ساک ۽ سگهه جي بحران ۾ ورتل سنڌ جي قومي سياست!

'مختلف موضوع' فورم ۾ چاچو چڀڙ خان طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2013۔

  1. چاچو چڀڙ خان

    چاچو چڀڙ خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 مئي 2013
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    195
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Sindhri
    ساک ۽ سگهه جي بحران ۾ ورتل سنڌ جي قومي سياست!

    سنڌ جي قومي سياست جي فڪري ڌارائن، سياسي ڪلچر، تنظيمي بحرانن، ليڊرشپ جي زوال ۽ منجهن گهربل سنجيدگيءَ جي کوٽ بابت سنڌ ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بحث مباحثا ٿيندا رهيا آهن. حالتن آهر ڪڏهن انهن ۾ تيزي ايندي آهي ته ڪڏهن اُهي پس منظر ۾ هليا ويندا آهن. جيتوڻيڪ 11 مئي 2013ع تي عام چونڊن ۾ پاڻ کي قومپرست سڏائيندڙ سمورين پارٽين/گروهن حصو نه ورتو ۽ منجهانئن رڳو ٽن سياسي پارٽين ان ۾ حصو ورتو، پر چونڊن جي نتيجن کانپوءِ هڪ ڀيرو وري اهو بحث تيزيءَ سان اُڀري آيو ته آخر سنڌ جي قومي سياست ۾ گهربل سگهه ڇو نه ٿي پيدا ٿئي ۽ سنڌي عوام جي وڏي گهڻائي کين ڇو نه ٿي موٽ ڏئي؟ منهنجي نظر ۾ چونڊن کان قطع نظر به سنڌ ۾ قومي سياست جي تنقيدي، معروضي ۽ حقيقت پسند جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي، جو ان کانسواءِ سنڌ جي قومي سياست جي ڪنهن به ڌارا ۾ معياري ۽ مثبت تبديلي اچڻ جو امڪان نه آهي.

    سنڌ جي قومي سياست جو هڪ الميو اهو به آهي ته ان ۾ کُليل مباحثي جي روايت نهايت ڪمزور رهي آهي. ڪيترا ڏهاڪا اسان جي قومي سياست جي دعويدار سياسي گروهن رڳو هڪٻئي کي مڪمل طور غلط ۽ غدار ثابت ڪرڻ ۾ وقت گذاريو. سنڌ ۾ حقيقت پسند، سائنسي ۽ عقلي تجزين ۽ بحث مباحثن بجاءِ سنڌ جي قومي سياست ۾ مناظري جو لاڙو وڌيڪ حاوي رهيو آهي. ٻيو ته هتي قومي ۽ وطن دوست سياست جون دعويدار تنظيمون مٿن تعميري ۽ مثبت تنقيد جي روايت کي نه رڳو سَهن نه ٿيون، پر انهن مان گهڻا گروهه ته انتهاپسندي، ڪردارڪشي ۽ بدزبانيءَ تي لهيو اچن. مون پنهنجي گذريل اڍائي ڏهاڪن جي قلمي سفر ۾ گهرائيءَ ۽ تجربي سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته وڏيرا، پير ۽ حڪمران طبقا مجبوريءَ ۾ ئي سهي، پر وري به تنقيد برداشت ڪري ٿا وڃن، پر قومپرست يا وطن دوست سياست جا دعويدار ڪي گروهه تنقيد کي قطعي طور برداشت نه ٿا ڪن. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي معاشري ۾ سياسي ۽ ادبي تنقيد جو لاڙو پختگيءَ سان اُڀري نه سگهيو آهي، جو سنڌ ۾ تنقيد معنيٰ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ. جڏهن ته معروضي، سائنسي ۽ عقلي تنقيد کان صرف ناجائز مفاد رکندڙ، ڪمزور ۽ غيرعقلي قوتن کي ئي خوف ٿيندو آهي. مان سمجهان ٿو ته چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ کانپوءِ به سنڌ جي قومي سياست جنهن نهايت ڪمزور حالت ۾ آهي، ان جي تقاضا آهي ته ان موضوع تي سماج ۾ مثبت ۽ تعميري تنقيد ۽ پرک جي روايت کي سگهارو ڪرڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جي قومي ۽ وطن دوست سياست ۾ معياري تبديليءَ ڏانهن ڪا اثرائتي وِک کَڄي سگهي. مان پنهنجي شعور ۽ ضمير موجب اهي سوال سنڌ ۾ کُليل مباحثي لاءِ کڻڻ جي سنجيده ڪوشش ڪريان ٿو.

    سنڌ جي قومي سياست جي تنظيمن، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ان سوال تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻو پوندو ته آخر هڪ طرف ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ اِهي تنظيمون هڪ دائري کان اڳتي ڇو نه ٿيون وڌن ۽ ٻيو ته اُنهن ۾ مسلسل ڀڃ ڊاهه ڇو ٿي ٿئي؟ “جيئي سنڌ” جي نالي ۾ اڄ سنڌ ۾ ڏهن کان وڌيڪ گروهه آهن، جيڪي سائين جي ايم سيد جي فڪر ۽ سياست جي پوئلڳي ۽ تسلسل جي دعويٰ ڪن ٿا. سوال آهي ته جڏهن فڪري روايت هڪ آهي، نعرو ۽ جهنڊو به ساڳيو آهي ۽ ماڳ جي دعويٰ به ساڳي آهي ته پوءِ ڏهن کان وڌيڪ گروهن جو ڪهڙو جواز بچي ٿو؟ عوامي تحريڪ جنهن چئن ڏهاڪن کانپوءِ پنهنجو نالو بدلائي هاڻي قومي عوامي تحريڪ رکيو آهي، اُها هيستائين انيڪ ڀيرا تنظيمي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي چڪي آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ کي به اڍائي ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، پر ڏسبو ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ پارٽيءَ جا سينيئر ڪارڪن، جيڪي پارٽيءَ جا باني ميمبر به هئا، مختلف وقتن تي گروهن جي صورت ۾ پارٽيءَ کان ڌار ٿيندا رهيا آهن. تازو چونڊن کانپوءِ منجهن ٿيل ٽوڙ ڦوڙ هن پارٽيءَ کي ڪاپاري ڌَڪ هنيو آهي. سنڌ يونائيٽڊ پارٽي اڃا پنهنجي ابتدائي مرحلي ۾ آهي، پر چونڊن کان اڳ ئي ڪجهه اهم اڳواڻ پارٽيءَ کي ڇڏي ويا. جي انهن ”پارٽين“ کان ان جو سبب پڇبو، ته وٽن ان جو تمام سادو جواب هوندو ته اهي ڪارڪن غدار ثابت ٿيا. ان ڳالهه کان قطع نظر ته انهن پارٽين مان نڪتل ڪارڪنن سماج ۾ وڌيڪ مثبت ڪردار ادا ڪيو يا نه، پر سوال اهو آهي ته ان ۾ بنيادي ڪمزوري انهن سياسي پارٽين جي آهي يا رڳو ڪارڪنن جي؟ جيڪڏهن انهن پارٽين جي تنظيمي صلاحيت، عوامي سگهه، نظرياتي پختگي ۽ ساک اُتساهيندڙ هجي ها ته پوءِ پارٽين مان نڪرندڙ يا خارج ٿيندڙ ڪارڪنن کي بنيادي ڏوهه به ڏجي ها، پر سنڌ ۾ قومي ۽ وطن دوست سياست جي دعويدار سياسي تنظيمن جي سگهه ۽ ساک سنڌ جي سامهون آهي، ان ڪري انهن سياسي تنظيمن کي رڳو ڪارڪنن کي غداريءَ جا لقب ڏئي پنهنجي جِندُ آجي نه ڪرائڻ گهرجي. ان جو حل حقيقت پسنديءَ سان پنهنجو تنقيدي جائزو وٺڻ ۾ آهي.

    ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پنهنجين سمورين ڪوتاهين باوجود سنڌ جي قومي ۽ ترقي پسند سياست جو ئي نتيجو آهي، جو اڄ سنڌ ۾ قومي شعور گهڻو اُسريل ۽ سگهارو آهي. پاڪستان جي ٻئي ڪنهن به صوبي يا قوم ۾ قومي شعور ايترو سگهارو ناهي، جيترو سنڌ ۽ سنڌين ۾ آهي. اها قومي سياست ئي آهي، جنهن جي مسلسل اَڀرين سڀرين جدوجهدن ۽ تحريڪن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ عوامي سطح تي تحرڪ تمام گهڻو آهي (جيتوڻيڪ هينئر ان ۾ سنڌي ميڊيا جو به اهم ڪردار آهي). سنڌ جي قومي مفادن تي سنڌ جي عوام جي وسيع تر ٻَڌي پڻ سنڌ جي قومي سياست جو ئي ڦل آهي، پر ساڳئي وقت اِها به حقيقت آهي ته سنڌ ۾ چئن ڏهاڪن جي قومي ۽ ترقي پسند وطن دوست سياست جي باوجود سنڌي عوام کي انقلابي نه ته ڀلا گهٽ ۾ گهٽ عوامي ليگ جهڙي ڪا معياري سياسي پارٽي به نه ملي سگهي آهي. ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته سنڌ جي قومي سياست جي دعويدار تنظيمن جو اثر رڳو پنهنجي ڪارڪنن تي آهي، پر انهن جو سنڌي عوام ۽ خاص طور هارين، مزدورن، نوجوانن ۽ نارين سان ڪوبه وسيع تر سڌو تنظيمي لاڳاپو نه آهي. اها به حقيقت آهي ته پورهيت طبقا ته پري جي ڳالهه پر سنڌ ۾ 50 لک جي لڳ ڀڳ موجود ۽ گذريل چئن ڏهاڪن ۾ اُڀري آيل سنڌي وچولي طبقي جو هڪ سيڪڙو به انهن تنظيمن ۾ موجود نه آهي. سنڌي سماج جو تعليم يافته معياري طبقو سنڌ جي قومي ۽ ترقي پسند وطن دوست سياست جي دائري کان ٻاهر آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو ان کي رڳو وچولي طبقي جي موقعي پرستي سمجهي ته اِها ڪوتاهه نظري ٿيندي. سوال آهي ته ڇا سنڌ جون قومي ۽ وطن دوست سياست جون دعويدار تنظيمون اهڙي معيار جون آهن، جو اُهي سنڌ جي وچولي طبقي جي گهڻائيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهن يا اُهي انهن کي سچ پچ به پنهنجين صفن ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنجيده هجن؟ مان ته سمجهان ٿو ته انهن جي خواهش عملي طور اِها رهي آهي، ته سنڌ جو پڙهيل لکيل وچولو طبقو کانئن پري رهي ته بهتر، ڇاڪاڻ ته اُهي تنظيمون پنهنجي مخصوص مفادن سبب محدود دائرن مان نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.

    مان سمجهان ٿو ته هلندڙ ڏهاڪو نه رڳو سنڌ لاءِ حساس ۽ اهم آهي، پر ان نسبت سان سنڌ جي قومي سياست جي دعويدار تنظيمن ۽ گروهن لاءِ به فيصلائتو آهي. جي منجهن ڪا معياري تبديلي نه آئي ته اُهي وڏيءَ حد تائين سياسي ميدان تي غير واسطيدار ٿي وينديون. اڄ جيڪو سندن ٽڪو پئسو اثر آهي، اُهو به قائم رهندي نظر نه ٿو اچي. ان ڏس ۾ هيٺين نقطن تي غور ڪرڻ جي گهرج آهي.

