• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اکر "ي" جي مٿان الف ڪيئن لکجي؟

سلطان

سينيئر رڪن
مون سان اهو مسئلو شروع کان رهيو آ ته اکر "ي" جي مٿان "ا" لکڻ اچي ئي ڪو نه ٿو، هر دفعي سوچيم ته پڇي وٺندس پر پوء پڇڻ جو اتفاق به ڪو نه ٿي سگهيو۔۔
۽ مون اهو به نوٽ ڪيو آهي ته اهو مسئلو مون سان گڏ شايد ڪجهه ٻين سنگتين کي به درپيش آهي، مثال طور: شايد ان الف جي مونجهاري جي ڪري سائين نثار ابڙو "الله تعالا" لکندا آهن ۽ سائين رحيم بخش صاحب "الله تعالي" لکندا آهن، هونئن ته ٻئي لفظ صحيح آهن پر منهنجي حساب سان پَڪِي صورتخطي ۾ "الله تعالى " هجڻ گهرجي۔۔
(جيڪڏهن منهنجو اندازو غلط هجي ته ٻنهي محترم استادن کان معذرت، مون مثال ڏيڻ جي ڪري حوالو ڏنو)

اهڙي طرح اڪثر لفظ "معنى " لکڻ جي ضرورت پوندي آهي ليڪن لکڻ ۾ مشڪل ٿيو پوي۔۔ ادا رشيد کي گذارش آهي ته رهنمائي ڪندا يا فقير سائين کان ٿي سگهي ته بغير في جي مدد ڪري۔۔

مهرباني
 
جواب: اکر "ي" جي مٿان الف ڪيئن لکجي؟

مون سان اهو مسئلو شروع کان رهيو آ ته اکر "ي" جي مٿان "ا" لکڻ اچي ئي ڪو نه ٿو، هر دفعي سوچيم ته پڇي وٺندس پر پوء پڇڻ جو اتفاق به ڪو نه ٿي سگهيو۔۔
۽ مون اهو به نوٽ ڪيو آهي ته اهو مسئلو مون سان گڏ شايد ڪجهه ٻين سنگتين کي به درپيش آهي، مثال طور: شايد ان الف جي مونجهاري جي ڪري سائين نثار ابڙو "الله تعالا" لکندا آهن ۽ سائين رحيم بخش صاحب "الله تعالي" لکندا آهن، هونئن ته ٻئي لفظ صحيح آهن پر منهنجي حساب سان پَڪِي صورتخطي ۾ "الله تعالى " هجڻ گهرجي۔۔
(جيڪڏهن منهنجو اندازو غلط هجي ته ٻنهي محترم استادن کان معذرت، مون مثال ڏيڻ جي ڪري حوالو ڏنو)

اهڙي طرح اڪثر لفظ "معنى " لکڻ جي ضرورت پوندي آهي ليڪن لکڻ ۾ مشڪل ٿيو پوي۔۔ ادا رشيد کي گذارش آهي ته رهنمائي ڪندا يا فقير سائين کان ٿي سگهي ته بغير في جي مدد ڪري۔۔

مهرباني


سائين ڀلا اهي لفظ ڪاپي پيسٽ ڪري ڪم هلايو اٿو ڇا
 
جواب: اکر "ي" جي مٿان الف ڪيئن لکجي؟

جيتوڻيڪ ادي سلطان، ڳالهه ته پتي جي ڪئي آهي پر ڳالهه رنجيت جي به سهي آهي ته اوهان اهو ڪم ڪيئن سرانجام ڏنو ۔۔۔ ؟؟؟ جي اها خبر پوي ته اسين به اگتي ايئن ئي ڪريون ۔۔۔ جو هروڀرو ادي فقير کي في ڏيڻي پئجي وڃي ۔۔۔
 
جواب: اکر "ي" جي مٿان الف ڪيئن لکجي؟

منهنجي خيال ۾ اهو مسئلو ايم بي سنڌي ڪي بورڊ 2007 ۾ آهي. جيستائين آئون ايم بي سنڌي 2004 استعمال ڪندو هيس ته ي جي مٿان الف صحيح لکجي ايندو هيو.

ادي سلطان ”ى“ بنان نقطن جي لکي آهي، جنهن جي شارٽ ڪي (Alt+Ctrl+A) آهي. ۽ ”ى“ نوٽ پيڊ، ورڊ پيڊ يا وري ايم ايس ورڊ ۾ لکي پيسٽ ڪيو ويو آهي.
 
