• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آزاد نظم "

چاچو چڀڙ خان

سينيئر رڪن



تون چوين ٿي ته
تنهجي چپن تي لکان
تنهجي ڳاڙهي گلابي
وڳن تي لکان
چيلهه جي خمَ تي
چال رنگين تي
۽ گلابي ڳلن تي
ڪيان شاعري
تون صحيح ٿي چوين
ٺيڪ سوچين پئي
قصيدو به ڄڻ ڪوئي ٽانڪ هجي!
جيڪو روحن کي راحت ڏئي ٿو ڇڏي
جهٽ گهڙيءَ لئه صحيح
دردَ ميٽيو ڇڏي!
پر او منهجي مٺي!
منهنجي پياري مٺي!
دل چوي ٿي ته اڄ ڪوئي نوحو لکان
مان ڪيان شاعري
ديس جي دردَ تي!
تو جيان ڪيتريون
هِت مِٺيون ٿيون مرن
۽ ابهم بکن تي اجل ٿا وٺن!
ڳالهه ننڍڙي هجي
ڳالهه وڏڙي هجي
روز ڳڀرو مرن ٿا
اسانجا مٺي!
روز جرڳا ٿين
۽ ٿين فيصلا
ملڪ جا پاسبان
ڌارين لاءِ ڪيڏا جتن ٿا ڪرن
ويٺا نيڍون ڏين
۽ پيا سينڍون ڏين
سنڌ سڏڪي پئي
هانوَ هيڻي سان
جهيڻي ۾ ٿي ڄڻ چوي:
”اڄ ته مون تي به لک!“
”اڄ ته مون تي به لک!“
منهنجي دل ٿي چوي
ديس جي دردَ تي
اڄ ڪيان شاعري!
ڪجهه ته مان ڀي ڪيان
ڪجهه ڪرڻ ڏي مٺي!
تون نه دل ۾ ڪجان
ديس تي ٿو لکان
ديس آهي ته تون مان به
آهيون مٺي!
ورنه ڇا ٿو بچي
هي مُهن جو دڙو
۽ لڪيءَ جا جبلَ
يا ڪا ٻي يادگار!
جي اٿئي مونسان پيار
آءُ زنده رهڻ جي ڪيون گفتگو!
آءُ زنده رهڻ جي ڪيون جستجو!
 
منهنجي دل ٿي چوي
ديس جي دردَ تي
اڄ ڪيان شاعري!
ڪجهه ته مان ڀي ڪيان
ڪجهه ڪرڻ ڏي مٺي!
تون نه دل ۾ ڪجان
ديس تي ٿو لکان

بهترين احساس ۔۔۔ سهڻيون سٽون
 
Back
Top