TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
دمشق (مانيٽرنگ ڊيسڪ) شام ۾ باغين ۽ حڪومتي فورسز ۾ هلندڙ ويڙهه دوران حضرت خالد بن وليد رضي الله تعاليٰ عنه جي مزار کي شديد نقصان پهتو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب حمص شهر کي باغين جي قبضي مان ڇڏائڻ لاءِ سرڪاري فوج جو آپريشن 4 هفتن کان هلندڙ آهي، شام جي هڪ اين جي او موجب سرڪاري فورس جي شيلنگ سبب حضرت خالد بن وليد رضي الله تعاليٰ عنه جي مزار ۽ ڀرپاسي واري مسجد کي نقصان پهتو آهي، واضح رهي ته صحابيءَ رسول صه حضرت خالد بن وليد رضه جي مزار شام جي مقدس جاين منجهان هڪ آهي، جڏهن ته شام ۾ 28 مهينن کان جاري جهڙپن ۾ ڪيترائي مقدس ۽ تاريخي ماڳ متاثر ٿيا آهن، گذريل هفتي دمشق ۾ راڪيٽ حملي ۾ بيبي زينب بنت علي عليه السلام جي مزار کي پڻ نقصان پهتو هو.
The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com
The Kawish Group of PublicationB/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com