اڄوڪو ڏينهن 24 جولاءِ تاريخ جي دريءَ مان

'جولائي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي ڏينهن 24 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

    جنم ڏينهن:

    24 جولاءِ 1924ع ليکڪ ليلا رام ديون داس (ٺارو شاهه / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 جولاءِ 1932ع شاعر غلام شاهه عرف اختر اديب جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
    24 جولاءِ 1938ع سياستدان سيد مراد علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
    24 جولاءِ 1939ع ليکڪ تولا رام راهيجا (سکر / پونو) جو جنم ڏينهن آهي.
    24 جولاءِ 1947ع ڪرڪيٽر ظهير عباس جو جنم ڏينهن آهي.
    24 جولاءِ 1954ع ليکڪ رزاق مهر (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
    24 جولاءِ 1955ع شاعر ۽ ڪالم نگار قاضي منظور (غوثپور) جو جنم ڏينهن آهي.
    24 جولاءِ 1956ع درگاهه جهوڪ شريف جي سجاده نشين صوفي عطاء الله ستاري جو جنم ڏينهن آهي.
    24 جولاءِ 1980ع شاعر محبوب قادري جو جنم ڏينهن آهي.

    وڇوڙو:

    24 جولاءِ 1986ع اردو جي ناليواري ليکڪ قدرت الله شهاب جو انتقال ٿيو.
    24 جولاءِ 2013ع سنڌ نيشنل موومينٽ جو سربراهه، قومپرست سياستدان علي حسن چانڊيو ڪراچي ۾ انتقال ڪري ويو.

    حواله:

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
    روزانه ڪاوش
    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
    وڪيپيڊيا
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي ته سنڌ نيشنل موومينٽ جو سربراهه علي حسن چانڊيو اڄ 24 جولاء 2013ع تي ڪراچي ۾ انتقال ڪري ويو آهي.
    انا الله و انا اليه راجعون

    نوابشاه ضلعي جي دوڙ شهر سان تعلق رکندڙ علي حسن چانڊيو هڪ ڊگهي عرصي کان قومپرست سياست سان واڳيل هيو ۽ ان سان گڏ هو تمام گهڻو سرگرم رهندو هيو. پاڻ تمام سٺو مضمون نگار ۽ بهترين مقرر هيو. ڊگهي عرصي کان سچل ڳوٺ ۾ رهندڙ علي حسن سان هونئن ته ڪيئي ملاقاتون ۽ ڪچهريون هيون پر آخري دفعي جيجل ڪچهري جيڪا سچل ڳوٺ جي شهيد بينظير ڀٽو لائبرري ۾ ٿي هئي اتي پاڻ سنڌ جي مسئلن تي ڳالهايو هئائون. هو ڪراچي ۾ سنڌين جي مسئلن تي کُلي ڳالهائيندو هيو ۽ هر ڏکيي وقت ۾ پاڻ پهچندو هيو.

    علي حسن چانڊيو اڄ رات سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچي ۾ گذاري ويو. ڊاڪٽرن موجب هن کي ڪيترن ورهين جي پراڻي السر هئي، جنهن ڦٽن جي صورت اختيار ڪئي هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ هن جو آپريشن ٿيو هيو، پر هو صحتياب ٿي نه سگهيو ۽ مسلسل بيهوش رهيو.

    سندس اهڙي ڪُمهلي موت تي سنڌ خاص ڪري ڪراچي جا سنڌي گهڻو ڏکايل آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو