باغي عليم
سينيئر رڪن
حليم باغي
،ڄڻ نظر لڳي ويئي هن گھر جي بهارن کي
.ڪو نانگ سراپي ويو نت نينهن نظارن کي
،هن راهه تي جي رميا رولاڪ ئي سمجھن ٿا
.ڳري رات مٿن گذري سا ساک ستارن کي
،نت نيريءَ سانجھيءَ جو اڄ روهه ۾ رڻ جھڻ آ
.ڪو سانگ کان ڪيئن روڪي ڪونجن جي قطارن کي
،هوءَ ڇوليءَ ڇوليءَ ساڻ هڪ ناءُ رواني ٿي
.چنڊ چمندو اڄ ناکئا ڪينجھر جي
،بادل به هٽي ويندا پڻ باک ڦُٽي پوندي
.تون مرڪ ڇنڊي منهن تان کڻ ڪارن وارن کي
،جيئنداسين ڀري جڳ لئه جيئڻ جا جتن ڏيندي
.مئاسين ته ڏئي ڇڏبا هي رڳو هزارن کي۔