شهرن ۾ شاپنگ سينٽرن يا وڏن دڪانن تي پي او ايس مشين رکيل هوندي آهي جنهن ۾ اي ٽي ايم ڪارڊ گهمائي (سويپ) ڪري پيسا ڪٽيا يا ورتا ويندا آهن اها مشين ڪٿان ملندي آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪندي آهي؟ انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽ هوندي آهي يا ٽيليفون سان ؟ ڪهڙي بينڪ ڏيئي سگهي ٿي، ڪيئين اپلائي ڪبو؟ ٻهراڙي يا ننڍن شهرن ۾ هلندي يا نه؟ اها ۽ ان سان لاڳاپيل معلومات جيڪر ڪنهن کي هجي ته مهرباني ڪري شيئر ڪري۔
هڪ دوست جيڪو پيٽرو پمپ تي ڪم ڪندو آهي ان کان مون پڇيو ته ان ٻڌايو ته مون کي مڪمل معلومات نه آهي باقي اسان وٽ اها مشين آهي پر في الوقت خراب آهي اسان ڪراچي مان آندي هئي فون ڪنيڪشن تي ڪم ڪندي آهي۔ وڌيڪ معلومات ملي ته انشآء الله تعالى اوهان سان شيئر ڪبي۔