دوستو جيئين ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪجهه پوسٽون انائونس ڪيون آهن ۔ دوست ان ۾ ڪجهه رهنمائي ڪن ته مهرباني ٿيندي
1 ڪهڙا آپشنل سبجيڪٽ چونڊجن
2 ڪهڙا ڪتاب ۽ ڪهڙي سيريز جا هجن جن جو مطالعو ڪجي
۽ ان کانسواءِ پيپر جو طريقي ڪار
۽ ٻيو جيڪا هنٽ فائيديمند هجي اها ٻڌائيندا ته مهرباني ٿيندي اوهان دوستن جي جوابن جو انتظار رهندو
ادا پبلڪ سروس ڪميشن جي لا توهان ڪهڙي سبجيڪٽ ۾ ايم اي ڪئي آهي؟ ان سبجيڪٽ ۾ توهان فارم ڀرائي سگهو ٿا ان لا جنرل ناليج جا ڪتاب ملن ٿا ڊوگر سيريز ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب جن ۾ Who is Who ۽ What is what َ قابل ذڪر ڪتاب آهن
ان سان گڏو گڏ پنهنجي سبجيڪٽ متعلق پڻ گائيڊون ملن ٿيون انهن کي ڏسڻو پوندو۔
اڪثر ڪري موجوده پبلڪ سروس جو امتحان ٻن سيڪشنن ۾ ٿيندو هڪ رٽن (لکت) ۾ ٻيو وائي وائي (زباني)
رٽن ۾ پيپر جا سوال ٽن قسمن جا هوندا آهن هڪ جنرل ناليج ٻيو اسلاميات ٽيون سبجيڪٽ سان وابسته جڏهن رٽن پاس ٿي وڃي ته پو وائي وائي ۾ ڪجهه ميمبر موجود هوندا آهن اهي زباني سوال پڇندا آهن پر سوال هڪ پورو ئي نه ٿيندو آهي ته مٿان ٻيو ميمبر سوال ڪندو آهي اهڙي طرح وائي وائي ۾ اڪثر ماڻهن کي وائڙو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ان ۾ به وري سوال پڇندڙن جي موڊ تي منحصر هوندو آهي ڪڏهن ڪنهن موضوع تي ته ڪڏهن ڪهڙي موضوع تي سوال شروع ڪري ڏيندا آهن۔
سائين رحيم بخش صاحب بهتر لکيو آهي، مون کي پڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٽيسٽن ۾ ويهڻ جو اتفاق ٻه دفعا ٿيو آهي، پر قسمت!
ادا ڪليم صاحب! اوهان جڏهن سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڳالھ ڪريو ٿا ته يقينن اوهان ايم اي ڪئي هوندي۔
هاڻ سوال اهو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪهڙن سبجيڪٽن جون پوسٽون انائونس ڪيون آهن؟ ۽ ڇا انهن ۾ اهو سبجيڪٽ به آهي جنهن ۾ اوهان ايم اي ڪئي آهي؟
پوءِ جڏهن ان ۾ اهو سبجيڪٽ به هجي جنهن ۾ اوهان ايم اي ڪئي آهي، ۽ اوهان جا ڪوائف، سندون، سرٽيفڪيٽ، مارڪون، گريڊ مطلوبه معيار مطابق هجن ته پوءِ اوهان پهرين فرصت ۾ حيدرآباد ٿڌي سڙڪ تي وڃي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس مان چالان ڀرائي فارم ڀري سرٽيفڪيٽن ۽ تصويرن وغيره سان گڏ جمع ڪرائي اچو
ان کان پوءِ ٽيسٽ جي تاريخ جو انتظار ڪريو، ٽيسٽ جي تاريخ انائونس ٿيڻ وقت اوهان سينٽر تي وڃي ٽيسٽ ڏيو، اهو ذهن ۾ رکو ته فارم پُر ڪرڻ وقت ان ۾ اوهان لاءِ آساني وارو سينٽر ٽن شهرن )ڪراچي، حيدرآباد، سکر( مان جيڪو هجي ان تي ٽڪ ضرور ڪجو، پوءِ جيڪڏهن اميدوار گهٽ هوندا آهن يا ٻي ڪا حڪمت عملي ته پوءِ هڪ اڌ سينٽر ڪينسل ڪري صرف هڪ سينٽر تي سڀني کي گهرايو ويندو آهي۔
ٽيسٽ کان پوءِ پيسا به ڏيو، سفارش به ڪرايو ۽ سائين ابڙي صاحب کان مڪي پاڪ ۾ دعائون به گهرايو، پوءِ ڏسو اوهان جا ڀاڳ ڪيئن ٿا کُلن!!
اڇا پيپر ٽن حصن ۾ هوندو آهي:
1 : اوهان جو سبجيڪٽ۔
2: جنرل ناليج
3: ٽين ڪا بلا، ڪا ايناليز وغيره جنهن جو اوهان جي سبجيڪٽ سان پري جو به واسطو نه هوندو، جهڙوڪ: انگلش گرامر، اينالائزنگ ميٿاميٽڪس، ۽ ڪمپيوٽر لينگيوئيج!!!!!!!! وغيره۔۔
جڏهن اسان ايم اي ڪنهن سبجيڪٽ ۾ ڪئي آهي ته پوءِ سوال به ان سبجيڪٽ ۾ اچڻ گهرجن نه؟ يا وڌ ۾ وڌ جيڪڏهن اضافو ڪيو به ٿا ته 25 سيڪڙو جنرل ناليج جا ڪيو، ۽ 75 سيڪڙو سبجيڪٽ مان، ڇو ته ڪاليج ۾ وڃي اوهان کي پنهنجو سبجيڪٽ پڙهائڻو آهي جنهن ۾ اوهان جي ماسٽر آهي نه ڪي ٻي ڪا شي جيئن انگلش گرامر يا ڪمپيوٽر لينگيوئيج يعني جنهن ۾ اوهان ماسٽر نه ڪئي هجي!!!!!!!!!!!!!!!!