندو !!!
جواب: هٿيار اهڙو جيڪو صرف توهان ئي هلائي سگهو۔۔۔ پر سائين اوهان جي ڄاڻايل طريقي تي عمل ڪري فائر ڪرڻ جي سکيا ته سڀني لاء ميسر ٿي وئي بهرحال اسان سڀني لاء هي نئين معلومات آهي ان لاء اوهان جي مهرباني۔
جواب: هٿيار اهڙو جيڪو صرف توهان ئي هلائي سگهو۔۔۔ ادا رشيد پهريائين جنهن کي اهو هٿيار هوندو ان جي گهڙي لاهبي پو۽ پسٽل کسبو جاني توهان فڪر نه ڪريو صرف ان کي پاڪستان ۾ اچڻ ڏيو ها ها ها هڪ دفعي سان ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ همراه کي چورن ڦريو ڏوڪڙ وغيره سڀ کسي ويس ان شخص سان جڏهن ڪو دوست گڏيو ته ان همراه حوال ڏيندي چيس ته ادا شڪر ٿيو هو صرف چورن ڏوڪڙ کسيا نه ته مون جي وَرَ ۾ پستول به موجود هيو شڪر ٿيو جو چورن جي پسٽول تي نظر نه پئي سدائين گڏ
جواب: هٿيار اهڙو جيڪو صرف توهان ئي هلائي سگهو۔۔۔ واھ سائين اهو ڀلو آهي۔۔۔پر مست جيان قيمت ڏسي دل۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