شهيد سرائي قربان کهاوڙ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ صوفي شفيق احمد حسيني طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2013۔

  1. صوفي شفيق احمد حسيني

    صوفي شفيق احمد حسيني
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    شهيد سرائي قربان کهاوڙ
    محمد عثمان ميمڻ

    شهيد سرائي کهاوڙ جو تعلق هڪ امير گهراڻي سان هو جيڪڏهن هو چاهي ها ته سنڌ جو روايتي وڏيرو بڻجي پئي سگهيو پر پاڻ سمورا سک چين سنڌ جي عشق ۾ ڦٽا ڪري نڪري پيو، الهڙ جوانيءَ ۾ شهادت جو جام نوش ڪندڙ سنڌ جي قومپرست اڳواڻ سرائي قربان کهاوڙ 22 جولاءِ 1970ع ڌاري شهدادڪوٽ جي هڪ خوشحال گھراڻي ۾ سرائي شمس الدين کهاوڙ جي گھر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مقامي طور حاصل ڪري، بي. اي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ۽ ماسٽرس جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪيائين. هو اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس والد جي وفات ٿي ۽ سندن زمينن تي اتان جي با اثر ماڻهن قبضو ڪري ورتو، پر جڏهن هو جوانيءَ جا ڏاڪا چڙهڻ لڳو ته هن انهن بااثرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ پنهنجون زمينون واپس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سرائي قربان کهاوڙ شروع کان وٺي سماجي ورڪر هو ۽ پوءِ يونيورسٽي پهتو ۽ قومي تحريڪ سان لاڳاپجي ويو. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات لطيف سنگت کان ڪئي، ان بعد جيئي سنڌ جي شاگرد ونگ، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ کيس جساف جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. شاگرديءَ واري دور ۾ سرائي قربان شاگردن جي مسئلن تي عملي جدوجهد ڪئي، اهوئي سبب هو جو هو جڏهن جساف مان ٽي. سي ڪرائي مدر پارٽين ۾ شامل ٿيو، تڏهن به شاگرد سندس سڏ ۾ سڏ ڏيندا هئا ۽ هو شاگردن جو آئيڊيل بڻجي ويو. جساف ۾ رهندي پاڻ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين به رهيو، ان بعد جسقم ۾ شامل ٿيو، جتي مرڪزي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين ۽ ڪيترائي ڀيرا جسقم۾ به الڪيشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رهيو. جڏهن عبدالواحد آريسر ۽ بشير خان قريشيءَ جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽ جسقم جي باڊي ٽوڙي آرگنائيزنگ ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي ته سرائيءَ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. ان بعد جڏهن جسقم ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ته پاڻ جسقم ۾ عبدالواحد آريسر سان بيٺو ۽ اتي پڻ ٻن سالن تائين سينئر وائيس چيئرمين جي عهدي تي رهي ڪم ڪيائين. ان دوران هن ڪيترائي ڪامياب پروگرام ڪرايا، جن ۾ لاڙڪاڻي کان سن تائين فريڊم مارچ، آزادي مارچ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شهدادڪوٽ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ خلاف بک هڙتالون، ڪالاباغ ڊيم خلاف پوري سنڌ ۾ احتجاجن، مظاهرن وسيلي ڊگھي جدوجهد هلائڻ، ڊاڪٽر صفدر سرڪيءَ جي آزاديءَ ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن جي لاءِ جسقم جو وفد وٺي اسلام آباد ويو، جتي اقوام متحده ۽ ٻين ملڪن جي سفيرن کي يادداشت نامو پيش ڪرڻ نمايان آهن. سرائي قربان کهاوڙ 2009ع ۾ جسقم کي الوداع چئي جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) ۾ شموليت اختيار ڪئي، جتي پڻ سينيئر وائيس چيئرمين چونڊيو ويو. سراِئي قربان کهاوڙ جون سماجي حوالي سان خدمتون به قابل فخر آهن. هن شهدادڪوٽ ۾ شهري اتحاد قائم ڪرايو، جنهن جو پاڻ به عهديدار رهيو ۽ شهدادڪوٽ ۾ مزدورن جي اتحاد ۾ به سهڪاري رهيو. شهدادڪوٽ ۾ ڪيترائي عملي ڪم ڪيائين، جنهن ۾ بيمارن جي لاءِ ڪئمپون قائم ڪرائڻ، ضرورتمند ماڻهن کي رت جو بندوبست ڪري ڏيڻ، بي سهارا ماڻهن جي مدد ڪرڻ، ڪيترين ئي غريب نياڻين جون شاديون ڪرائڻ شامل آهن. اهڙيءَ طرح صدام شيخ ۽ ڪپيل جي آزاديءَ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيائين. هن 1987ع ۾ شادي ڪئي، جنهن مان کيس پنج نياڻيون ۽ ٻه پٽ آهن. سرائي قربان کهاوڙ 21 اپريل 2011ع تي پنهجن دوستن روپلي چولياڻي ۽ نور الله تنئي سان تنظيمي دوري تي سانگھڙ کان ميرپورخاص وڃي رهيو هو ته سانگھڙ-کپري روڊ تي باکوڙي موري وٽ کيس گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، بعد ۾ ڪيميڪل هاري گاڏيءَ کي باهه پڻ ڏني وئي، جنهن ۾ سندس پورو جسم سڙي رک ٿي ويو. سندس آخري آرامگاهه شهدادڪوٽ تجر واري قبرستان ۾ پنهنجي ماءُ جي پيراندي آهي. 2874 اٽيچمينٽ ڏسو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو