مسڪين جهان خان کوسو [ 1909ع – 1980ع ] ميمڻ عبدالغفور سنڌي مارئيءَ جي ملڪ ”ٿر“ لاءِ محبت رکندڙ ۽ حب الوطنيءَ جو عديم النظير دنيا آڏو مثال پيش ڪندڙ، مسڪين جهان خان ولد بجار خان بن رئيس مير حسن خان بن خانبهادر سردار خان بن شهيد شادي خان کوسو بلوچ، هڪ عظيم انسان ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 12 صفرالمظفر 1338هه مطابق 9 جولاءِ 1909ع تي ننگرپارڪر ۾ ٿي هئي. ننڍپڻ کان ئي رحمدل، سلڇڻو ۽ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ هو. ”کوسا“ ۽ ”مسڪين“! سچ پچ ته متضاد صفتون آهن، ڇاڪاڻ جو کوسا، حالانڪ پئسي پنجڙ ۾ مسڪين (غريب) به ڇو نه هجن، بلڪ طبيعت ۾ هو مسڪين ٿي هرگز نٿا سگهن!! کوسا، کٽل ته به ”خان“ جي ڏک ڏيندا. پير ۾ جتي نه به هوندن، تاهم به جوش ۾ سيٽيل ضرور نظر ايندا. سندن گهر ۾ ڀل چار ڏينهن دانگي نه به چڙهي، مگر سندن ٻاهر ڳالهائڻ جو انداز اميراڻو پيو معلوم ٿيندو. وات جي کڙڪي ۾ هو اهڙا ته کرا آهن، جو اڳلو کين ائين سمجهندو، ته ”مڙسن جو شايد لک تي مٿو ٿو ڌوپي!!!“ مطلب ته کوسن جي ٻاهرين بناوت اهڙي ته ڀرجهلي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جو سندن اندر کوکلي هجڻ جي هوند کڙڪ به محسوس ڪري نه سگهبي آهي. مگر هت ته قصوئي انهيءَ جي برعڪس آهي، ته جهان خان جهڙو جوڌو جوان؛ جنهن کي پوليس جي ملازمت به ورثي ۾ مليل هجي، تنهن جي طبيعت ۾ ايتري قدر ته حسين امتزاج موجود ملي، جو سندس سيرت، بلوچن جو ناز بڻجي پوي. خدا ڄاڻي ڪهڙي اچي دل ۾ پيس؛ جنهن کان پاڻ کي ئي جوانيءَ ۾ ئي ”مسڪين“ سڏائڻ لڳو. ”مسڪين“ ، 1937ع کان ملازمت ترڪ ڪرڻ بعد، غريبن جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ايتري تائين جو مهينن جا مهينا مسڪينن جي مدد لاءِ گهر کان ٻاهر رهيو. پوءِ ڀل ٻچا پيا سندس صورت لاءِ ترسن. سندس گهر موٽڻ جو سبب، مٽ مائٽ جو موت يا زوري غريبن جي گهيري مان کنڀي کڻي اچڻ هوندو هو. ورنه پاڻمرادو موٽڻ مشڪل هوس. پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڊگهي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو؛ جنهن ڪري 9 رمضان المبارڪ 1400هه مطابق 23 جولاءِ 1980ع تي وفات ڪيائين. دنيا ۾ ڪيترائي قومي ڪارڪن، سوشل ۽ پبلڪ ورڪر ٿي گذريا آهن، مگر مسڪين کوسي جهڙا جذباتي ۽ جنون رکندڙ ورلي لڀندا. مسڪين، هڪ اعليٰ ۽ بهادر بلوچ خاندان جو چشم چراغ هو. ميراڻي دور ۾ سنڌ ۽ مارواڙ جي هڪ وڏي حصي تي کين حڪومت حاصل هئي. مسڪين کوسي جي ٿر لاءِ محبت انهيءَ اعليٰ ۽ ارفع دائري ۾ داخل ٿي چڪي هئي؛ جنهن ۾ مارئيءَ جو بي چين ۽ ڀٽڪيل روح ورهين کان وٺي ٿر جي ڀيانڪ ڀٽن جو واس وٺندو رهيو آهي. انهيءَ عفت ماب ۽ اعليٰ ڪردار، غيرتمند مارئيءَ جي روح کي يقياً تسڪين ڏني هوندي؛ جنهن سندس حب الوطنيءَ جي جذبي کي زنده جاويد رکڻ لاءِ ”مسڪين“ جهڙو مرد مجاهد، سندس ئي ڏاڏهي ڏيهه ۾ پاڻ پتوڙيو هو. انهن ئي نيڪين عيوض کيس ”ٿر جو گانڌي“ به سڏيندا هئا. ٿر ۾ رهندڙ اقليتي فرقا ته کيس ”پير“ ڪري سمجهندا هئا.
