صدارتي اليڪشن جي حوالي سان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2013۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    صدارتي اليڪشن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو پهرين ڏينهن ئي شديد تنقيد جي زد ۾ آيو آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن راجا ظفرالحق درخواست جمع ڪرائي انهي ئي ڏينهن ڪيس جي تاريخ لڳي، ٻئي ڏينهن ٻڌڻي بعد فيصلو به اچي ويو، نامزدگي فارم داخل ڪرائڻ بعد جڏهن رضا رباني ۽ اعتزاز احسن کي انهي فيصلي جي صحافينجي واتان هڪ سوال جي صورت ۾ خبر پئي ته سندن چهرن جا رنگ اڏامي ويا، اعتزاز احسن چند سيڪنڊن ۾ پاڻ کي سنڀاليو ۽ فوري رد عمل ڏيندي هن چيو ته اسان انهي فيصلي کي ان ڪري نٿا قبول ڪريون ،ڇاڪاڻ ته هن فيصلي ۾ رڳو اليڪشن ڪميشن نه پر اسان به ڌر آهيون ۽ اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ سپريم ڪورٽ جو فيصلو قانوني ناهي. ائين واضح ٿيندو ٿو وڃي ته هن درخواست اچڻ وقت ئي فيصلو ٿي چڪو هو رڳو ٻڌايو ٻئي ڏينهن ويو آهي. ملڪ جي تاريخي صدارتي چونڊ سپريم ڪورٽ جي تڪڙ ۾ ڏنل فيصلي جي ڪري تڪراري ٿيندي پئي وڃي، پر هن سڄي صورتحال ۾ پ پ پ جو نه ايم ڪيو ايم ساٿ ڏيندي ۽ نه عمران خان خاص ڪري عدالتي فيصلي جي حوالي سان، باقي ووٽ جو جيستائين معاملو آهي ته ايم ڪيو ايم اي اين پي قاف ليگ ۽ بي اين پي عوامي پ پ پ جي اميدوار کي ووٽ ڏينديون. جيڪڏهن چونڊون ٿين ٿيون ته ممنون حسين ئي کٽندو ۽ ان بعد ميان صاحب ڀلي پار وڃي ٻڌي جي حساب ساب عمره ڪندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو