پاڪستان ٺاهيو ويو هيو ته امت مسلمه جو هڪ الڳ ملڪ هجي، سڀئي مسلمان آهيون انڪري اسين امن، پيار، محبت ۽ ڀائيچاري سان گڏ رهندا سين ڇاڪاڻ ته اسانجو قبلو هڪ آهي، خدا هڪ آهي، رسول ص ۽ پاڪ ڪتاب هڪ آهي... اسين سڀ گڏجي وطن عزيز جي ترقيءَ لاءِ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندا سين.. جڏهن ته هن وقت صورتحال اها آهي جو اسين هڪ ٻئي خلاف ٿي بيٺا آهيون، سني، شيعه، وهابي ۽ ٻين فرقن ۾ ورهائجي هڪ ٻئي کي واجبالقتل جون فتوائون ٻڌائي رهيا آهيون، اسانجي معاشي حالت 40 واري ڏهاڪي کان به بدتر ٿي وئي آهي... پر اسين جن کان الڳ ٿيا سين اڄ اسان کان وڌيڪ انهن ۾ ٻڌي آهي، هو هڪ ٻئي جي مذهب جو احترام ڪن ٿا.... اسين سڀ مسلمان هوندي به نه ٿا ٺهون پر اتي ڪيترائي مذهبي گروپ ايڪي ۽ پيار سان رهن ٿا.... اڄ اسين انهن وٽان ٽماٽا، بصر، جنريٽر، بجلي ۽ ٽرينن جون انجڻون وٺون ٿا.... پوءِ آخر آزادي ڇو ورتي سين.....؟؟؟
هڪ ڊگهو بحث آهي۔۔ اڳ به اهڙي قسم جي بحث ۾ دوست هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا هيا۔ سڀني کي خبر آهي ته اسان آزادي جي قيمت سنڌ جي بربادي جي صورت ۾ وٺي چڪا آهيون۔ جڏهن اسان جا وسيلا ئي اسان کان کسيا پيا وڃن۔ ٻيو ته مولانا ابو الڪلام آزاد ان وقت به آزادي جي حق ۾ هيو پر ورهاڱي جي حق ۾ نه هو۔ اصل ۾ اسان کي آزادي ڪانه ملي آهي پر ورهاڱي جي روپ ۾ اسانکي غلامي نصيب ٿي آهي۔
هن خطي جو ورهاڱو اسلام جي بنياد تي ٿيو هو۔ ٻه قومي نظريو پيش ڪري هنڌو ۽ مسلمانن کي الڳ الڳ علائقا ڏنا ويا۔ سنڌ اسيمبلي کي اهو اعزاز حاصل ٿيو ته سڀ کان پهرين پاڪستان جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي۔کوڙ سارين قربانين کانپو آخرڪار اسان جو پيارو وطن اسلامي جمهوريه پاڪستان معرض وجود ۾ آيو۔ايستائين ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي۔انکانپو جي ڪهاڻي دردناڪ آهي۔ اسان جي ملڪ تي شروع کان وٺي جاگيردارطبقو ئي پهنجي اثر رسوخ سان حاوي رهيو آهي۔اڄ تائين نه اسلامي قانون لاڳو ٿي سگهيو آ ۽ نه ئي انگريزن جو ڏنل ٽٽل ڦٽل آئين ئي قابل عمل رهي سگهيو آهي۔هن ملڪ تي هڪ مخصوص طبقو ئي هر دور ۾ قابض رهيو آهي۔ غريب غريب ئي رهندو اچي۔ ڀلي اهو پنجابي هجي، پٺاڻ هجي، بلوچي هجي يا سنڌي هجي۔ اهي سڀ ليڊر ڀلي ڪهڙي به قوم، صوبي يا فرقي جا هجن اندروني طور تي مليل آهن۔ ڪيترن جون ته پاڻ ۾ رشتيداريون به آهن، عام دعوتن ۾ جڏهن ملندا آهن ته وهسڪي جا دور هلندا اٿن ۽ سندن ڪچهري جي اهم موضوع ۾ ڪرپشن ڪيئن ڪجي، پنهنجو ڪارو ناڻو ملڪ کان ڪيئن ٻاهر ڪڍجي ۽ گڏوگڏ عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي نون نون طريقن تي به غور ڪيو ويندو آهي۔ حڪومت ڪهڙي به پارٽي جي اچي سندن اثر رسوخ قائم ۽ دائم رهندو آهي۔ پاڪستان جي قيام کان وٺي هن وقت تائين جي اسيمبلي نمائندن جي تاريخ پڙهبي ته اسان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا خاندان ملندا جيڪي ڪروڙين آبادي جي هن ملڪ تي ناحق قبضو ڪيو ويٺا آهن۔ اڄ جڏهن اسان چئون ٿا ته سنڌ آزاد نه آهي ته ان جو وڏو سبب به اهو ئي آهي ته جيستائين عوام جي اصل نمائندن کي حڪومت ڪرڻ جو اختيار نه ملندو تيستائين اها آزادي نما غلامي ختم ڪونه ٿيندي۔۔۔!!! باقي رهي ڳالهه پاڙيسري ملڪ جي ته اتي به ڪم پورا آهن۔ غربت اسان کان وڌيڪ اٿن۔ صرف ممبئي شهر جي آبادي جو هڪ اهم حصو فوٽ پاٿن ۽ گٽر جي وڏن پائيپن ۾ زندگي گذاري ٿو۔ انڊيا جي ڪيترن ئي صوبن ۾ آزادي جي ويڙهه هلندڙ آهي۔ ڪشمير جو مسئلو به شروع کان وٺي اڄ تائين ٻرندڙ آهي۔ جيترا مذهبي فساد انڊيا ۾ ٿين ٿا شايد ئي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ٿيا هجن۔۔۔!!
اسان جي ملڪ تي شروع کان وٺي جاگيردارطبقو ئي پهنجي اثر رسوخ سان حاوي رهيو آهي۔ اوهان جي مٿين جملي سان مان بلڪل به متفق ناهيان۔ منهنجي نظر ۾ شروع کان وٺي فوج ۽ ان قسم جا ادارا ئي اسان جي ملڪ جا حڪمران رهيا آهن۔ باقي سياستدان ته استعمال ٿيندا رهيا آهن۔ جاگيردارن سان گڏ صنعتڪار ۽ مخصوص لابيون پنهنجو پئسو لڳائي فائدا ضاصل ڪن ٿيون۔ ڪجهه نام نهاد اسلام جا ٺيڪيدار پڻ استعمال ٿيندا رهيا آهن۔
فوج جو سياست ۾ ڪردار کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، پر ملڪ کي بگاڙڻ جو وڏو قصور انهن نام نهاد جاگيردارن جو ئي آهي جيڪي سياسي اڳواڻ بڻجي عوام جي خدمت جا نعرا هڻي هر حڪومت ۾ شامل هجن ٿا۔ اهي اصل ۾ سياست جي ڇٽي هيٺان پنهنجي تجورين جا پيٽ ڀرڻ ۾ ئي پورا آهن۔ ڏٺو وڃي ته ملڪ جا سڀ ادارا انهن جي هيٺان ڪم ڪن ٿا۔ اهي اگر ايماندار ۽ حقيقي عوام جا نمائنده هجن ته فوج سميت ڪنهن به اداري کي اها همت ڪو نه ٿيندي جو انهن جو وار به ونگو ڪري سگهي۔ منهنجي نظر ۾ جيستائين حڪومت اصل حقدارن کي نه ملندي، جيستائين اهي نسلي عوامي ٺيڪيدار پنهنڪي دڪان کي تالو نه هڻندا تيستائين ترقي جو ڦيٿو ائين ئي جام رهندو۔ هر ادارو سياستدانن کي ايئن ئي استعمال ڪندو رهندو ڇو جو انهن ڪرپٽ ۽ نااهل حڪمرانن جي دل ۾ چور ويٺل آهي۔