چُنري(ٻانڌڻي)ا

'مختلف موضوع' فورم ۾ باغي عليم طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2013۔

  1. باغي عليم

    باغي عليم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 فيبروري 2013
    تحريرون:
    295
    ورتل پسنديدگيون:
    764
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    پرائيويٽ مُلازم
    ماڳ:
    ڳوٺ لاکو سومرو ٿرپارڪر
    "ٻنڌڻ" مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي "ٻڌڻ"، ٻانڌڻي هند ۽ سنڌ ۾ ٺاهي ويندي آهي. هند جي مختلف علائقن جهڙوڪ گجرات، جئي پُور، اُدهي پُور، ۽ ڀُڄ وغيره جڏهن ته سنڌ ۾ وري لاڙ واري پٽِي ۾ تيار ڪئي ويندي آهي، ۽ اهو ڪم خصُوصن کٽي قوم ڪندي آهي . تاريخ جي مطالعي مان پتو پئي ٿو ته دودي سومري جي پڳ ٻڌڻ کان پوءِ ڪاوڙ ۾ اچي چنيسر ان وقت جي بادشاه علاؤالدين خِلجي جي مدد سان دودي سومري تي ڪاهه ڪئي ۽ دودي جي لشڪر ڀڄي کٽين وٽ پناه ورتي جيڪي ان وقت ڪپڙا رڱي رهيا هيا، کٽين دودي جي لشڪر کي چيو ته توهان بس پهنجا هٿ رنگ سان ڀريل ڪُن ۾ ٻوڙيو ۽ جڏهن چنيسر جي لشڪر اچي کٽين کان پُڇا ڪئي ته انهن سڀن چيو ته هي سڀ کٽي آهن دودي جا ڪي به ماڻهو ناهن اهڙي ريت کٽين دودي سُومري جي لشڪر جي جان بچائي. لطيف سائين به جڏهن هند، سنڌ جي سفر تي نڪتو ته هڪڙي رات کٽين وٽ ترسيو ۽ ٻي ڏينهن کٽين کي دُعا ڏنائين ۽ چند بيت کٽين لاءِ چيائين. ا

    جَي جِتَي سَي تِتَي کَٽِي خُوشَ هَجَنَ؛
    ڪَوڏ مَان پِيَا ڪَپڙَا وِڇَائِين؛
    وَرِيَ ڪَامِلَ ڪَارُونَ ڪَنَ؛
    .اَڱَڻ آئي تِنَ جي "لطيف" چَئي

    کٽي کَيت مَ کَيڙَ، تَوڙي سَونَا جَليَ سَنگڙا؛
    جَهڙا تَهڙا هَٿڙا ڀِينڊين مَٿَان ڦَيرَ؛
    .اَبي ڏَاڏَي هَيرَ وَيهي نه وَڃَائِجَان

    هُوءَ جَي رَنگَ رَنڱين سَي کٽي کَنڀَ کَڻِي وَيا؛
    .اُتَائونَ آڻَيوَ ڏِينَ مَاڻهوَ مَيرا ڪَپَڙا

