Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
” پر ڊاڪٽر موزيز، اھو ناممڪن آھي ته ڊاڪٽر ھينريءَ جي عمر ٻاونجاھ سال ھجي، ۽ سندس پوٽي جي عمر لڳ ڀڳ پنجاھ سال ھجي. “ ھن ڊاڪٽر موزيز جي عمر جو صحيح اندازو لڳايو ھو.
مسٽر سچل، اھو ناممڪن ناھي، ڇو جو ائين آھي، پر جيڪو تون سمجھين ٿو، سو صحيح ناھي. مونکي خوشي ٿي آھي جو تنھنجي ذھن تي ڪوبه اثر نه پيو آھي، پر تنھنجي ذھانت شايد اڳي کان به اڳري ٿي آھي. ھا منھنجو ڏاڏو،اھو ته گھڻو اڳ ھڪ ھوائي حادثي ۾ فوت ٿي ويو ھو، ان جي ڄمار انھيءَ وقت پنجونجاھ ورھيه ھئي ۽ جيڪو تجربو ھو، سو اڌ ۾ رھجي ويو. اڄ تقريباً ھڪ سؤ سال کانپوءِ، ان جي اڌ ۾ رھيل تجربي ۾ مون ۽ منھنجي ساٿي سائنسدانن ان وقت ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏھن توکي ھڪ سؤ سالن کانپوءِ اڳڱايو (De-frosted) ويو آھي. ڊاڪٽر موزيز ٿورو ساھي پٽي چيو، ” ۽ اسانکي ڏاڍي سرھائي ٿي آھي، جو اڄ اھو تجربو ڪامياب ٿيو ۽ تون بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آھين. “
” مونکي پنھنجي ماضيءَ جي باري ۾ ۽ مون تي ٿيندڙ تجربي جي باري ۾ ٻڌائيندي خوشي ٿي محسوس ٿئي، جو منھنجو وجود ھڪ چڱي مقصد لاءِ ھڪ صديءَ تائين ڪم آندو ويو ۽ مان اڄ به پنجويھن ورھين جو نوجوان آھيان، جڏھن ته اڄ کان سؤ سال اڳ يعني 1992 ۾ به مان پنجويھن سالن جو ھوس. “ سچل ڀت تي ٽنگيل 2092 جي ڪيلينڊر ڏي ڏٺو.
ھو ٻڌائي رھيو ھو: ” مان ميڊيڪل ۾ پڙھندو ھوس، منھنجي دلچسپي سائنس سان گھڻي ھوندي ھئي، ان جو ھڪ وڏو سبب اھو ھو، ڇوته ان وقت منھنجي ديس جا عام ماڻھو ته ٺھيو، پر نوجوان به ان شعبي طرف تمام گھٽ توجھ ڏيندا ھئا، جڏھن ته منھنجي ديس جو حالتون تمام خراب ھيون ۽ انھن حالتن جي گھرج ھئي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي زور وٺرائجي، تعليم ۽ شعور ڏنو وڃي. ڇو جو اسان جي ديس تي طبقاتي ۽ قومي، ٻئي ظلم چوٽ چڙھيل ھئا، مان پنھنجي شاگرد برادريءَ سان به اھي ڳالھيون ڪندو ھوس. “ ھن ڪجھ دير ترسي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو ۽ چيو: ” مون ان وقت جي سڀني ترقي پسند جمھوري ۽ سياسي پارٽين جي شاگرد دوستن کي به چيو ته، علم ئي اھو ھٿيار آھي، جنھن سان راڪاس جھڙي دشمن کي به مات ڏئي سگھون ٿا. مون چيو ھو- اڄ جو دؤر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر آھي. اڄ چؤطرف سماجَ به سائنس جي بنياد تي جُڙي رھيا آھن. زندگيءَ جي ھر ونھوار ۾ سائنس جو وڏو دخل آھي. منھنجي انھن ڳالھين تي ھو سڀ مونسان سھمت ھئا، پر عمل ڪرڻ وارا ڪونه ھئا، ايتري قدر جو منھنجو پارٽنر، يعني منھنجو روم ميٽ، مون سان ھاسٽل تي گڏ رھڻ وارو منھنجو دوست، جيڪو پاڻ کي ھڪ وڏو دانشور سمجھندو ھو، جيڪو اُٺ ڪتابن جا پڙھي چڪو ھو، سو مونکي چيڙائيندو ھو ۽ چوندو ھو- پارٽنر تون نعري بازي واري ادب جو شڪار آھين. جدوجھد جي ڳالھ تي چوندو ھو ته- اھو بدنام زمانا ڪتابي لفظ مونکي اُلٽي ٿو ڏياري. ۽ مونکي ياد آھي ته ھو ھڪ بيھودو ٽھڪ ڏئي مونکي چوندو ھو ته- احمقن جي دنيا مان نڪري اچ پارٽنر. مونکي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي ھئي. يقيناً اڄ ھو دنيا ۾ ڪونه ھوندو. ھڪ سؤ سالن ۾ مري کَپي ويو ھوندو. چڱو ٿيو اھو مري ويو. ڪيڏو نه واھيات شخص ھو.