مسڪين جهان خان کوسي جي ياد ۾..... روپلي ڪولهيءَ جي ننگر پارڪر جي ڌرتيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ جهان خان کوسو جو شمار عظيم سماجي ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو. سندس وڏڙا پوليس جي نوڪري ڪندا هئا ۽ پاڻ به 18 سالن جي عمر ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو پر جلدي ئي ڳوٺ جي وڏيري سان وڙهي پيو ۽ نوڪريءَ کي خير باد چئي، اچي غريبن جي ڪمن کي لڳو. بعد ۾ پاڻ کي جهان خان مان مسڪين جهان خان کوسو سڏائڻ لڳو. مسڪين جهان خان اڪيلو هو ۽ اڪيلي ئي ڪشالا ڪاٽيائين. ان ۾ سندس عظمت ان ڪري به آهي، ته مسڪين کي ڪوڙا ڏَٽا ڏيئي، غريب ٿرين کان ووٽ وٺي ويندڙن تي ڀروسو ڪونه هو، ساڳئي وقت مسڪين ووٽ وٺي خدمت ڪرڻ واري راهه کي غلط سمجهيو. ڇاڪاڻ ته هن جي اکين اهڙا تجربا ڏٺا هئا، ته اختيار اچي وڃڻ سان نيت بدلجيو وڃي، انڪري هن ٻي ڪا واٽ نه ڏسي ٿر واسين جي خدمت جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ هن 45 سال انسانذات جي خدمت ڪئي. مسڪين جهان خان کي تَر جي وڏيرن غُنڊا ائڪٽ تحت جيل اُماڻي ڇڏيو ۽ بنا ڪنهن سبب جي هن کي ٻه سال سزا آئي ۽ هن هڪ سال سزا ڪاٽي آزادي ماڻي. مسڪين جهان خان کوسو ٿري هو، سندس رَڳ رَڳ ۾ ٿر رچيل هو، سندس جيئڻ به ٿر لاءِ ۽ مرڻ به ٿر لاءِ هو. مسڪين جهان خان کوسو ڄڻ ته ٿر پارڪر جي گشتي تاريخ هو، هن سڄي حياتي ٿري ماروئڙن جا مسئلا نبيرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ پوري زندگي ٿرين لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. مسڪين جي ٿر لاءِ محبت جي اها انتها هئي، جو هو پنهنجي ههڙي برپٽ بيابان کي به جنت سمجهندو هو. ٿر ۾ ڪابه مصيبت آئي، ڏُڪار آيو يا ڪا بيماري وغيره منهن ڪڍيو، ته مسڪين جو سُک ڦِٽي ويندو ۽ ٿرين جي مصيبت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ اختيارين کي ننڊ مان اٿارڻ لاءِ پيو ڪوششون ڪندو هو. مسڪين جهان خان کي آمريڪا جي هڪ اداري طرفان سماجي خدمتن جي حوالي سان عالمي مڃتا طور انعام پڻ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو سندس پٽ جي معاشي حالت ڪمزور هئڻ سبب ملي نه سگهيو. مسڪين جهان خان جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب پڻ ڇپرايو ويو آهي. آخري ڏينهن ۾ لاڳيتو بيماريءَ سبب هو ذهني توازن وڃائي ويٺو هو ۽ ڪنهن کي به ڪونه سڃاڻندو هو ۽ بيماريءَ سبب تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو هو، پر هي ظالم زمانو مسڪين کي بچائي ڪونه سگهيو ۽ تڙپي تڙپي هو 23 جولاءِ 1980ع ۾ سول اسپتال ڄامشوري ۾ اسان سڀني کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. الله جڙيو شاد/جهڏو
مسڪينن جو مسڪين جهان خان ٿري واگهومل ميگهواڙ ٿر جي ڀرڀانگ ڀٽن کي پار ڪندي، پارڪر جي ڪنڌيءَ تي آباد ننڍڙي ڳوٺ سامي جي ويري جا اهي تڙ، اهي ويڙها ۽ وستيون ڪيڏيون نه خوش قسمت آهن، جن جو سمورو ماحول ئي فطرت جي سونهن سان سلهاڙيل آهي. اتر ڪنڌي واري جي ڀٽن جون اڻ کٽ قطارون، ڏکڻ طرف ڪڇ ۽ ڏکڻ اولهه طرف ڪارونجهر جون ڪورون، اهڙي ئي حسناڪ علائقي ۾ 1909ع ۾ جنم وٺندڙ جهان خان کوسو ڪنهن ڄاتو هو ته وڏو ٿي هو مسڪين بڻجي ويندو. سندس جيون ساگر جو سفر ٿر جي ڀڙڀانگ ڀٽن جي اڙانگن سفرن، ڏولاون ۽ پنڌ جي پيچرن ۾ پورو ڪندو، جيڪو مسڪين پاڻ مسڪينن سان آخري گهڙين تائين اڙانگي سفر ۾ ساڻ رهيو ٿر جتي لڪون لڳن، اڪ تپن، ڏوڪار جا ڏولاوا، اهڙين ڏکيائين جي ڏيهه جو هي ماڻڪ موتي نوجوان پوليس سپاهي 1937ع تان استيعفٰي ڏئي غريبن ۽ مسڪينن جي ڏک کي پنهنجي سمهي کڙيو (ڳوٿري جنهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان کڻجي) ڪلهي تي کڻي ڏکن جي سفر جو ساٿي ٿيو، تڏهن ڪنهن به ڄاتو نه ته اها هستي ڏتڙيل سماج لاءِ هڪ رول ماڊل ڪردار طور سامهون ايندي. سامان جي ڳوٿري ڪلهي تي ۽ اخبارن جا بنڊل بغل ۾ کڻي، ڏڪار جي حالت ۾ روينيو جي آفيسن ۾ لهي پوندو هو. ڪٿي ڪو غريب اڃ ۽ بک وگهي مئو، ڪٿي ڪنهن مسڪين کي راشن نه مليو، پاڻ پيٽ بکئي وڃي سرڪاري ڪامورن ۽ عملدارن جي پٺيان پوندو هو. سندس سفر راتين جون راتيون ڏينهن جا ڏينهن اڻ کٽ ۽ سسئي جي ڪردار وانگي اڙنگو هوندو هو.ڏکوئلن جي ڏيهه جو اهو شخص غريبن لاءِ ڇا! ڇپر ڇانوءُ هو. کيس ملندڙ ٻاجهري جي ماني هجي توڙي، ٻاجهري جي رٻ لسي هجي توڙي کي پر سڀ کان پهرئين هو غريبن ۽ مسڪينن کي ورهائي ڏيندو هو. ٿر ۾ چوپائي مال جي چوري چڪاري ۽ پٽيلن جي ڪردار کان چڱي طرح واقف هو، ڪٿي به شل ڪنهن غريب جي ڪا به ٻڪري چوري ٿئي وٽس پهچي ويندو هو ۽ چورن وٽ پهچڻ تائين دير نه لڳندي هئس سردين توڙي گرمين ۾ غريبن لاءِ سفر ڪندڙ اهو شخص سرڪار توڙي وقت جي حڪمرانن کان لاوارث ٻڻيل علائقي ٿر لاءِ ڄڻ ڪو والي هو. هن لاءِ ماروئڙن ۽ مڪينن جا اهنج پنهنجا هوندا هئا. هو بنا متڀيد ۽ بنا فرق جي پوري ٿر جي هر مسئلي کي پنهنجو سمجهي ڪامورن جي پٺيان لڳي ويندو هو. جيسئن وڃي مسئلو حل ٿئي تيستائين ساهه نه پٽيندو هو. وڏيرن جي ڪرتوتن ۽ پوليس جي ڪردار جو اصل مخالف هي پوڙهو جُهور شخص جنهن سندس مال متاع غريبن لاءِ وقف ڪري ڇڏيا، سماج سڌارڪ جي اهڙي ڪردار کي اسان نه صرف ٿر جو وهائو تارو چئي سگهون ٿا پر هن کي اسان سماج جو املهه هيرو به چئي سگهون ٿا. اهڙو هيرو ڄامشوري جي پٿريلي علائقي واري اسپتال ۾ هن سماج جي بي حسي جي ڪري ڪيتروئي وقت بيماري جي بستري رهيو پر ڪنهن به سندس سار نه لڌي ۽ آخرڪار 23 جولاءِ 1980ع ۾ ڪارونجهر جي هنج واري شهر ننگرپارڪر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس سماج لاءِ ڪيل خدمتون هميشه لاءِ امر رهنديون. اهڙي ئي ڪردار ۽ خدمتن جي مڃتا تي کيس مرڻ کانپوءِ يو ايس اي جي بايواگرفيڪل انسٽيٽيوٽ طرفان گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. سندس نالي تي ننگرپارڪر ۾ هڪ لائبريري پڻ قائم آهي.
ٿي سگھي ٿو ته ڪي ماڻھو مون سان سھمت نه ٿين. مسڪين جھان خان کوسي کي ٿر جو گانڌي چوڻ انتھائي بيوقوفي جو اھڃاڻ آھي. ڪٿي مسڪين ڪٿي گانڌي؟ گناڌي جو شمار دنيا جي امير ترين ماڻھن ۾ ٿيندو ھو، جڏھن ته مسڪين مسڪين ھو. گانڌي جيڪا به ھندوستانين جي خدمت ڪئي اھا پنھنجي سياست چمڪائڻ خاطر ڪئي ۽ رڳو چند ڏينھن ڪن غريبن جي گھرن ۾ وڃي رھيو ھو پر اسان جي مسڪين مسڪينن لاءِ لاغرضي سان پنھنجي نه رڳو زندگي وقف ڪري ڇڏي پر پنھنجو گھر گھاٽ پڻ انھن تان گھوري ڇڏيو.