    [​IMG]
    چُنري(ٻانڌڻي) ٺاهڻ جو طريقو
    چُنري کي ڪيترن ئي مرحلن مان گذاري تيار ڪيو ويندو آهي، سڀ کان پهرين سفيد رنگ جي ڪپڙي کي مخصُوص ماپ ۾ ڪٽي صَرف واري پاڻي ۾ سڄي رات ٻوڙي ٻي ڏينهن ڪڍي سادي پاڻي ۾ ڌوئي صاف ڪري هيڊو رنگ ڪيو ويندو آهي. ان کان پوءِ چُنري کي ڇپائي(چِٽ گل) لاءِ موڪليو ويندو آهي، مختلف ڪاريگر وڏي مهارت سان خوبصورت چِٽ گُل ڇپيندا آهن. انهي سڄي ڇپائي جي ڪم کي مقامي ڪاريگر "سُتيڻُو" ڪري چوندا آهن. ڇپائي کان پوءِ ٻڌائي جو مرحلو آهي، جنهن ۾ چُنري کي مختلف ٻڌائي جي ڪاريگرن ڏانهن اماڻيو ويندو آهي. چُنري تي ٻڌائي جي ڪم کي مقامي ڪاريگر "ڀينڊي يا ڀينڊيون" ڪري چوندا آهن، ۽ اهو ڪم فقط عورتون پنهجي گهرن ۾ ويهي فارغ وقت ۾ ڪنديون آهن. ٻڌائي جو ڪم ڏاڍو ڏکيو ۽ وڏي [​IMG]مهارت وارو آهي. عورتون وڏي مهارت سان ڪپڙي جي ننڊي موتِي جي ڌاڻي جيتري ٽڪري کي ڌاڳي سان ٻڌنديون آهن جنهن کي "ڀِينڊي" چوندا آهن. ۽ اهي ڀينڊيون عورتون ڪپڙي تي ٿيل ڇپائي (چِٽ گُل) تي ٻڌنديون آهن. ٻڌائي کان پوءِ رڱائي جو مرحلو شروع ٿيندو آهي، ٻانڌڻي جو اصلي رنگ ڳاڙهو ناسي(ميرُون) آهي پر ٻيا به ڪيترائي خوبصورت رنگ ڪيا ويندا آهن. سڀ کان پهرين چُنري کي سادي پاڻي ۾ پسائبو آهي بعد ۾ ان جي ٻنهي ڇيڙن تي سُوتلي(ڌاڳي) سان پٽِي ٻڌي ويندي آهي. جنهن کي "ٻُندي" چوندا آهن. ان کان پوءِ وڏي مهارت سان تَر(وچ وارو يا زمين واروحصو) ۽ پاسن يا ڇيڙن وارو حصو الڳ ڪيو ويندو آهي. تَر ۽ پاسن وارن حصن کي الڳ الڳ رنگ ڪيو ويندو آهي، سڀ کان پهرين تَر واري حصي کي سوڙهو ڪري ٿيهلي ۾ ويڙهي سُوتلي سان ڏاڍو ڪري ٻڌو ويندو آهي ته جيئن رنگ تَر يا وچ واري حصي ڏانهن [​IMG]نه وڃي. انهي ٿيهلي ۾ سُوتلي سان وچ واري حصي ٻڌڻ کي "ڪَسَ" چوندا آهن. ڪَسَ ڪرڻ کان پوءِ پاسن وارو حصو رڱيو ويندو آهي، ۽ اهڙي ريت وري پاسن واري حصي کي به ڪَسَ ڪري وچ واري حصو رڱيو ويندو آهي. اهڙي ريت چُنري تي ٻه مختلف رنگ ڪيا ويندا آهن. بعد ۾ پاسن واري حصي کي به کولي سادي پاڻي ۾ چڱي ريت ڌوئي صاف ڪري سُڪايو ويندو آهي. مڪمل سُڪڻ کان پوءِ چُنري تي ٻڌل ڀينڊيُون کوليون وينديون آهن، ڀينڊين کولڻ کان پوءِ چُنري تي خوبصُورت نقش يا چِٽ گُل ظاهر ٿيندا آهن، جيڪي پهرين ڪيل ڇپائي تي ٻڌيا ويندا آهن. ۽ کُلڻ کان بعد انهي ڇپائي جي مڪمل عڪاسي ڪندا آهن. اهڙي ريت پاسن کان سُوتلي سان ٻڌل ٻُنديون به کوليون وينديون آهن، جنهن جي کُلڻ کان پوءِ پاسن کان تقريبن ٻن انچن جي هيڊي رنگ جي پٽي ظاهر ٿيندي آهي. ا