ھو روئڻ لڳو. ڊاڪٽرن کيس پرچايو. ھن وري ڪجھ دير کانپوءِ پنھنجو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو: ” مونکي چِٽي طرح ياد آھي ته مان سائنس جي مختلف موضوعن تي ريسرچ ڪندو ھئس ۽Thesis لکندو ھئس. ھڪ ڀيري مون پنھنجو ھڪڙو مضمون ھڪ اخبار ۾ شايع ڪرايو، مون لکيو ھو ته- ھندو مذھب جي آواگون واري Theory صحيح آھي، ڇاڪاڻ ته جڏھن به ڪنھن جاندار جا D. N.A (ڊي آڪسي رائيو نيو ڪليئس ائيسڊ) کي اَجنسي Asexual طريقي ٻئي جاندار ۾ منتقل ڪري، ھڪ ٻيو جاندار يعني Duplicate تيار ڪري سگھجي ٿو، سائنسدانن انھيءَ عمل کي Cloning جو نانءُ ڏنو آھي. ۽ اسان ان عمل سان انسانن مان نه رڳو موت جو خوف ختم ڪنداسين، پر موت کي به ختم ڪري ڇڏينداسين. مون لکيو ھو ته- آواگون جي نظريي جنم در جنم کيCloning ذريعي سچ ثابت ڪرڻ، سائنس جو ڪمال آھي. خبر اٿوَ ڇا ٿيو؟ مونتي وارنٽ نڪتا، مونتي ان وقت مذھبي ٺيڪيدارن ڪفر ۽ الحاد جو الزام مڙھيو ھو، منھنجو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيائون، مونکي تعزيرن جا نيئر پھرائڻ لاءِ سڀ ڀوپا پريشان ھئا، انھن ڏينھن ۾ توھان جي ملڪ جو مُھان سائنسدان، ڊاڪٽر ھينري اسان جي ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ آيو ھو. ھن جڏھن ڪرايو بائلاجي(Cryobiology) تي ليڪچر ڏنو ته مون غور سان ٻُڌو ھو. ھن ٻڌايو ھو ته- ھاڻي جڏھن اوزون جي چادر ۾ به سوراخ ٿي پيا آھن ته انساني قوت گھٽجي رھي آھي. انسانن ۾ بيماريءَ خلاف مزاحمت ۽ مدافعت جي طاقت نه رھي آھي، ۽ ھاڻ جڏھن اڃا ايڊز، ڪينسر ۽ گينگرين جھڙين بيمارين جو ڪوبه مڪمل علاج نه پيو لڀجي، ته سائنسدانن اِھو ويچار ڪيو ته جيستائين وڃي انھن بيمارين ۽ انھن کان وڌيڪ خطرناڪ بيمارين جو ڪو ٺوس حل يا علاج لڀي، تيستائين انسان جي قيمتي جان کي ضايع ٿيڻ کان بچائجي. انھيءَ ڏس ۾ ڪرايو بائلاجي جي مدد ورتي وئي ۽ ان تي تيزيءَ سان تحقيق ڪري، اھا رپورٽ ڏني ته ڪرايو بائلاجي اپلاءِ ڪري سگھجي ٿي.
” ڪرايو بائلاجي ڇا آھي؟ پھرين ان جي باري ۾ توھان کي ٻڌايان. ڪرايو بائلاجي ٻن يوناني لفظن جو ميڙ آھي Cryosمعنيٰ ٿڌو، يخ يا ڳڱيل يا ڳڱاٽيل ۽Biology معنيٰ جاندارن جو علم- ڪرايو بائلاجي ۾ اسان جاندارن ڳڱائي، مستقبل لاءِ سانڍي رکڻ ۽ وري ٻيھر ڳڱائڻ جو علم سِکون ٿا. شروع شروع ۾ جاندارن جا ڪجھ عضوا يا حصا ڳڱائي(Frozen) رکيا ويندا ھئا، پر ھاڻ مختلف تجربن جي روشنيءَ ۾، جيڪي پھرين ڏيڏر، ڪتي ۽ ڀولڙي تي ڪيا ويا، انھن مان ھڪڙي ڳالھ جو انڪشاف ٿيو، ته ڏيڏر منجھ ھڪڙو ڪيميائي مادو گليسرول(Glycerol) ھوندو آھي، يخ ٿڌي ھنڌن تي ڏيڏر اھو مادو خارج ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان ڪري سڀ کان گھڻو تجربو ڏيڏر تي ئي ڪامياب ثابت ٿيو ۽ .... “
” ھن جو ليڪچر ختم ٿيو ته مون کانئس سوال ڪيو- سر جيڪڏھن يخ ڳڱائي(Frozen) ڪري انسان کي ڪجھ عرصي لاءِ ڪنھن ڪولڊ بينڪ ۾ رکون ۽ پوءِ ان کي اڳڱايون(De-frosted) ڪيون، ته ڇا انسان جا ٽشو ساڳي حالت ۾ رھندا؟ ھن جواب ڏنو- نه رڳو اھي ٽشو ساڳي حالت ۾ رھندا، پر گڏوگڏ انسان جي بند ٿيل دل جي ڌڙڪن ۽ رڪجي ويل ساھ به ھڪ نارمل ماڻھو وانگر وري ھلڻ شروع ٿي ويندا ۽ انسان جي ذھن تي ڪوبه خراب اثر نه پوندو. مون وري اُٿي بيھي سوال پڇيو، سر، اوھان جي چوڻ موجب ته سڀ کان پھرين اھو تجربو ڏيڏر پوءِ ڪتي ۽ پوءِ ڀولڙي تي ڪيو ويو ۽ اوھان ٻڌايو ھو ته ڏيڏر سخت ٿڌ جي حالت ۾ پنھنجي جسم مانGlycerol خارج ڪندو آھي، جيڪو ڏيڏر لاءِ اينٽي- فريزنگ(Anti-Freezing) وارو ڪم ڪري ٿو، جيڪو سندس گھرڙي(Cell) ۾ برف يا ٿڌ کي ڇائنجڻ نه ٿو ڏئي. توھان ٻڌائيندا ته انسان کي ڳڱائجي ته گليسرول ڪيتري ھجي ۽ اھو ڪٿان حاصل ڪجي؟
” ويري گڊ، تون نھايت ذھين شاگرد آھين. “ پروفيسر ھينري مونکي چيو. گليسرول ۽ ٻين ڪيمائي مادن جي اڻاٺ ڪانھي، ان ڪري انھن جو حاصل ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ناھي. ان کان پوءِ اھو اڃا مختلف تجربن مان معلوم ڪنداسين ته انسان لاءِ ڪيترو مقدار ھجي ۽ ان جو ڪيترو مُدو ڪم جي صلاحيت جي برقرار رھڻ لاءِ آھي، وغيرہ وغيرہ.