جواب: اکر "ي" جي مٿان الف ڪيئن لکجي؟

ادا ابوزين بلڪل صحيح فرمايو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪجهه ڏينهن جي مسلسل ڪوشش کان پوءِ سنڌ سلامت پيڊ تي ئي هاڻي توهان ي جي مٿان الف لکي سگهو ٿا۔۔۔۔ جنهن جي شارٽ ڪٽ ڪي آهي Shift+2 ۔۔۔ جهڙوڪ۔۔۔
منتظمِ اعلى
سرپرستِ اعلى
پر ياد رهي ته هن ى ۾ پڻ نقطا نه آهن۔۔۔۔ هاڻي ڇو ته سائين نثار ابڙو سنڌي کي بهتر پڙهيو آهي ان ڪري اهي ئي ٻڌائي سگهندا ته نقطن يا بغير نقطن واري ي جي مٿان الف درست هوندو آهي۔۔۔۔
 
جواب: اکر "ي" جي مٿان الف ڪيئن لکجي؟

ادا رشيد اوهان بيڪ گرائونڊ ۾ رهي ڪري سنڌ سلامت جي فورم جي لاءِ جيڪو ڪم سر انجام ڏئي رهيا آهيو۔۔ سچ پڇو ته اسان کي ڏاڍو اتساهه ڏئي ٿي۔۔
ڪي بورڊ ۾ جيڪي توهان اپڊيٽس ڪيون آهن اهي تمام بهترين آهن۔۔۔ هاني\ واري بٽڻ کي دٻائڻ کانپوءِ ڍ جو اکر اچي ٿو جيڪو پهرين نه پئي آيو۔۔۔ الله توهان کي شاد آباد رکي۔۔ ٻيلي ڪجهه پنهنجي صحت جو به خيال ڪيو
 
جواب: اکر "ي" جي مٿان الف ڪيئن لکجي؟

سائين اهو منهنجي خيال ۾ بغير ٽٻڪن واري ى جي مٿان الف لکڻ اصل عربي اسٽائيل آهي ليڪن اهو عربي ۾ مروجه آهي ۽‌ اهو درست آهي جيئن غلام مصطفى جو عربي ۾ ى جي مٿان الف ايندو آهي ته ٽٻڪا نه ڏنا ويندا آهن وڌيڪ سائين نثار جن وضاحت ڪندا ۔ ۽ اميد ته سائين سلطان جن جو ڪم به ٿي ويو هوندو۔
 
جواب: اکر "ي" جي مٿان الف ڪيئن لکجي؟

جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جو ڪو ماهر استاد ئي ان طرف رهنمائي ڪري سگهي ٿو پر پنهنجي خيال مطابق ۔۔۔ادي رحيم بخش جي ڳالهه صحيح آهي ته اهو عربي لکت جو نمونو آهي، باقي سنڌيءَ ۾ ان اچار کي آواز جي نسبت سان لکبو جيئن اعلا ۾ جيڪو آواز آهي سو آهي الف جو انڪري الف ئي ڏبو ۔۔۔ باقي جي يي بغير نقطن واريءَ جي مٿان الف لڳي اچي ٿو ته اهو به درست آهي ۽ عربي نمونو چئبو، ان ۾ به ي ساڪن آهي ۽ آواز الف جو ئي آهي ۔۔۔

الله تعالا ۔۔۔ منظم اعلا ۔۔۔ جي ايئن به لکبو ته اهو سنڌي نمونو چئبو۔۔۔ ۽ اهو به درست آهي ۔۔۔ پر انجي پويان اڪيلي ي نقطن واري ڏيڻ غلط ٿيندو جيئن ۔۔۔ الله تعالي ۔۔۔ ان ۾ ي جو اچار اي آهي آ ناهي ۔۔۔
اها مٿي ڪيل ڳالهه اسانجي تجربي جي ڳالهه آهي، باقي جي ڪو دوست علمي طور انکي ٻي طرح سان واضح ڪري سگهي ته ۔۔۔ اسانجي معلومات ۾ اضافو ٿيندو ۔۔۔ رب زدني علماء ۔۔۔
 
جواب: اکر "ي" جي مٿان الف ڪيئن لکجي؟

سائين ان موضوع تي گهڻو ڪجهه مواد آهي ليڪن في الوقت نه ٿو موڪلي سگهجي باقي ايترو آهي ته الله تعالي جيئن سائين جن لکيو آهي ته ائين لکڻ درست نه آهي منهنجي خيال ۾ ائين به درست آهي ڇو ته صورتخطي جا پنهنجا اصول آهن ڪافي لفظ آهن جن جي لکڻ جو انداز الڳ هوندو آهي ته پڙهڻ جو انداز ڪجهه الڳ جئين خوش‌ وغيره ان جو اهم سبب آهي ته اهي لفظ ڪنهن ٻي ٻوليء‌ مان ورتل هوندا آهن خوش فارسي لفظ آهي اعلى تعالى عربي لفظ آهن ان ڪري انهن کي ان ٻوليء جي رسم الخط موجب لکيو ويندو۔ باقي بهتر آهي ته ان کي صحيح صورت ۾ لکجي ۔ جيئن تعالى اعلى وغيره
 
Back
Top