    [​IMG]
    چُنري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل ۽ رنگ
    چُنري جي تياري ۾ تمام گھڻن رنگن ۽ ڪيميڪلن جو استعمال ٿيندو آهي. جنهن ۾ گھڻي قدر ناسي، نيلو، سائو، ڳاڙهو، هيڊو، جامني، واڱرائي، ميندي، مِٽي، گِرَي وغيره استعمال ٿيندا آهن، جڏهن ته ڪيميڪل ۾ ڪاسٽڪ، لوڻ جو تيزاب، گندرف جو تيزاب، ڦِٽڪي، گارنيٽ، نائٽرڪ وغيره انهن هڙني ڪيميڪلن کي ملائي مختلف رنگ ٺاهيا ويندا آهن. ا



    [​IMG]
    چُنري(ٻانڌڻي) جا قسم
    چُنري جا انيڪ قسم آهن جيڪي مختلف قومون پهنجي مختلف ريتن رسمن پٽاندر استعمال ڪنديون آهن، کٽي قوم جيڪا ٻانڌڻي جي خالق آهي اها پهنجي شادين ۾ هڪ مخصوص قسم جي ٻانڌڻي جنهن کي " چاندروڪي" چوندا آهن گھوٽ جي ڪلهن ۾ وجهي پهنجي قومي ثقافت طور استعمال ڪندا آهن. ان کان علاوه ٿري چُنري،سادي چُني، چئوسَرِي چُني، ڇهه سَرِي چُني، اَٺ سَرِي چُني، ، ڏهه سَرِي چُني، ڇهه سَرِي کونڀي، اَٺ سَرِي کونڀي، ڇهه سَرو پڙو، اَٺ سَرو پڙو، ڏهه سَرو پڙو، سادو پڙو، بنارسي چُنري، شيفون چُنري وغيره شامل آهن. چُنري جا قسم انهن مٿي ٿيل مختلف نقش(چِٽ گُل) مان سڃاتا ويندا آهن. ا

    [​IMG]
    چُنري (ٻانڌڻي) جي صنعت جي موجوده حالت
    جيتوڻيڪ انيڪ مرحلن مان گذرڻ بعد تيار ٿيندڙ دلڪش ۽ خوبصورت چُنري جيڪا ڪيترين ئي قومن جي سڃاڻپ آهي بدقسمتي سان سرڪار جي عدم دلچسپي ۽ ڏينهو ڏينهن وڌندڙ مهانگائي سبب تباهي ڪناري آهي. چُنري تيار ڪندڙ ڪاريگر فاقاڪشي ۾ پيا گذارين جڏهن ته جديد مشينن ذريعي تيار ٿيندڙ رنگ برنگي لباس پُڻ چُنري جي صنعت کي گھڻي قدر متاثر ڪيو آهي. پر ڪيترين ئي مقامي قومن جي اڃا به اها سڃاڻپ آهي، ثقافت کاتي وارن کي اها گذارش آهي ته چُنري جهري عظيم ثقافت تي ڌيان ڏئي انهي کي مڪمل تباهي کان بچائن. انور احمد کٽي جي ٿورن سان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. چاچو چڀڙ خان

    چاچو چڀڙ خان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 مئي 2013
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    195
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Sindhri
    واه واه ابل اصل واه جو ونڊ ڪئي اٿئو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ساهن جو درياءُ چئي ٿو اڄ مون ۾
    هن جي چنري آهي ٻوڙي ڪير ويو

    ديوي ناگراڻي

    چنري ۔۔۔ تي هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڪيئي گانا ٺهيا آهن ۽ چنري کي شاعرن به خوب ڳايو آهي۔

    چُنري بابت هي ليک سو به تفصيل سان۔۔۔ سچ ته مون لاء نئون ۽ ڄاڻ وارو مضمون هيو۔ چنري جي صنعت کي بچائڻ لاء سرڪاري سطح سان گڏ نجي اين جي اوز کي به اڳتي اچڻو پوندو۔


    کبھی پونچھے پسینے کو
    کبھی ڈھکتا ہے سینے کو
    کبھی گالوں کو چھوتا ہے
    کبھی منہ لگ کے رہتا ہے
    دوپٹہ لال چنری کا
    لپٹ کر تجھ سے رہتا ہے
    میری پیاسی نگاہوں پر
    ہمیشہ ہنستا رہتا ہے
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو