غزل پيار ۾ ڪا پناه ٿِي وئِي هو ساه ۾ ساه ٿِي وئِي هُن جي نهار۾ڇا۔ڇا، نه هو اندر ۾ واه واه ٿِي وئِي۔۔۔! ٻار غريب جو ڇا پڙهيو؟ وڏيرِي اندر ۾ باه ٿِي وئِي۔۔۔! پڙهڻ لاءِ هُوءَ ڇا گھران نڪتِي۔ ڪوڄڻ عظيم گناه ٿِي وئِي۔۔۔! پيار جي طاقت جو اندازو ڪر هر ڏُکِي، سولي راه ٿِي وئِي۔۔۔! --------------------------------------------------------------------------------
جواب: پيار ۾ ڪا پناه ٿِي وئِي محترم دوست عاشق علي چانگ لک لائق تنهنجا ڪافي ڏينهن کان پوءِ اندر مان سيسڙاٽ ڪڍندڙ شاعري توهان جي هن غزل جي صورت ۾ پڙهڻ لاءِ ملي، تمام تمام خوبصورت سوچ سان سهڙيل آهي هي ڪويتا، ڪاش توهان منهنجي ويجهو هُجو ها، عقيدت سان توهان جي پيشاني چُمي توهان کي مڃتا جي شاباسي ضرور ڏيان ها۔۔۔۔۔ شال جُڙيو هُجين پنهنجي پيارن سان
جواب: پيار ۾ ڪا پناه ٿِي وئِي ادا سائين اوهان سڀني دوستن جون کوڙ ساريون مهربانيون سدائين خوش هوندا اوهان جو ساٿ رهيوته ضرور ساٿ سلامت رهندو ها ٻيو سائين ته سنڌي لکڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪريان پيو جئين ته ڪي بورڊتي لکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي پر ڪوشش جاري آهي ۽ اميد ته ساٿ توهان دوستن جو به رهندو ها ٻيو ته سائين توهان جو ٿورائيتو آهيان ته توهان منهنجي شاعري کي زير زبر ۽ پيش ڏئي تمام سهڻي انداز ۾ لکڻ لاءِ هڪ ڀيرو وري توهان دوستن جون مهربانيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