پروفيسر ھينري ليڪچر جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، مون کي اڪيلائيءَ ۾ سڏ ڪيو ۽ چيو، تنھنجو نالو پڇي سگھان ٿو؟
” سنڌ جي خارجه پاليسي ۽ سنڌ جو وڻج واپار به برابريءَ جي بنياد تي پنھنجي سڀني پاڙيسرين سان سٺن ناتن جي حوالي سان قائم آھي. مثال طور بلوچستان مان گئس وٺندا آھيون، ۽ ان کي تيل ڏيندا آھيون. بلتستان مان سنگ مرمر امپورٽ ڪندا آھيون، ان کي سيمينٽ ايڪسپورٽ ڪندا آھيون ۽ اھڙيءَ طرح سرائڪي ديس، پختونستان، پنجاب، ھندوستان، خالصتان، بنگلاديش وارن سان سٺا واپاري ناتا آھن. ھن سڄي ريجن ۾، ڪنھن به علائقي کي پنھنجي فوج ڪانھي. ڇو جو اھو بين الا قوامي امن معاھدي ۾ طئه ڪيو ويو ھو، باقي، انتظامي معاملن کي ھلائڻ لاءِ ڪجھه فورسز آھن. “
” مون کي ڪنھن سائنسدان سان ملاءِ ته مھرباني ٿيندي. “
سڀاڳو خان ھن کي وٺي پنھنجي ڀاءُ ڏي آيو، جنھن سان ڪچھري ڪرڻ کان پوءِ، سچل کي اڃا به وڌيڪ حيراني ۽ خوشي ٿي.ھو سوچڻ لڳو: ھتي ڪيڏو نه مانڊاڻ مچي ويو آھي، ھي سڀ ڪجھه صرف منھنجو ھڪ خواب ھو، جيڪو ساڀيان بنجي پيو آھي. ڪيڏو نه مان ڀاڳوان آھيان، جو پنھنجو ديس آزاد ۽ خوشحال ڏٺو اٿم.
سچل، سڀاڳي خان جي ڀاءُ سوڀاري خان جي سائنسي آبزرويٽري جو جائزو وٺندي چيو ته ” ھتي ڀلا ڪا ليبارٽري به آھي؟ “
” ھا ھتي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ليبارٽري اڳيان جوھيءَ ۾ آھي، ۽ ان جي ٿورو پريان جبلن ۾ اسان جو نيوڪليئر پلانٽ به آھي. “
” نيوڪليئر پلانٽ! “ سچل وڌيڪ حيران ٿي ويو. ” ھا، ان کي قائم ٿئي ته کوڙ وقت ٿيو آھي. ھاڻي ته جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان انرجي حاصل ڪرڻ جا ننڍڙا ننڍڙا يونٽ ھر شھر ۾ لڳي چڪا آھن. گڏوگڏ ٿر ۾ سولر انرجي پلانٽ به لڳل آھي. “
سوڀارو گھڻي دير تائين سچل کي ھتي ٿيندڙ ترقي جي ڪمن جون ڳالھيون ٻڌايون، جڏھن گھڻي دير ٿي ويئي ته سچل به کانئس موڪلايو. ان کان پوءِ سڀاڳو، سچل جي چوڻ تي کيس آبدوز ٺاھيندڙ فيڪٽري، سنڌو ھيوي مڪينيڪل ڪامپليڪس ( SHMC )گھمائڻ وٺي ويو. سچل اتي پھچڻ کان پوءِ چيو ته، ” ڇا مان جنرل مئنيجر سان ملاقات ڪري سگھان ٿو؟ “
” وائي ناٽ. “ کيس جواب مليو.
ٿوري دير ۾ ئي ھڪ مڪينڪ ٽائيپ ھمراھ ھنن وٽ آيو، ھن جا ھٿ پير منھن ۽ ڪپڙا تيل ۽ گريس لڳل ھئا، بنھ گدلو پئي لڳو، ھڪڙي سُٽ جي ويڙھي سان پنھنجا ھٿ اگھي، ھن مٿي تان پي ڪيپ لاھي سچل کي سلام ڪيو. سچل کيس اڇاترو جواب ڏنو. ڪجھ دير ترسي ھمراھ ڏٺو ته سچل ھن ڏي توجھ نه ٿو ڏئي ته چيائين، ” سائين مان اوھان جي ڪھڙي خدمت ڪريان؟ “
” اسان کي جي ايم سان ملڻو آھي. “ سچل بي پرواھيءَ سان چيو.
” حڪم ڪريو، مان ئي جنرل مئنيجر آھيان. “
” ڇا؟ سچل جو وات پٽجي ويو.
” ھا سائين، اچو ته پاڻ ھلي ڪٿي ويھون، ڪم جو وقت آھي، نه ته آفيس ۾ ھلي ويھون ھا. “ جنرل مئنيجر ھنن کي وٺي ھڪ ڪينٽين ۾ آيو، ڪينٽين جي ڪائونٽر تي رکيل ٽيليفون کڻي نمبر ملائي چيائين، ” سائين، مون وٽ مھمان آيل آھن، مان پنھنجي حصي جو ڪم ٿوري دير کان پوءِ اچي ڪندس. “ فون رکي سچل کي ھن ٻڌايو، ” اسان جو سپروائيزر ھو، کيس ٻڌايم ته پوءِ ايندس. “
” توھان جي ايم آھيو ۽ ھڪڙي سپروائيزر کان موڪل ٿا گھرو؟ ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي. “
سچل جي نيڻن مان خوشيءَ وچان لڙڪ وھي آيا. دل ۾ چوڻ لڳو، ” انھن ڏينھن جي آس ھئم، برابر اڄ منھنجي قوم عروج تي آھي، ھاڻ منھنجي قوم عظيم آھي، جو اخلاق جا سڀ اعليٰ قدر ( Values )منجھس پيدا ٿي چڪا آھن. “
سچل رومال سان وھي آيل ڳوڙھا اُگھيا ۽ جي ايم سان رھاڻ ڪندي پڇيائين، ” اوھان جي تعليم ڇا آھي؟ “
” ھونئن ته ڊگريءَ جي حساب سان ڪجھ به نه آھي ۽ مان اصل ۾ مڪينڪ آھيان، پر صلاحيتن ۽ خدمتن کي ڏسندي ڏيپلو يونيورسٽيءَ مون کي بِي اِي جي اعزازي ڊگري ڏني آھي ۽ پيداوار جي وزارت منھنجي ڪارڪردگيءَ جي ساراھ ۾، مون کي ملڪ جو وڏو اعزاز ” ھوشو ايوارڊ “ پڻ ڏنو آھي. “
سچل جي ايم سان به کوڙ وقت حالي احوالي ٿيو ۽ پوءِ ان کان به موڪلائي، سڀاڳي خان سان زرعي فارم ڏسڻ لاءِ مٺياڻي پھتا. مٺياڻيءَ جو زرعي فارم سَون ايڪڙن تي پکڙيل ھو، ڏاڍو صاف ۽ سٺو. فصل جي اُپت ڏسي سچل دنگ رھجي ويو. فارم تي لابارو ھلي رھيو ھو، ھن جي تصور ۾ به ايڏو وڏو ۽ خوبصورت فارم ڪونه ھو، جيڪو ھن کي ھتي نظر آيو ھو. مختلف فصلن کي ڏسندي آخر ھو ڪڻڪ جي لاباري کي ڏسڻ لڳو. سچل ڏٺو ته لابارو ڪندڙ ھاري ڏاڍا ٽپ ٽاپ ۽ سُريلا ڏسڻ ۾ اچي رھيا ھئا. ھن ھڪڙي لابارو ڪندڙ ھاريءَ کي سڏ ڪيو ۽ فصل بابت پڇڻ لڳو، ان ھاريءَ کيس، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ فصل بابت معلومات ڏني، ھاري جڏھن ٻيھر لاباري ۾ جُنبي ويو، ته ھن سڀاڳي خان کان پڇيو، ” ھتي جديد ٽيڪنالوجي موجود آھي، پوءِ به لابارو ھٿن سان ڪري رھيا آھن ڇو؟ “
سچل سوچڻ لڳو: ان کي چئبو آ قوم ۽ ڌرتي سان پيار، ھي مون سان گڏ سياحت جو وزير آھي، پر عام ماڻھوءَ وانگر گھمندو ٿو وتي ۽ ھوڏانھن ھڪڙو جنرل مئنيجر آھي، ھيڏانھن ھي ڪامورو آھي. پنھنجي ھٿن سان ويٺا ڪم ڪن، پوءِ ڪيئن نه منھنجو ديس ترقي ماڻيندو؟ ڪيڏو نه خوشحال ۽ سزسبز آباد آھي، ھن کي دل ۾ ڊپ پيدا ٿيو، ڪٿي وري نه ڪو غاصب پرمار، منھنجي ملڪ تي ھلان ڪري، ھن پنھنجي خوف جو اظھار سڀاڳي خان سان ڪيو.
