وقت وقت جي ڳالهه!اشفاق آذر اڄوڪي دور ۾ جڏهن هر شئي تيز رفتاريءَ سان سفر ڪرڻ جي عادي ٿي چڪي آهي ۽ انسان هر حال ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ آهي، تڏهن زندگي بنهه مختلف قدرن جو مجموعو بڻجي رهجي وئي آهي. هڪ اهڙي دنيا، جتي زندگيءَ مان ڀرپور نموني حِظ حاصل ڪرڻ جا گُڻ هڪ هڪ ٿي هٿن مان نڪرندا پيا وڃن، انهيءَ تيز رفتاريءَ سبب گهڻو ڪجهه پوئتي رهندو پيو وڃي. اڳ جڏهن زندگي هڪ مخصوص رفتار سان هلندي هئي ته ان ۾ هڪ وقار ۽ پنهنجي خوبصورتي هوندي هئي، اڄ فقط حيراني آهي. خط لکبا هئا ته خطن جو انتظار بوريت بدران هڪ عجيب لذت سان همڪنار ڪندو هو، خط ملڻ کان ويندي پڙهڻ تائين پنهنجائپ ۽ تعلق جي گهرائيءَ جو احساس شدت سان اڀري ايندو هو. عيد ڪارڊ موڪلبا هئا ته ڪلاڪن تائين صرف عيد ڪارڊن جي چونڊ ڪري وڏي پاٻوهه مان ان کي پوسٽ ڪبو هو ۽ عيد ڪارڊ ملڻ جي خوشي به ڪنهن سان روبرو ملڻ جي خوشيءَ کان گهٽ ڪانه هوندي هئي. گراموفون ۽ ريڊيو، گهرن ۾ هڪ اهم حيثيت رکندا هئا. ان کانپوءِ جڏهن ٽي وي جو دور شروع ٿيو ته بليڪ اينڊ وائيٽ ٽيليويزن تي فقط گهر ڀاتي ئي نه پر اوڙو پاڙو اچي گڏ ٿيندو هو. پي ٽي وي جي نشريات جيڪا شام جو بصيرت کان شروع ٿيندي هئي، ويندي فرمان الاهي تائين ڏٺي ويندي هئي. ان وچ ۾ جڏهن نشرياتي رابطي ۾ خلل پئجي ويندو هو ته ”انتظار فرمائيي“ جي سلائيڊ کي پڻ دير تائين ڏسبو هو. پوءِ جڏهن لينڊ لائين ٽيليفون جو زمانو آيو ته ان جو ڪنيڪشن ملڻ ڪنهن جنگ کٽڻ جي برابر سمجهيو ويندو هو ۽ ڪيتري ئي عرصي تائين انتظار ڪرڻ کانپوءِ جڏهن ڪنيڪشن ملندو هو ته پاڙي ۾ مٺايون ورهايون وينديون هيون. فون تان آواز ٻڌڻ جي سِڪ ۽ ڇِڪ جو مزو ئي پنهنجو هوندو هو. پرائيويٽ سواريءَ طور سائيڪل ۽ ففٽي موٽر سائيڪل، جڏهن ته پبلڪ ٽرانسپورٽ طور ٽرينون ۽ ٽانگا ڪنهن غنيمت کان گهٽ ڪونه هوندا هئا. سينيمائون سستي تفريح جو بهترين ذريعو هونديون هيون، جنهن جي مشهوري ٽانگي تي پوسٽر ٽنگي گهٽيءَ گهٽيءَ گهمي ڪئي ويندي هئي ۽ سرسبز باغن ۾ گلن جي هٻڪار دوران شام جو ٻارن ٻچن سميت پسار ڪرڻ کي لازمي سمجهيو ويندو هو، جو ان وقت هوائن ۾ ايتري گدلاڻ نه هوندي هئي، ماڻهن جي اکين ۾ به حيا شرم هوندو هو. دير تائين راتين جو دڪان کليل رهندا هئا. ڪاروباري ماڻهو، واپاري، دڪاندار خالص شيون وڪرو ڪرڻ کي پنهنجي ڌنڌي جو ايماني جز سمجهندا هئا. ان دور ۾ نه ته ڪنهن کي چورين چڪارين جو ڊپ هوندو هو، نه وري رستي ويندي ڦرجڻ جو خوف، ان ڪري ماڻهن جي دلين وانگر گهرن جا در به ڪلف ڪڙي کان وانجهيل هوندا هئا. مسجدن کان ويندي اوطاقن تائين هڪٻئي سان ميل ميلاپ ۽ حالي احوالي ٿيڻ اسان جي سماج جو لازمي حصو تصور ٿيندو هو، ننڍا ننڍا اختلاف ۽ جهيڙا نبيرڻ کان ويندي مشڪل فيصلن تائين هڪٻئي جي صلاح وٺڻ کي ضروري ڄاتو ويندو هو، ايتري قدر جو ماڻهو اولاد جي بهتر جيون ساٿيءَ لاءِ به ڀروسي وارن ماڻهن کان صلاح مشورا ڪندا هئا. سهپ ۽ برداشت جو مادو ان حد تائين هوندو هو جو زور آوري ڪندڙ سان به هٿ جوڙ ڪري جهيڙو ٽاري ڇڏبو هو. گهڻو ٿيو ته تڏي تي لنگهي ايندڙ کي مان ڏبو هو، چورن ۽ ڪاٽڪوئن کي به ضعيفن ۽ عورتن لاءِ احترام هوندو هو. استاد جي عزت ان ڪري هئي، ڇاڪاڻ ته استاد خود انهيءَ پيشي سان ايمانداريءَ جي حد تائين انصاف ڪندا هئا، ڪنهن ٽيوشن جو نالو به ڪونه ٻڌو هو. اڪثر استاد ته رضاڪاراڻي طور تي پڙهائڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. ننڍي سان پيار ۽ وڏي جي عزت ڪرڻ کان ويندي هڪٻئي جي ڏکئي ويل ڪم اچڻ جي ريت، مهمانن جو گهر ڀاتين وانگر خيال رکڻ کان ويندي شادي غمي توڙي ميلن ملاکڙن تائين زندگيءَ کي آساني ۽ راحت سان گذارڻ کي اهميت ڏني ويندي هئي. اهو سڀ ان ڪري به هو، ڇاڪاڻ ته هي سماج اڃان انهيءَ تيز رفتاريءَ کان آشنا نه ٿيو هو. پوءِ ٿيو ايئن جو ڏسندي ئي ڏسندي جديد ٽيڪنالاجي جي ٻوڏ سماج جي پيرن کي ڦيٿا لڳائي ڇڏيا، تيز رفتار ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ زندگي گذارڻ جون پراڻيون معنائون تبديل ٿينديون ويون. خط لکڻ جي عادت ڇڏائبي وئي، جو ان جي جاءِ تي پهرين اِي ميل ۽ پوءِ ايس ايم ايس اچي ويا. هڪ لمحي اندر پيغام جي دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين رسائي انتظار جي انهيءَ لذت جو خاتمو آڻي ڇڏيو، جيڪا ٽپاليءَ جي راهه تڪيندي ملندي هئي. خاڪي وردي پائي سائيڪل تي ٽپال جون ڀريون ٻڌي هلندڙ روايتي ٽپاليءَ جو ڪردار گم ٿيندو ويو، عيد ڪارڊن بدران پهرين موبائل فون تي مبارڪون ۽ پوءِ فقط ايس ايم ايس ڪري ڇڏڻ کي ڪافي سمجهيو ويو. گراموفون جو وجود ختم ٿي ويو، ماڻهن ريڊيو رکڻ به ڇڏي ڏنا، جو ان جو ڪارج نه رهيو هو. هاڻ ريڊيو جيڪڏهن ٻڌو وڃي ٿو ته اهو گاڏين ۾ ايف ايم جي صورت ۾ ٻڌو وڃي ٿو. ٽيليويزن بليڪ اينڊ وائيٽ مان رنگين ٿي، هاڻي ايل سي ڊي مان ايل اي ڊي ۾ اچي وئي آهي. وي سي آر کي ڊش اينٽينا ته ڊش کي وري ڪيبل سروس سسٽم ڳڙڪائي ويو. اهي ٻار، جيڪي ٽي وي تي ٻارن جا پروگرام ڏسي ئي خوش ٿيندا هئا، سي هاڻ ٽام اينڊ جيري کان ويندي بين ٽين جي دور ۾ جنم وٺن ٿا ۽ ننڍي هوندي ئي ڪمپيوٽر توڙي وڊيو گيمز ايئن مهارت سان هلائين ٿا، جو وڏا به ساڻن نٿا پڄي سگهن. هاڻ چينلز تي ماڻهو ”انتظار فرمائيي“ جي سلائيڊ ڏسڻ لاءِ مجبور ناهن، جو هنن وٽ چوائس تمام گهڻي آهي. هاڻ لينڊ لائين فون فقط آفيسن ۾ نظر اچن ٿا، نه ته هر هٿ ۾ توهان کي موبائل فون ضرور ملندو. انهيءَ موبائل فون سبب هاڻ گهرن ۾ گهڙيال، ڪَرائين ۾ واچون توڙي ڀِتين تي ڪئلينڊر ٽنگڻ جي ضرورت ناهي رهي. هاڻ ته ٽارچ جو ڪم به موبائل فون کان ورتو وڃي ٿو ته ڊائريءَ جو پڻ! سائيڪل جي سواري جيڪا مهذب ملڪن ۾ اڄ به هڪ بهترين سواري سمجهي وڃي ٿي، سا اسان وٽ هاڻ بنهه گهٽ آمدنيءَ وارن لاءِ مختصر مفاصلي جي سواري بڻجي رهجي وئي آهي. هاڻ توهان کي ڪِرائي تي سائيڪلن وارا دڪان به ڪونه ملندا. ٽانگا به آهستي آهستي روڊن تان گم ٿيندا پيا وڃن، جو وڏن شهرن ۾ ته اهي نظر به ڪونه ٿا اچن پر ننڍن شهرن ۾ به چنگچي رڪشائن توڙي ٽيڪسين کي گهوڙا پالڻ کان وڌيڪ بهتر ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. گدلاڻ ايتري وڌي وئي، جو هاڻ باغن ۾ هٻڪار بدران چرسين جي دونهن جي بوءِ گردش ڪندي محسوس ٿيندي. ڪي باغ اجڙي ويا ته ڪن تي قبضا ٿي ويا. سينيمائون هڪ هڪ ٿي ڪري ڊهنديون ۽ شاپنگ پلازائن ۾ تبديل ٿينديون ويون، واپارين ۽ دڪاندارن جي اکين ۾ لالچ ديرو ڄمايو ۽ خالص شيون ۽ وکر ناياب ٿيندا ويا ۽ ملاوٽ جا نت نوان طريقا کين سمجهه ۾ ايندا ويا. انهيءَ تيز رفتاريءَ سهپ ۽ برداشت کي به ختم ڪيو ته حوصلو به جواب ڏيندو ويو. استادن ٽيوشن سينٽر کوليا، ڊاڪٽرن ڪلينڪون کوليون، ٿوري کي گهڻو ڪرڻ لاءِ محنت ۽ صبر بدران شارٽ ڪٽ اختيار ڪندي اخلاقي ۽ قانوني حد بندين جا بخيا اڊيڙيا ويا، چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا راتين جي پوئين پهر بدران ڏينهن ڏٺي جو سر عام ٿيڻ لڳا، جو رات تائين انتظار ڪير ڪري! ماڻهو پنهنجي جائز ڪمن لاءِ به رشوت ڏئي جان ڇڏائڻ کي بهتر سمجهڻ لڳا ته ڪير دفترن جا چڪر ڪاٽي، ته آفيسرن به ڪرپشن کي پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو ته عزت ۽ اشرافت جي ڪمائي مان گذر سفر ڪرڻ ممڪن ناهي رهيو. ايئن ڏسندي ئي ڏسندي اسان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي وياسين، جتي هاڻ زندگيءَ جي رفتار کي ڍرو ڪرڻ اسان جي وس ۾ ناهي رهيو. هاڻي جيترو تيزيءَ سان لهر اسان کي اونهي سمنڊ ڏانهن ڌڪيندي وڃي ٿي، اوترو تيز رفتاريءَ سان اسان سماجي ۽ اخلاقي ڪُن جي حوالي ٿيندا پيا وڃون. هاڻ صلاحيت توڙي اهليت هجڻ جي باوجود به نوڪري ۽ روزگار لاءِ پهرين سفارش ۽ پوءِ رشوت جو سهارو ورتو وڃي ٿو، سياستدان به سياست کي عبادت سمجهڻ بدران ڪاروبار طور هلائڻ لڳا آهن، جو چونڊجي ڪرپشن ڪرڻي آهي ۽ پوءِ پئسن عيوض ووٽ وٺي وري ٻيهر چونڊجي رهيل ڪسر پوري ڪرڻي آهي. هاڻ ڪِرائي تي ڌاڙيل، ڪاٽڪو توڙي قاتل آسانيءَ سان ملي وڃن ٿا. دهشتگرديءَ جون انيڪ شڪليون، بدامنيءَ جا ڪيترائي روپ، ڪرپشن جا بي پناهه ڀيانڪ چهرا ايترو تيزيءَ سان هن سماج ۾ گهر ڪري ويا آهن، جو عزت، سڪون ۽ تحفظ سان رهڻ بي انتها مشڪل ٿي پيو آهي. اڄوڪو دور سماج جو حيرت انگيز دور آهي، جنهن ۾ جنهن تيزيءَ سان قدر بدلجي رهيا آهن، شايد ان جو اسان کي ادراڪ به ناهي. اڄ اسان کي گذريل ڏهن سالن وارو دور بهتر لڳي ٿو، ڏهن سالن کان اڳ وري ان کان اڳ وارا ڏهه سال خوشگوار محسوس ٿين ٿا. اڄوڪي دور جي آسودگيءَ جا معيار، لائيف اسٽائيل، خوشي ۽ محبت جا پيمانا، روايتن جي پاسداري سڀ ڪجهه عجيب لڳي ٿو پر شايد اڄ کان ڏهه سال پوءِ هينئر مروج قدر توڙي روايتون اسان کي فرسوده لڳن، بس وقت وقت جي ڳالهه آهي!! me-azar@yahoo.com The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@gmail.com