سنڌ نيشنل موومينٽ جي سربراهه علي حسن چانڊيو جي اوچتي وفات تي سنڌ واسين کي ڏک پهتو آهي۔ دعا آهي ته رب ڪريم علي حسن چانڊيو کي جنت الفردوس ۾ اعليَ مقام عطا فرمائي۔۔۔ آمين
ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي ته سنڌ نيشنل موومينٽ جو سربراهه علي حسن چانڊيو اڄ ڪراچي ۾ انتقال ڪري ويو آهي.انا الله و انا اليه راجعون نوابشاه ضلعي جي دوڙ شهر سان تعلق رکندڙ علي حسن چانڊيو هڪ ڊگهي عرصي کان قومپرست سياست سان واڳيل هيو ۽ ان سان گڏ هو تمام گهڻو سرگرم رهندو هيو. پاڻ تمام سٺو مضمون نگار ۽ بهترين مقرر هيو. ڊگهي عرصي کان سچل ڳوٺ ۾ رهندڙ علي حسن سان هونئن ته ڪيئي ملاقاتون ۽ ڪچهريون هيون پر آخري دفعي جيجل ڪچهري جيڪا سچل ڳوٺ جي شهيد بينظير ڀٽو لائبرري ۾ ٿي هئي اتي پاڻ سنڌ جي مسئلن تي ڳالهايو هئائون. هو ڪراچي ۾ سنڌين جي مسئلن تي کُلي ڳالهائيندو هيو ۽ هر ڏکيي وقت ۾ پاڻ پهچندو هيو. علي حسن چانڊيو اڄ رات سائوٿ سٽي اسپتال ڪراچي ۾ گذاري ويو. ڊاڪٽرن موجب هن کي ڪيترن ورهين جي پراڻي السر هئي، جنهن ڦٽن جي صورت اختيار ڪئي هئي. ڪجهه ڏينهن اڳ هن جو آپريشن ٿيو هيو، پر هو صحتياب ٿي نه سگهيو ۽ مسلسل بيهوش رهيو. سندس اهڙي ڪُمهلي موت تي سنڌ خاص ڪري ڪراچي جا سنڌي گهڻو ڏکايل آهن.
علي حسن چانڊيو گذاري ويو دوڙ شهر نوابشاهه ضلعي کان پنهنجي حياتي شروع ڪندي، سياستن جا ڪيئي قسم ڏسندي، نوجوان سياسي ڪارڪن ۽ ايس اين ايم جو باني چيئرمين علي حسن چانڊيو اربع رات سائوٿ سٽي اسپتال ۾ گذاري ويو. ڊاڪٽرن موجب هن کي ڪيترن ورهين جي پراڻي السر هئي، جنهن ڦٽن جي صورت اختيار ڪئي هئي. ٽي ڏينهن اڳ هن جو آپريشن ٿيو هيو، هو جانبر نه ٿي سگهيو. اسان سندس ڪُمهلي وفات تي سندس گهر ڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا 2891 اٽيچمينٽ ڏسو
سموري سنڌي قوم جي گهرن ۾ تڏو وڇايل آهي ... ڇاڪاڻ هي جوڌو ڪنهن هڪ وجود جو نه پر سموري سنڌ جو جوڌو هيو ... ۽ جڏهن به ڪو سنڌي جوڌو زندگيءَ جي راند هارائي ويندو آهي، ان ڏينهن اسين پنهنجي گهر ۾ تڏو وڇايل ڏسندا آهيون ... سنڌ جي مالڪي جا سچا دعويدار موڪلائيندا وڃن ... ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا ... تون اڃان ٿو جيئن هاءِ ڙي جيئڙا