سنڌ جو خوراڪ کاتو بدنظميءَ جي ور، ڪڻڪ خريداريءَ جو هدف پورو نه ٿيو.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شاهين لطيف ، سنڌي ، طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2013۔

  1. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    سنڌ جو خوراڪ کاتو بدنظميءَ جي ور، ڪڻڪ خريداريءَ جو هدف پورو نه ٿيو

    ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو) سنڌ خورا ڪ کاتو انتظامي بدنظمي ۽ بارداڻي جي کوٽ سبب ڪڻڪ جي خريداري جو 13 لک ميٽرڪ ٽن ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگھيو، هڪ لک 40 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ گھٽ خريد ڪئي ، جڏهن ته خوراڪ کاتي وٽ ڪڻڪ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ گدام نه هجڻ سبب خريد ڪيل 10 لک 60 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ مان 15 ارب رپين جي ماليت جي 5 لک مئٽرڪ ٽن ڪڻڪ کليل آسمان هيٺ رکيل هجڻ سبب برساتن ۾ خراب ٿيڻ جو خدشو، اها ڪڻڪ نوشهروفيروز، بينظير آباد ، دادو ، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، قمبر-شهداد ڪوٽ ۽ ٻين ضلعن ۾ رکيل آهي، سنڌ ۾ چوماسي جي برساتن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، خوراڪ کاتي پاران ان اربين رپين جي ڪڻڪ جو ذخيرو بچائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جا جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا آهن، گذريل پنج سالن کان حڪومت هر سال ڪڻڪ جا نوان گدام ٺاهڻ جون دعوائون ڪندي رهي آهي جيڪي اڄ تائين پوريون نه ٿي سگھيون آهن ، گذريل 2011 ۽ 2012 ع جي برساتن ۾ به لکين ٽن ڪڻڪ برساتن سبب تباھ ٿي هئي، خوارڪ کاتي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هلندڙ سال به تيز برساتون پيون ته ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ خراب ٿي سگھي ٿي. خوراڪ کاتي جو چوڻ آهي هن رمضان شريف ۾ خوراڪ کاتي فلور ملن کي سبسڊي تي ڪڻڪ ان ڪري فراهم نه ڪئي ، جو ان سان عوام کي سڌو فائدو نه ٿي رهيو هو، گذريل سالن ۾ ڏنل سبسڊي ضايع ٿي وئي ان ڪري اسان وڏي وزير کي تجويز ڏني ته جيڪا رقم 2 ارب رپيا سبسڊي سستي اٽي لاءِ فلور ملن کي ڏيون ٿا اها رقم سڌو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي انهن غريب خاندانن کي ڏيو جيڪي مستحق آهن ۽ اهو عوام تائين سبسڊي پهچڻ جو بهترين ذريعو آهي، گذريل سالن ۾ خوراڪ کاتي جيڪا ڪڻڪ سبسڊي تي ڏني آهي ان جا 6 ارب رپيا اڃا تائين سنڌ حڪومت خوراڪ کاتي کي نه ڏنا آهن، خوراڪ کاتي جي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته سياسي حڪومت اچي ٿي ته اها اهڙا فيصلا ڪري ٿي جنهن سان ادارن تي مالي ٻوجھه وڌي ٿو، فائدو به نٿو ٿئي ، خوراڪ کاتي موجب اسان هر سال ترقياتي بجيٽ ۾ گدامن اڏڻ لاءِ رقم رکڻ جي تجويز ڏيون ٿا پر اها تجويز منظور نٿي ڪئي وڃي، خوارڪ سڀ کان اهم اسم هجڻ باوجود ترجيح ۾ شامل ناهي، سنڌ حڪومت ٻين ڪيترن ئي غير اهم رٿائن تي اربين رپيا استعمال ڪري ٿي جيڪي ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا، پر هن اهم مسئلي تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي جنهن جي ڪري برساتن ۾ ڪڻڪ خراب ٿئي ٿي. گدامن جي کوٽ آهي ڪرائي تي گدام وٺي ڪڻڪ رکو ٿا ته اها ڏاڍي مهانگي پوي ٿي ، پنهنجا گدام هوندا ته ڪڻڪ کاتي وٽ محفوظ هوندي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو