اسان جي ڳوٺ ڀرسان ئي سائين رحماني جي مزار آهي جتي هر سال ميلو لڳندو آهي۔۔۔۔ ڪجهه سال اڳ جڏهن مان ميلو گهمڻ ويم ته هاٿي جهڙي ديو هيڪل جانور کي اهڙي طرح ڏٺم جو سندس اڳيون ٻئي ٽنگون هڪ ڪمزور رسي سان سان ٻڌل هيون۔۔۔
مان ڪافي پريشان ٿيم ته اهڙو طاقتوارو جانور هڪ معمولي رسي سان ٻڌل آهي جنهن کي هو بغير ڪنهن طاقت استعمال ڪرڻ جي هڪ معمولي جهٽڪي سان ئي ٽوڙي سگهيو ٿي۔۔۔
سوچيم آخر ڇو اهڙي طاقتور جانور کي هڪ معمولي رسي سان ٻڌو ويو آهي ۔۔۔۔ ڇا اهو ڪو رسڪ نه آهي جو هاٿي اهو رسو آرام سان ٽوڙي ماڻهن کي نقصان ڏئي سگهيو ٿي۔۔۔
آخر ڪجهه سوچي مان اڳتي وڌيس ۽ ڀرسان ئي بيٺل هاٿي جي ماسٽر سان مليم کيس پنهنجي تشويش کان آگاهه ڪندي کائنس پڇيم ته ۔۔”توهان هن ديو هيڪل ۽ طاقتور جانورن کي مضبوط زنجيرن سان ڇو نه ٿا جڪڙيو جو هڪ عام رسي سان هن جي صرف اڳين پيرن کي ٻڌو ويو آهي۔۔۔ جنهن کي ٽوڙي هي نقصان ڏئي سگهي ٿو۔۔۔۔“
هاٿي جي ماسٽر جواب ڏنو۔۔۔۔”جڏهن هي جانور ننڍو ٿيندو آهي ته کيس ان ساڳئي رسي سان ٻڌو ويندو آهي ۽ گهٽ طاقت هجڻ ڪري هي جانور رسو ٽوڙي نه سگهندو آهي ۽ وقت جي گذرڻ سان جڏهن جانور وڏو ۽ طاقتور ٿيندو آهي تڏهن به سندس سوچ تبديل نه ٿيندي آهي ۔۔۔۔ هن جو ساڳيو ئي خيال هوندو آهي ته هو هن رسي کي ٽوڙي نه ٿو سگهي۔۔۔۔۔“
مان حيران ٿي ويس۔۔۔۔ هي طاقتور جانور آرام سان پنهنجي مضبوط جسم جي هلڪي جهٽڪي سان ان رسي کي ٽوڙي سگهيو ٿي ۔۔۔ پر جيئن ته ننڍي هوندي هن رسي ٽوڙڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي هوندي پر بار بار جي ناڪامي کان پوءِ هن سوچي ڇڏيو هوندو ته ان معمولي رسي کي هي ٽوڙي نه سگهندو۔۔۔۔
سبق؛ هن هاٿي وانگر اسان مان ڪيترا ماڻهون هوندا جيڪي بار بار ناڪام ٿيڻ کان پوءِ جيت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيهر ڪوشش ان ڪري ترڪ ڪري ڇڏيندا هوندا ته هو ڪڏهن به ڪامياب نه ويندا۔۔۔۔ جڏهن ته جيت انهن جي هڪ قدم جي فاصلي تي هوندي آهي۔۔۔۔ ان ڪري اسان کي هميشه تيسيتائين ڪوشش جاري رکڻ گهرجي جيسيتائين فتح نه ٿي ملي۔۔۔۔