ساري دنيا جا سنڌيو، سنڌ جي گهوٽ شاهه سائين جو راڳ سنڌو ڪنڌيءَ المنظر تي ڳايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جا کوڙ سارا ڏاها، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جو چانسلر محترم سائين مظهر صديقي صاحب جن پڻ شريڪ آهن 22 جنوري سنڌو ڊي تي اسان جي دوست محترم عبدالغفور سمون صرف سنڌ سلامت لاءِ رڪارڊ ڪيو، مون گهڻي ڪوشش ڪئي ته ان راڳ ۽ راڳ کان پوءِ گهريل دُعا کي مرشد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي عرس مُبارڪ جي موقعي تي توهان سڀني سنڌين سان ونڊ ڪريان پر ڳاٺي ڀڳين مصروفيتن جي ڪري ان اعزاز کان محروم رهجي ويس، اڄ بجلي جي بحران کي مُنهن ڏئي هن جي ايڊيٽنگ ڪري يو ٽيوب تي اپلوڊ ڪرڻ کان پوءِ توهان سان ونڊ پيو ڪريان ، لطيف سائين جي شاعري ۾ ايتري ته مٺاس آهي جو جيترو به ٻُڌجي سا گهٽ آهي، سنڌ سلامت جي خالص پيشڪش آهي۔۔۔۔۔
جواب: شاهه سائين جو راڳ سنڌو ڪنڌي المنظر ڄامشوري تي مهرباني دوست ناز! سنڌو ڪناري سر سهڻي ۽ درياه جي ڪڙڪي جو گيت ڳائي، سنڌ لئه دعائون گهري فقيرن ته ڪمال ڪيو ئي ۽ دل باغ بهار ٿي وئي پر اوهان جي محنت جو داد نه ڏين سج کي پٺي ڏيڻ ٿيندو ۔۔۔ اوهان ۽ ادو عبدالغفور مبارڪن جا مستحق آهيو ۔۔۔ جو اهڙو سهڻو ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ لک ٿورا
جواب: شاهه سائين جو راڳ سنڌو ڪنڌي المنظر ڄامشوري تي سائين نثار ناز صاحب جزاڪ الله، لطيف سائين بادشاهه جو راڳ سنڌو بادشاه جي ڪناري تي ڳائڻ جو اهتمام ڪرڻ جو خيال به عاليشان ۽ انهن لمحن کي ڪئميرا ۾ محفوظ ڪري پوري دنيا جي سنڌين تائين پهچائڻ جو اهتمام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري توهان به وڏي نيڪي جو عمل ڪيو آهي۔ سبحان الله۔ ۽ محفل جي آخر ۾ جيڪا دُعا گهري وئي، شال اها دُعا بارگاهِ الاهي ۾ جلد پوري ٿئي۔۔ پرودگار توهان کي شاد و آباد رکي۔ آمين
جواب: شاهه سائين جو راڳ سنڌو ڪنڌي المنظر ڄامشوري تي جي ادا نثار ابڙا، لطيف سائين جا راڳي، هميشهه سُر سُهڻي کان پوءِ ئي الله سائين جي حضور دعائون گهرندا آهن، مزي جي ڳالهه ته لطيف سائين دريا شاهه کي پنهنجي مڪمل موجن ۾ سُر سهڻيءَ ۾ ئي ڏيکاريو آهي، هتي به لطيف سائين جي راڳين، دريا شاهه جي ڪنڌيءَ تي سنڌ جي مهان ڏاهن محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سائين مظهر صديقي جي روبرو ساري دنيا جي سنڌين سامهون دريا شاهه لاءِ دُعا به سُر سهڻي جا بيت پڙهي گهُري آهي، مٺا مان ۽ ادو عبدالغفور سمون انتهائي ٿورائتا آهيون جو توهان مونکي مبارڪون ڏنيون، ۽ اسان جي غريباڻي محنت تي اسان کي داد ڏنو۔۔۔۔
جواب: شاهه سائين جو راڳ سنڌو ڪنڌي المنظر ڄامشوري تي ادا سُلطان شال جُڙيو هُجين، بيشڪ دريا شاهه جي ڪنڌيءَ المنظر تي شاهه سائين جي راڳ جي هيءَ پهرين محفل سا به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ سائين مظهر صديقي سميت پهريون دفعو منهنجي نظر مان گُذري آهي، ان سلسلي ۾تنهنجي بي لوث دُعائن جو مان ۽ ادو عبدالغفور سمون نهايت ئي ٿورائتا آهيون۔ لک لائق مٺا۔۔۔۔۔
جواب: شاهه سائين جو راڳ سنڌو ڪنڌي المنظر ڄامشوري تي سائين توهان جو ڪم ڏسون پيا واقعي لاجواب آهي سائين مظهر صديقي صاحب وري 4 چنڊ لڳائي ڇڏيا