سڀاڳي خان چيو، ” سنڌ جي فوج ته ٻين علائقن جيان ڪونھي، ڇو جو ھاڻي ھر ملڪ، ھر خطو، ۽ ھر ماڻھو امن گھري ٿو، ۽ ھاڻي اھي اڳي واريون حالتون به ڪونھن، تنھن ھوندي به اسان جي ھر مرد توڙي نارِي، ھر ٻڍي چاھي ٻار، کي فوجي سکيا ڏنل آھي ۽ ھر مھيني ٻه ڏينھن سندن فوجي تربيت ڪئي ويندي آھي. “
سچل ڏاڍو خوش ٿيو، ھُو پنھنجي آڱر کي چڪ ھڻڻ لڳو. سڀاڳي خان ھٿ پڪڙيندي پڇيس، ” ڇو، ڇو خير ته آھي؟ “
” سنڌ جي حڪومت عوامي آھي، ان ڪري ھن فليٽ کي سرڪاري چئو يا عوامي، ڳالھ ساڳي آھي. ھن فليٽ ۾ ۽ عام ماڻھوءَ جي فليٽ ۾، ڪوبه فرق نه آھي. جھڙيءَ طرح مون ۾، اوھان ۾ يا ڪنھن عام ماڻھو ۾ ڪوبه فرق ڪونھي. “
سچل کي ھينئر ڪوبه تعجب نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته ھو سمجھي ويو ته ملڪ ۾ ڪابه طبقاتي اڻ برابري ڪانھي. ھتي جا ماڻھو سڀ محنتي، بااخلاق ۽ ساڃاھ ڀريا آھن. انھيءَ وقت فون جي گھنٽي وڳي. سڀاڳي خان فون کنيو، چيائين، ” ھا سائين. “
ٻئي طرف الائي ڇا ڳالھايو ويو. سڀاڳي خان ٽھڪ ڏئي چيو، ” ھا ھا، مھمان مون وٽ ترسيل آھي. “
” ھا ھا، ڏاڍو حيران. “
” ھا، سڀاڻي وٺي ايندومانس. “
” اڇا، ھا ھا. “
” چڱو. “
” ھا. “
” وسي سنڌ- سدا جيئي سنڌ. “
سڀاڳي خان فون رکيو. سچل کي چيائين، ” ڀونگر ڪنڀار جو فون ھو. “
” ڀونگر ڪير آھي؟ “
” ڀونگر سنڌ جو وزير اعظم آھي، ٻيو ڪير آھي، توکي اھا به خبر ناھي؟ ھن تنھنجي باري ۾ ته مون کان ور ور پئي پڇيو. “
” يعني ته سنڌ جو وزير اعظم منھنجي ايتري يادگيري رکي ٿو. “
ھو دودي سان گڏ جيئن ئي اندر پھتا ته سچل وڌيڪ وائڙو ٿي ويو. ڇو جو ھڪڙي وڏي ڪمري ۾ باقائدي ڪنڀارڪو واڙو ھو، ڌرتيءَ ۾ چڪ لڳل ھو ۽ ڀرسان مٽيءَ جا ٺھيل مختلف قسمن جا ڪچا ٿانو پيل ھئا، ۽ اتي ئي ٿورو پريان رائيٽنگ ٽيبل تي ليمپ جي روشنيءَ ۾ ھڪڙو ھمراھ ڪجھ لکي رھيو ھو، ھنن تي نظر پيس ته مُرڪي اٿيو ۽ ٻنھي سان ڀاڪر پائي مليو. سچل ڏي اشارو ڪري چيائين، ” ھي آھي اھو سو سالن جو نوجوان؟ “
سڀاڳي خان ھاڪار ڪئي ۽ سچل کي ٻڌايو ته ” ھي ڀونگر ڪنڀار آھي، اسان جو وزير اعظم.“
سچل حيران ٿيڻ کان وڌيڪ خوش ٿيو، جو ھن جي ديس جو حڪمران ڪيڏو نه سادو سودو، نھٺو ھو، گھر به عام ماڻھن جھڙو، ڪوبه پھرو، ڪابه سڪيورٽي ڪانه ھئي ۽ ھڪ مختصر آفيس ۾ لِکي ويٺو، شايد ته ، اھي ٿانوَ به پاڻ ٺاھيا ھوندئين. ڏاڍو ڀلو ماڻھو ٿو ڏسڻ ۾ اچي.
وزير اعظم کين اتي رکيل مُوڙن تي ويھڻ لاءِ چيو، پاڻ ميز جي خاني مان بسڪوٽن جو پيڪيٽ ڪڍي سڀاڳي خان کي چيو، ” ھي کولي مھمان کي کاراءِ ته مان ٿاڌل کڻي ٿو اچان. “ ھن جي وڃڻ ۽ موٽڻ ۾ دير نه لڳي، ھو ٿاڌل کڻي آيو.