آصف جيلاني عرب بهار کانپوءِ پهرين عرب دنيا ۾ سلفي تحريڪ وڏي حد تائين محصور هئي، انهن جا گهڻا اڳواڻ يا ته جيلن ۾ قيد هئا يا يورپ ۾ جلا وطني جي زندگي گذاري رهيا هئا. پر عرب بهار ان حصار کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ اوچتو ئي اوچتو سلفي تحريڪ لبيا، تيونس، مراڪش، مصر ۽ وچ اوڀر جي ٻين ملڪن ۾ گهڻي منظم انداز ۾ سياسي منظر عام تي ظاهر ٿي آهي ۽ گهڻن عرب مبصرن جي خيال ۾ سلفي تحريڪ هن وقت عرب دنيا ۾ جمهوريت لاءِ شديد خطرو بڻيل آهي. گهڻن ماڻهن کي هن ڳالهه تي سخت حيراني ٿي ته مصر ۾ جتي اسلامي تنظيم اخوان المسلمون منظم ۽ مقبول هئي، انقلاب کانپوءِ عام چونڊن ۾ سلفي تحريڪ جي جماعت النور پارٽي ان کي وڏو ڌڪ هنيو ۽ 25 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري پنهنجي طاقت مڃائي. ان جو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته گذريل ڪجهه عرصي کان اخوان المسلمون اقتدار جي حاصلات کي پنهنجو ٽارگيٽ بنائي پارلياماني چونڊون، ميونسپل انتخاب ۽ خاص طور تي شاگردن جي تنظيمن ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ تي زور ڏنو. ان جي ابتڙ سلفي النور اهو ظاهر ڪري ته ان کي اقتدار جي ڪا لالچ ناهي، سياست کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري، سمورو زور خيراتي ۽ امدادي ڪمن تي ڏنو. غربت، بيروزگاري ۽ محرومي جي سنگين مسئلن ۾ گرفتار مصري عوام سلفي تحريڪ کي پنهنجو همدرد ۽ غمگسار سمجهيو ۽ النور پارٽي کي اقتدار ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيا. اهو عجيب اتفاق آهي ته اڄڪلهه سلفين کي گهڻو ڪٽر مذهبي قرار ڏنو وڃي ٿو، پر شروع شروع ۾ جڏهن نائين صدي ۾ عباسي خلافت ۾ سلفي تحريڪ اڀري هئي ته ان زماني ۾ عرب مفڪر يوناني فلسفي جو ترجمو ڪري رهيا هئا، جنهن جو مسلمان دانشورن جي سوچ جي انداز تي گهرو اثر ٿيو ۽ آزاد خيالي جي هڪ لهر هئي، جنهن ان وقت جي عرب دنيا کي هڪ نئون وجدان عطا ڪيو هو ۽ اهو بحث عام هو ته معاشري ۾ مذهب جو ڪهڙو ڪردار هجڻ گهرجي. اهو انداز فڪر 19هين صدي جي آخر ۾ اڀريو، جڏهن مصر ۾ جديديت جا دروازا کليا ۽ مسلم دانشورن صدين جي پسماندگي جو چولو لاهي” اسلاف“ ڏانهن رجوع ڪيو هو ۽ مغرب کان علم حاصل ڪرڻ، ثقافتي تعاون جي حوصله افزائي وارن پنهنجي بنيادن تي ثابت قدم رهيا. اهو دور جمال الدين افغاني ۽ محمد ابده جو هو، جن اسلامي فڪر ۾ هڪ انقلاب برپا ڪيو. موجوده دور ۾ سلفي تحريڪ جي عروج جو هڪ وڏو سبب عرب دنيا خاص طور مصر، لبيا ۽ تيونس ۾ قومپرستي جي بري طرح ناڪامي تصور ڪيو وڃي ٿو. جمال عبدالناصر، حبيب بورقيبه ۽ معمر قذافي قومپرستي کي عوام جي مصيبتن جو علاج سمجهي ۽ ان جي ثمرن جي حاصلات جو واعدو ڪيو هو. اهي ٽيئي ان لحاظ کان ناڪام رهيا ته عرب عوام جي غربت ۽ استحصال جي خاتمي ۽ خوشحالي جو خواب ساڀيان نه بڻجي سگهيو. ان جي نتيجي ۾ انهن ملڪن جي مايوس عوام مذهب جو سهارو ورتو، انهن حالتن ۾ سلفين جو اسلاف جي دور ڏانهن واپسي جو نعرو گهڻو مقبول ٿيو. اڄ سلفي نظريو بنهه مختلف آهي، جيتوڻيڪ معيشت جي باري ۾ سلفين جي سوچ جو انداز گهڻو جديد آهي، پر مذهبي ۽ سماجي معاملن ۾ انهن جي سوچ ڪٽر ۽ انتهاپسند آهي. سلفي اسلام ۾ انهن سمورن نظرين کي رد ڪن ٿا، جيڪي 19هين ۽ 20 هين صدي ۾ آزاد خيالي جي دور ۾ اسلام جي اندر گهڙي آيا هئا. انهن جو چوڻ آهي ته عالم اسلام سڌي راهه تان ڀٽڪي ويو آهي، عرب بهار کانپوءِ جنهن تيزي سان سلفي تحريڪ لبيا، تيونس، مصر، مراڪش ۽ يمن ۾ اڀري آهي، ان جي باري ۾ ڪجهه عرب مبصرن کي اهو شڪ آهي، ته اولهه جون قوتون پردي پويان سلفين کي شهه ڏيئي رهيون آهن، جن جو مقصد عرب انقلاب بعد هن علائقي ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي اتحادي اسرائيل جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۽ حالتن تي پوري طرح پنهنجي گرفت برقرار رکڻ آهي. هاڻي شام جي خانه جنگي ۾ جنهن پيماني تي سلفي جهادين کي ٻارڻ بنايو پيو وڃي، ان جي ڪري انهن شڪ شبهن کي تقويت ملي رهي آهي. لبيا ۾ معمر قذافي جي زوال بعد گذريل جولاءِ ۾ جيڪي عام چونڊون ٿيون هيون، ان ۾ سڀني کي تعجب ٿيو ته سلفين کي الوطن پارٽي ۽ امه الوسط جماعت کان بري طرح شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. امه الوسط کي صرف هڪ سيٽ ملي سگهي ۽ الوطن پارٽي کي ڪابه سيٽ نه ملي. ان سياسي شڪست کانپوءِ هٿياربند سلفي دستن پنهنجون سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. گذريل سال هٿياربندن سلفي جٿن طرابلس مصراته ۽ ٻين شهرن ۾ صوفين جي مزارن، خانقاهن ۽ مسجدن تي حملا ڪيا آهن ۽ انهن کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو آهي. لبيا، تيونس ۽ مصر ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ هاڻي سلفين جو منصوبو انهن ملڪن ۾ صوفين جي مزارن ۽ خانقاهن تي حملا ڪرڻ لاءِ هٿياربند دستا موڪلڻ جو آهي. تيونس ۾ سلفين انقلاب ۾ ڪوبه حصو نه ورتو هو. انقلاب دوران نعرو آزادي، وقار ۽ روزگار جو لڳو هو، شرعي قانون نافذ ڪرڻ ۽ اسلامي مملڪت قائم ڪرڻ جو ڪوبه نعرو نه هو. نتيجو اهو ٿيو ته آڪٽوبر 2011ع جي چونڊن ۾ سلفي تحريڪ کي بري طرح سان ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو ۽ ان جي مقابلي ۾ اعتدال پسند اسلامي جماعت النهضته زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ان ٻن سيڪيولر پارٽين سان گڏجي مخلوط حڪومت ٺاهي آهي. تيونس ۾ سلفي ٻن ڌڙن ۾ ورهايل آهن. هڪ ڌڙو سائينٽيفڪ جبهته اصلاح سڏائي ٿو، جيڪو شريعت جي دائري ۾ جمهوريت کي تسليم ڪري ٿو ۽ ٻيو ڌڙو جهادي آهي، جيڪو انصار الشريعه سڏائي ٿو، اهو جمهوريت کي غير اسلامي قرار ڏي ٿو. ان ڳالهه جو شديد خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهو ڌڙو اتر آفريڪا جي ٻين سلفين سان گڏجي منظم طور تي تيونس ۽ مصر ۾ فوجي ڪارروايون شروع ڪندو. عرب ملڪن ۾ تيل جي دولت جي باوجود عوام غربت جي ڄار ۾ گرفتار آهي، بيروزگاري وڌي رهي آهي ۽ سياسي مايوسي ۽ بيچيني ان پوري علائقي تي ڇانيل آهي. انهن حالتن ۾ ان ڳالهه جو خطرو آهي ته سلفي تحريڪ ان جو ڀرپور فائدو وٺندي ۽ ان پوري علائقي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، مطلب ته هن وقت عرب انقلاب کي سڀ کان وڏو خطرو سلفي تحريڪ کان آهي.روزانه ڪاوش۔۔25۔07۔2013