ويلنٽائن ڊي تي محبوب وطن کي وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جا تحفا ڇو نه ڏجن؟! فيبروري جي 14 تاريخ تي هر سال ويلنٽائن ڊي ملهايو ويندو آهي، ۽ ان ڏينهن تي ڪو به عاشق نه رهندو آهي، سڀئي هڪ ٻئي جا محبوب ٿي ويندا آهن. يعني ”ملڪ مڙيوئي مينڌرو“ ٿي ويندو آهي، ۽ تڏهن گل، گلن کي گل ڏيندا آهن. ويلنٽائن ڊي سان ته مختلف روايتون منسوب آهن پر سنڌ لاءِ فقط هڪڙي ئي روايت مشهور آهي ته هي ڌرتي امن آشتي ۽ محبتن جو مرڪز رهي آهي، سنڌ پنهنجي تاريخ ۾ سدائين خوشحال، سائي ستابي رهي آهي، تڏهن ئي ته لاکيڻي لطيف سسئي جي جذبات جي ترجماني ڪندي چيو هو ته، ”اچي آري ڄام جو، منجهان وڻ وڻ واس“. لطيف جي نگري هالا کان سعيد آباد ويندي رستي ۾ هڪ اسٽاپ اچي ٿو، جيڪو ”ٻاروچو باغ“ جي نالي سان مشهور آهي. چيو وڃي ٿو ته اتي ڪڏهن خوبصورت باغ هوندو هو. ڪراچي جڏهن ڪلاچي هوندي هئي، تڏهن لالو نالي ڪو زميندار هوندو هو، جنهن جي زمين تي اڄ لالو کيت آباد آهي، جتي سارين جو هُڳاءُ هوندو هو. اتي اڄ دونهن ۽ بارود جي بوءِ اچي ٿي. اُتي مند ۾ جڏهن پرديسي پکين جا ولر اچي لهندا هئا ۽ آس پاس بيٺل گهاٽن وڻن ۾ ديسي پکين جون لاتيون ٻُرنديون هيون، تڏهن ڪراڙ ڍنڊ به ڪنهن حَسين ناري جي اکين جو ڏيک ڏيندي هئي ۽ بدين شهر ۾ به پراڻي مير واهه جي ڪپ تي هڪ باغ هوندو هو، جتي اڄ ”باغ محلا“ جي نالي سان آباد مهانگو رهائشي علائقو آهي. اڄ مير واهه ته پنهنجي جڳهه تبديل ڪري ويو آهي، پر سندس ڪپ سان وهندڙ شهباز روڊ تي هاڻي ڪاغذي گلن جو ڪاروبار هلي ٿو ۽ باغ محلي جي باغ جي تاريخ ڪنهن نه ڪنهن نموني زنده آهي. يقينن اهڙا باغ سنڌ جي هر شهر، وستي ۽ واهڻ ۾ هوندا، جيڪي وقت سان گڏ ڪن سببن جي ڪري هاڻي نه رهيا هوندا. ترقي ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي، پر اهو ڇو ٿو ٿئي ته اسان کان سڀني وسيلن وانگي جيڪي باغ هٿان هليا ويا آهن، انهن وڻن، ٻوٽن، گلن کي ته نٿو موٽائي سگهجي پر ٻيا باغ ته ٺاهي سگهجن ٿا. سئيٽزر لينڊ ۾ جڏهن ڪو ٻار ڄمندو آهي، ته ان جي نالي سان هڪ وڻ لڳايو ويندو آهي ۽ جڏهن ٻار سمجهه وارو ٿيندو آهي ته کيس وڻ جي ذميداري سونپي ويندي آهي، ته جيئن وقت سان گڏ ٻار ۾ ذميداري جو احساس پيدا ٿئي. اسان سڀئي ساٿي سنڌ جا خواب ته ڏسون ٿا پر ڪو هڪڙو وڻ پوکڻ به اسان کان نٿو ٿئي. آئون ڪو باٽني جو ماهر ته ناهيان، جو مونکي وڻن جي باري ۾ ڪا سائنسي ڄاڻ هجي پر ايترو ضرور ڄاڻان ٿو ته جتي گهاٽا وڻ هوندا آهن. اتي ڇانورا هوندا آهن، ۽ جتي ڇانورا هوندا آهن، اتي ڪچهريون هونديون آهن ۽ جتي ڪچهريون هونديون آهن، اتي محبتون هونديون آهن، ۽ جتي محبتون هونديون آهن، اها سنڌ سڏبي آهي. ته اچو ته هن دفعي ويلنٽائن ڊي کي پنهنجي طريقي سان ملهايون. ان ڏينهن تي سنڌ اسان جي ۽ اسين سنڌ جا محبوب ٿي وڃون، ۽ ڌرتي کي گلن ٻوٽن ۽ وڻن جا تحفا ارپيون، جيئن علي قاضي سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ سنڌو دريا جا ڏهاڙا ملهائي قوم کي سجاڳي جو سڏ ڏنو آهي، تيئن انهيءَ کي هن ويلنٽائن ڊي تي محبوب وطن کي وڻن، ٻوٽن ۽ گلن جا تحفا ڏيڻ لاءِ هڪ رسم جي ابتدا ڪرڻ کپي. عرفان احمد عرفان/بدين روزنامه ڪاوش جي ويبسائيٽ تان ورتل
جواب: محبت جو ڏهاڙو سهڻا رنجيت، من مهڻا دوست، يار! ڌڻي توکي حياتي ڏي ۔۔۔ ڪيترن ڏينهن کانپو نظر آيا پر دير آيد درست آيد جي مصداق ۔۔۔ ڳالهه ڪروڙن جي کڻي آيو آهين ۔۔۔ مطلب ته هن 14 فبروري تي ۔۔۔ خيال انتهائي سهڻو آهي ۔۔۔ بس عاشقن کي ڪو رستو ڏيکاري ۔۔۔
جواب: محبت جو ڏهاڙو سائين بس الله مالڪ آ. انهن عاشقن کي به سنئي راه به ملي ويندي. چوندا آهن ته جيڪڏهن منزل 1000 قدم دوريءَ تي آهي ته منزل ڏانهن هڪ قدم به کڻجي ته باقي 999 قدم بچندا. مطلب ته دل ٻڌ ته ڪي ٽوءَ تي به چڙهي ويندين.