جواب: اسلام عليڪم
ميرپور خاص جا عاشق چانگ صاحب۔ قرب اوهانجا، جو اوهين هن سنڌ دوست فورم تي ڪهي آيا ۔۔۔ اميد آهي ته اسين سڀ عاشق، اوهانجهڙي عاشق دوست سان گڏجي ڪيترائي عشقيه ڳالهيون هڪ ٻئي سان ونڊ ڪنداسون ۔۔۔ ڪجهه اوهين اسانکي عشق جا نقطا سمجهائجو ۽ ڪجهه اسين پنهنجي عشق جا تجربا اوهان سان سليندا سون ۔۔۔
ڪچهريون خوب لڳنديون ۔۔۔ هن سنڌ دوست فورم جو مقصد آهي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌ جي خوشحالي ۔۔۔ مطلب ته هن فورم جو منشور ئي آهي ۔۔
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا، دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين۔
اوهان جهڙا دوست اسانجي ساٿ ۾ هوندا ته بري ۽ ڀلي جي پڇاڙ ٿيندي ۽ ساٿ ڀلائي جي منزل طرف رمندو رهندو ۔۔۔
رب العالمين اسان سڀني سنڌين کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ سنڌ سائي ستابي رهي ۔۔۔ آمين