    (1) سنڌ جي قومي سياست بنيادي طور ساک جي بحران جو شڪار آهي. اها هاڻي ڪا راز جي ڳالهه ناهي ته پاڻ کي قومپرست سڏائيندڙ اڪثر تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن اخلاقي ڏوهن، ڀته گيريءَ، زمينن تي قبضن جهڙن ڪُڌن ڪمن ۾ ملوث آهن. رڳو قاسم آباد جو ئي مثال وٺجي ته ڪو دڪاندار ۽ ڪاروباري ماڻهو کانئن محفوظ ناهي. هاڻي جڏهن پاڻ کي قومي ڪارڪن عوام ۽ سنڌ جي اُڀرندڙ وچولي ڪاروباري طبقي لاءِ عذاب هوندا ته پوءِ ماڻهو کين ڇو قومي ڪارڪن سمجهندا؟ ڇا اهو الميو ناهي، ته جنهن سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، چاچو حفيظ قريشي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، شهيد فاضل راهو، شهيد نظير عباسيءَ جهڙا املهه ماڻڪ پاڻ کي قومي ڪارڪن سڏائيندي فخر محسوس ڪندا هئا، اُتي اخلاقي ڏوهن ۾ ورتل، چوريون، ڦُرون ۽ ڀته گيري ڪندڙ ڏوهارين کي به قومي ڪارڪن سڏيو وڃي. جن تنظيمن جي صفن ۾ ڏوهاري عنصر يا ڪارڪن آهن، اُنهن کي هرگز قومي سڏڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪوبه ڏوهاري قوم، وطن ۽ عوام جو ساٿاري نه ٿو ٿي سگهي. الميو اهو به آهي ته جن وطن دوست تنظيمن ۾ وري اخلاقي ڏوهن ۾ ورتل ڪارڪن ناهن، اُتي وري اهڙو اڻ سهپ ۽ انتهاپسنديءَ وارو سياسي ڪلچر جوڙيو ويو آهي، جو اُهي خودپسنديءَ جي نرگسيت ۾ مبتلا ٿي ٿا پون، جنهن سان پڻ ساک جو بحران جنم وٺي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ جيئي سنڌ محاذ (خالق جوڻيجو گروپ) ۽ عوامي جمهوري پارٽيءَ جهڙيون تنظيمون به آهن، جيڪي انهن ٻنهي لاڙن کان آجيون آهن، پر سندن تنظيمي ۽ سياسي سگهه تمام محدود آهي. ان ڪري ساک جي بحران ۾ مبتلا تنظيمون ڪڏهن به وسيع تر عوامي ۽ سگهاريون تنظيمون بڻجي نه سگهنديون.

    (2) مون اها ڳالهه بار بار لکي آهي ته فردن ۽ خاندانن جي ذاتي ملڪيت طور هلندڙ سياسي تنظيمون ڪڏهن به گهربل سگهه حاصل نه ڪري سگهنديون. وڏيرڪيون جماعتون شخصيت پرستيءَ ۽ خانداني سياست جي بنياد تي ان ڪري هلن ٿيون، جو اُهي بار بار حڪومتن ۾ اچن ٿيون ۽ پاور سان جُڙيل رهڻ سبب ماڻهو انهن مان ذاتي مفاد حاصل ڪن ٿا، پر هيٺئين وچولي ۽ وچولي طبقي جون قومي سياست ڪندڙ تنظيمون ساڳيءَ طرح ڪڏهن به سگهه حاصل نه ڪري سگهنديون. اها شخصيت پرستي ۽ خانداني سياست ئي آهي، جنهن سبب سنڌي سماج جي وڏي گهڻائي، انهن تنظيمن ۾ شامل نه ٿي ٿئي، جو کين معلوم آهي ته انهن پارٽين ۾ اندروني طور ڪابه جمهوريت نه آهي ۽ منجهن فيصلا ادارن بجاءِ مخصوص فرد ۽ تاحيات اڳواڻ ڪن ٿا. سماج ۾ شعور هڪ مسلسل تخليقي عمل آهي ۽ تاحيات اڳواڻيءَ جو ڪلچر ان آڏو غيرفطري بند ٻڌي ٿو. ان ڪري جيستائين سنڌ جون قومي سياست جون داعي تنظيمون ۽ گروهه پنهنجو سياسي ۽ تنظيمي ڪلچر تبديل نه ڪنديون، تيسين منجهن سچ پچ قومي سگهه پيدا ٿئي، اهو ممڪن نه آهي.

    (3) سنڌ جي قومي سياست جي اڪثريتي تنظيمن وٽ رڳو سَکڻا نعرا، ٺلهيون دعوائون آهن ۽ انهن جو منطقي نتيجو سامهون آهي. ستر جي ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۽ اَسيءَ جي ڏهاڪي ۾ انهن وٽ وري به سگهارا نظرياتي بنياد هئا. مثال طور سائين جي ايم سيد پنهنجي سوچ کي ڪتابن ۾ واضح ڪيو ۽ پليجي صاحب پڻ پنهنجي نظرياتي واٽ کي انيڪ ڪتابَ لکي چِٽو ڪيو. اَسيءَ جي ڏهاڪي کانپوءِ نظرياتي سياست زوال پذير ٿي ۽ شخصيت پرستي، نعري بازي ۽ اشوز جي ايڊهاڪ سياست جو لاڙو انهن تنظيمن تي حاوي ٿي ويو. ان ڪري نظرياتي زوال مان نڪرڻ کانسواءِ سنڌ جي قومي ۽ وطن دوست سياست ۾ معياري تبديلي ممڪن نه آهي. آهي ڪنهن تنظيم وٽ معروضي حالتن مطابق سائنسي تجزيو ته سنڌي عوام کي ڪهڙي سياسي واٽ وٺڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ سندن واٽ ڇو ۽ ڪيئن ٺهڪندڙ آهي؟ اڪثريتي تنظيمن وٽ ته پنهنجو ڪو واضح منشور به ڪونهي ۽ نه وري وٽن ڪو چِٽو پروگرام آهي ته اُهي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي درپيش چئلينجن کي ڪيئن مُنهن ڏيندا؟ ساڳي صورتحال حڪمت عمليءَ جي سوال جي آهي. سياست ۾ نظريي، منشور ۽ پروگرام سان گڏ حڪمت عمليءَ جو سوال پڻ تمام اهم آهي. سنڌ جي قومي ۽ وطن دوست سياست ۾ حڪمت عمليءَ جو سوال گهربل سنجيدگيءَ سان کنيو ئي نه ويو آهي. جيڪا سياست رڳو ايڊهاڪ ازم جو شڪار هجي، ان وٽ ڪهڙي ڊگهي مُدي واري حڪمت عملي هوندي؟ سنڌ جي قومي ۽ وطن دوست سياست جي دعويدار سياسي تنظيمن وٽ هر مسئلي جو حل بک هڙتال، جلوس، جلسو يا وڌ ۾ وڌ نالي ماتر لانگ مارچ ۽ ڪمزور ڌرڻا آهن، جنهن سان سنڌ مخالف قوتن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چُري. سندن ان سوال سان واسطو ئي نه آهي ته هو پنهنجين خواهشن يا دعوائن مطابق طئي ڪيل مقصد ڪيئن حاصل ڪنديون؟ ظاهر آهي ته سنجيده ۽ سائنسي حڪمت عمليءَ کانسواءِ مقصد حاصل ڪرڻ ممڪن نه آهن ۽ حڪمت عمليءَ جو سوال ئي هتي گم آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جون لڳ ڀڳ سموريون جدوجهدون بي نتيجه آهن. سنڌ جو آجپو ته پري جي ڳالهه، پر سنڌ جا شهر، وسيلا، درياهه، حاڪميت جو حق، دائمي اڪثريتي حيثيت به اسان پنهنجي مرضيءَ مطابق بچائي نه سگهيا آهيون. ان ڪري سنڌ ۾ نظريي ۽ حڪمت عمليءَ جي سوال کي وري گهربل سنجيدگيءَ سان کڻڻ جي ضرورت آهي. زرعي سماج جو گهڻو زور هونئن به رٿابنديءَ تي گهٽ ۽ توڪل تي وڌيڪ هوندو آهي، اهو ساڳيو حال اسان جو قومي سياست جي ميدان تي به آهي.

