هڪ دفعي سائين جي ايم سيد جي ڳئون چوري ٿي، ڪنهن همراهه چور کي چوري ڪندي ڏٺو ۽ کيس جي سائين ايم سيد وٽ وٺي آيا، ان قرآن کڻي چيو ته مان ڳئون چوري ناهي ڪئي، سيد ان ماڻهو کي ڇڏي ڏنو، ٻن مهينن کانپوءِ ان ماڻهوءَ کي ڳئون سميت پڪڙي وري سيد وٽ وٺي آيا، پر سيد چيو ته اها ڳئون سندس ناهي پر هن جي آهي، سائين کان موقعي تي موجود ماڻهن پڇيو ته سائين سڳ سوڌو چور ٿا ڇڏيو، پاڻ چيائون “ماڻهو قرآن تي ڪوڙ ڳالهائڻ کان ڊڄندا آهن سئو مان نوانوي ماڻهو سچ ڳالهائيندا آهن ، ان سان ماڻهن ۾ امن امان ۽ سماجي اخلاق جي صورتحال ضابطي ۾ رهي ٿي مون ڳئون تان هٿ کڻي ماڻهن ۾ قرآن جو ويساهه قائم رکيو آهي” (آپ بيتي ـ جڳ بيتي ايم ايڇ پنهور صفحو 254)