باغي عليم
سينيئر رڪن
حليم باغي
،سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي
،ڄام شوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃي
،ها! هتان جا سفيدا ٿا گھايو وڃن
.ها ! هتان موتئي جو ڪليون به کڻي هلو
،هڪڙو گل مهر سندس چوٽلي ۾ هڻو
،هوءَ، ڪيڏي نه سهڻي اٿس سوڀيا
،هوءَ، جا منهنجي خوابن جي آ ساڀيا
.هوءَ، ڏسڻ ڏيو اسان کي شرم ٻوٽڙي
،جا هٿ ڇا نظر سان ٺريو ٿي وڃي
،ڇا، چئون دل سان هوءَ ڪجھ ڪريو ٿي وڃي
،ڏينهن ڏٺي جا لٽيندڙ هٿيارن سان بلڪل
.اسان ڀي ٻڌا هن وڏا ڌاڙيوال
،مگر هو ڌاڙا هڻي ٿي دلين تي
،جو نظرن ئي نظرن ۾ ڌاڙا هڻي ٿي
،ملي ٿو نه سڳ
.هو جا مرڪڻي موهڻي ڇوڪري
،سا وڏن وينٽريڪلس ۽ آرڪيلس وچ مان
،سڌا سائينس وينوسس تي هٿ وجھي
،جا (Valve Heart ) مروڙيو ٿي ڇڏي والو هرٽ
.هوءَ جا هر روز هڪڙي نئين ڍنگ سان
،دلين جا در ٻيڪڙيل ٿي اکوڙيو ڇڏي
،ڏاڍن ڏاڍن جا ڇڪا ڇڏايو ڇڏي
،هن کي ڀيٽيون ته ڪنهن ساڻ ڀيٽيون ڀلا
.جي ٿا ڀيٽيون خدا سان
ڪفر ٿيو وڃي
،سنڌ ورسٽي مان جنهن جو گذر ٿيو وڃي
.ڄامشوري جو سو ڄڻ پٿر ٿيو وڃيئئ