    (4) وڏيرڪي سياست جي اصل سگهه تنظيمي صلاحيت نه پر اقتداري سياست هوندي آهي، پر قومي، طبقاتي ۽ حقيقي عوامي سياست جي اصل سگهه تنظيم هوندي آهي. سنڌ ۾ اَسيءَ جي ڏهاڪي تائين قومي ۽ وطن دوست تنظيمن جي تنظيمي صورتحال اڄ جي ڀيٽ ۾ وري به بهتر هئي. ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت جو حال گهڻو بهتر هو، نظرياتي بحث مباحثا معياري هئا، ڪارڪن معياري سرگرمين ۾ متحرڪ هئا، پر جيڪڏهن اڄ ڏسجي ته ڪنهن به تنظيم وٽ بين الاقوامي ۽ ملڪي ته ٺهيو پر سنڌ ۾ به ڪنهن سنجيده فورم تي بيهارڻ جهڙا پنج ماڻهو به نه آهن. جن ٽن تنظيمن هن سال 11 مئي جي چونڊن ۾ حصو ورتو، اُنهن وٽ سڄيءَ سنڌ ۾ بيهارڻ لاءِ ڏهه مضبوط اميدوار به نه هئا. سوال آهي ته ڇا ان تنظيمي سگهه جي آڌار اِهي تنظيمون رياست، سنڌ دشمن قوتن ۽ وڏيرڪي سياست جو مقابلو ڪري سنڌي عوام کي گهربل نتيجا ڏينديون؟ ظاهر آهي ته جڏهن متبادل اڳواڻيءَ لائق ماڻهو پيدا ئي نه ڪبا يا انهن کي برداشت ئي نه ڪبو ته پوءِ تنظيمن ۾ قيادت ڇا آسمان مان ايندي؟ 21هين صديءَ ۾ به اسان جون اهڙيون تنظيمون آخر مخصوص فردن جي تاحيات اڳواڻيءَ ۾ ويساهه رکن ٿيون ته پوءِ تنظيمون ڪيئن ۽ ڇو سگهاريون ٿينديون؟ اسان جون اِهي تنظيمون نه شهرن ۾ ۽ نه ٻهراڙين ۾، ته پوءِ آخر منجهن گهربل سگهه ڪٿان ايندي؟ وڏن شهرن ۾ متحده ۽ ٻيون قوتون سگهاريون آهن، ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ وڏيرو مضبوط آهي ته پوءِ ڇا پنج ڪروڙ سنڌين کي نجات رڳو تعليمي ادارن ۽ قاسم آباد يا نسيم نگر جي ”سرگرمين“ مان ملندي؟

    (5) مڙئي ڪم ٽپائڻ خاطر محدود، بي نتيجه ۽ سدائين اڌ ۾ ڇڏيل جدوجهدون حقيقت ۾ هڪ طرف عوام جو اهڙين “جدوجهدن” مان ويساهه کڻائين ٿيون ته ٻئي طرف دشمن کي سگهارو ڪن ٿيون، جو اهو سندن “پاڻي” ڪڇي ٿو وٺي. ڪامريڊ مائوزي تنگ چيو هو ته هلڪو ڌڪ ۽ اُٻهرو حملو دشمن کي سگهارو ڪندو آهي. ون يونٽ خلاف اسان جي جدوجهد شاندار پر اهو ٽُٽو تڏهن، جڏهن اُهو وڌيڪ هلي نه ٿي سگهيو، سنڌي ٻوليءَ کي اڄ تائين گهربل درجو نه مليو، ڪالاباغ ڊيم کڻي نه ٺهيو، پر گريٽر ٿل ڪئنال ٺهي ويو ۽ ان لاءِ پاڻي به کڄي پيو، پنو عاقل ڇانوڻي ٺهي وئي، ”اڍائي لک بهاري نه کپن“ جا نعرا لڳا، پر انهن سميت چاليهه لک پرڏيهي ڌاريا اچي ويا، ”شهر ڪنهن جا، سنڌين جا، روڊ ڪنهن جا سنڌين جا“ جا نعرا ته جام لڳا، پر رڳو ڪراچيءَ ۾ رهندڙ چاليهه لک سنڌين جو هڪ سيڪڙو به سياسي طور منظم نه ٿيو، جو اُتي ڪا اثرائتي تنظيم ڪاري آهي ئي ڪونه. اسان ته شهرن جي مالڪي نه ڪئي، پر رهندو متحده سڄي سنڌ ۾ تنظيمي ڄار وڇائڻ ۾ ڪامياب وئي، سنڌ جي تعليم مرڻينگ، صحت، ترقياتي ڍانچي جي حالت پاڪستان ۾ بدترين سنڌين جي علائقن جي آهي. سوال اهو آهي ته پوءِ ڪهڙي سنڌ جو آجپو، ڪهڙي سنڌ ۾ انقلاب يا تبديلي؟ مان سمجهان ٿو ته هاڻي ننڍڙا ننڍڙا ئي سهي، پر عوام کي ٺوس نتيجا ڏيکارڻا پوندا. سنڌ جو ماڻهو بي معنيٰ دعوائون ٻُڌي هاڻي وڌيڪ بدظن ٿئي ٿو.

    (6) سنڌ ۾ هر تنظيم ۽ گروهه کي پنهنجي پنهنجي سگهه جي ڀليءَ ڀت پروڙ آهي. کين خبر آهي ته اُهي اڪيلي سر ڪيتري جدوجهد هلائي سگهن ٿا ۽ ڪهڙا نتيجا حاصل ڪري سگهن ٿا. هڪ صلاحيت، سنجيدگيءَ، سگهه ۽ ساک جي کوٽ ۽ ٻيو اتحادن کي فضيلت سان هلائڻ جي رويي ۽ سياسي ڪلچر جي کوٽ. دنيا ۾ ڪهڙي قومي تحريڪ آهي، جيڪا وسيع تر ۽ جٽادار اتحادن کانسواءِ ڪامياب ٿي هجي. ڇا اهو ممڪن ناهي ته هاڻي رڳو نعري بازي ۽ “نه کپي، نه کپي” تي زور ڏيڻ بجاءِ ڪنهن ڊگهي مُدي واري وسيع تر اتحاد جو بنياد رکي، نه رڳو ان جو منشور ۽ پروگرام، پر ان کان به وڌيڪ اهم آئين جوڙجي، ته آخر گڏ ڪيئن هلي سگهجي ٿو؟ سنڌ کي درپيش جيڪي اجگر جيڏا چئلينج آهن، اُهي اڪيلي سر ڪنهن جي به منهن ڏيڻ جي وَس ۾ نه آهن ۽ نه وري سنڌ ۾ رات وچ ۾ وڏين سگهارين تنظيمن جي اُڀرڻ جو امڪان آهي. جيسين ايئن ٿئي، تيسين ان عبوري دور ۾ سنڌ کي ڪو سگهارو ۽ جٽادار ۽ ساک وارو وسيع تر قومي اتحاد يا پليٽ فارم ئي سهارو ڏئي سگهي ٿو، جنهن ۾ تنظيمن سان گڏ سنڌ جا دانشور، اديب، فني ماهر ۽ ٽيڪنوڪريٽ پڻ شامل هجن. شرط اهو آهي ته اهڙو پليٽ فارم ڊگهي مُدي لاءِ هجي ۽ ان جو واضح منشور ۽ آئين هجي.

    جيتوڻيڪ سنڌ جي قومي سياست جي مثبت ۽ منفي پاسن تي اڃا به گهڻي ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي ٿي، پر ظاهر آهي ته هڪ ويهڪ يا هڪ مضمون ۾ ايترو ئي ممڪن هو. مان اُميد ڪريان ٿو ته هن ڀيري سنڌ جي قومي سياست جي هن تنقيدي ڇنڊ ڇاڻ جي موٽ ۾ غيرمنطقي ردعمل يا سطحي جذباتيت ۽ خودفريبيءَ بجاءِ انهن تي گهربل سنجيدگيءَ سان غور ڪيو ويندو ته جيئن سنڌ جي قومي سياست ۾ ڪا معياري تبديلي اچي سگهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو